[JUSTIFY] وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني محمد سليمان وساڻ مان جيئن ئي اتي پهتس ته ڀانيم ته سالن کانپوء وري ٻيهر پراڻي وقت جون حسين گهڙيون واپس مليون ااٿم. مان گاڏي مان لهندي ڊرائيور کي چيو ته گاڏي گهر ڪاهي هل اسان وچان ٻنين مان ٿيندا ٿا اچون. جنهن رستي سان اسان هلي رهيا هئاسون ان جي ٻنهي طرف ڪڻڪ جو فصل تياري ڏانهن هيو ۽ ڪٿي سائو ته ڪٿي سونهري لڳي رهيو هو. ڪٿي ڪٿي سرنهن جا ٻوٽا موجود هيا جن ۾ گُل گهٽجي ويا هئا ۽ ڦريون تيار هيون. اپريل مهيني سبب مونکي گرمي به لڳڻ شروع ٿي ۽ پگهر وهڻ لڳو. مان تکو تکو هلڻ لڳس ۽ منهنجو ماسات پريشان ٿي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي. مان کيس ٻڌايو ته اڄ مان ٻار ٿي ويو آهيان ۽ دل ٺينگ ٽپا ڏيڻ ٿي چاهي. زندگيء جي مسئلن جي ور چڙهيل انسان جڏهن ڪا فطرتي آزادي ماڻيندو آهي ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي. مان پنهنجي ماضيء ڏانهن موٽي ويس ۽ اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، گهڻن ئي سالن کانپوء اڄ ان پيچري تي هيس جتان ڪيئي سال صبح ۽ شام اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اتي پهچڻ شرط سوچون مونکي منهنجي ننڍپڻ ڏانهن وٺي ويو. اسان جو اسڪول ڳوٺ کان گهڻو پري هو ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کان گريجوئيشن تائين پيادل گهر کان اٺ يا ڏهه ڪلوميٽر پري وڃڻو پوندو هو. اڍائي ڪلوميٽر پيادل ٻنين جي وچ مان ٿيندا مين روڊ تي پهچندا هئاسون ۽ پوء اتان ڪنهن بس يا ويگن ذريعي اسڪول پهچندا هئاسين. اسان ڄڻ ته پنڌ کي وقت ۾ ماپي ڇڏيو هو ته هيترن منٽن م روڊ تي پهچنداسون. وچ ۾ هڪ واهه ايندو هو جنهن کي علائقي واسي علي بحر واهه سڏيندا آهن. هي واهه اسان جي علائقي جي ٻنين جي ۽ هتان جي ماڻهن جي ترقيء جو ضامن هجڻ سان گڏ ڄڻ ته آبِ حيات آهي. گرمين جي مند ۾ اسان جڏهن اسڪول کان واپس ٿيندا هئاسون ته واهه جي ڪپ تي پهچي ٽوال جو لُنگ ٻڌي ڪپڙا مٽائي، ڪتاب هڪ هنڌ رکي واهه ۾ وهنجي گرميء جو حل ڪڍندا هئاسون. جڏهن اسڪول ۾ گرميء جون موڪلون ٿينديون هيون ته اسان مينهن جا ڌڻ ڪاهي انهن کي وهنجارڻ جي بهاني واهه تي ايندا هئاسون. واهه جي خوبصورتي هوندي هئي ٽالهيء (ٽاريء) جا وڏا وڏا وڻ. جيڪي واهه جي ٻنهي ڪپن تي هوندا هئا. تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ، ڪي ته وري بلڪل واهه جي مٿان ننويل هوندا هئا ڄڻ پاڻيء کي سجدو پيا ڪن ۽ اهي ئي وڻ اسان جي دلچسپيء جو سبب هئا. اسان اهڙن وڻن تي مٿي چڙهي واهه ۾ ٽپ ڏيندا هئاسون. ٽالهيء جا اهي وڻ علائقي جي سڀني، شاخن، واهن جي ٻنهي ڪپن تي هئا. اهي وڻ گرمين جي مند ۾ ڇانورو مهيا ڪندا هئا. گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ واهه جي ڪپ تي ويهي خوب ڪچهري ڪبي هئي. اهي وڻ عام ماڻهن لاء ڪنهن اجهي کان گهٽ نه هئا. شام جو انهن وڻن ۾ ڪيترائي پکي اچي گڏ ٿيندا هئا. پکين جا ولر ۽ شام جو انهن جو موسيقي نما گڏيل آواز جيڪو پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. مان اهو سڀ سوچيندو ڇانوري جي تلاش ۾ واهه جي ڪپ تي پهتس ..... منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن مان ٽالهيء جا وڻ ڳولهيندو رهيس پر پري پري تائين ڪنهن وڏي وڻ جو نالو نشان به ڪونه هو. مان ايئن پئي ڀانيو ڄڻ منهنجو اجهو اجڙي ويو هجي. گرميء سبب مان واهه جي ڀر واري زمين ۾ موجود ٻٻر جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺس. منهنجو ماسات مونکي ڏکارو ڏسي پريشان ٿي ويو. مان کانئس پڇيو ته هي ٽالهيء جا وڻ جو هوندا هيا اهي ڪاڏي ويا ؟ هو چوڻ لڳو ته تون شهر ۾ رهي تبديل ٿي ويو آهين ، يا شايد بي سمجهه بنجڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. هو چوڻ لڳو ته هتان جي پوليس، هتان جا با اثر ماڻهو، ۽ هتان جا عام ۽ اٻوجهه ماڻهو سڀ ملي ڀڳت ڪري سڀ وڻ ڪٽي چڪا آهن. مان ڏٺو ته علي بحر واهه تي ڪٿي ڪٿي ڪو ٽالهيء جو وڻ نظر اچي رهيو هو نه ته سڀ وڻ صاف ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي ماڻهن لاء ڇانو، پکين جا آکيرا ۽ ماحوليات جا سڄڻ هيا سي سڀ ختم ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي سم ۽ ڪلر جي بچاء سان گڏ واهن ۽ شاخن جي ڪپن ۽ بندن جي مضبوطيء جو به اهم سبب هوندا آهن سي هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. مان ڏکندڙ دل سان واپس گهر آيس. ٻئي ڏينهن مان پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي مير واهه، سنهڙو واهه ۽ محبت واهه جو پڻ چڪر لڳايو، سواء ڪجهه جاين جي تقريبن سڀ وڻ ختم ٿي چڪا آهن . هنن وڻن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن ڌاريي، ڪنهن ٻاهرين جو نه پر پنهنجي ئي ماڻهن، پنهنجي نمائندن، پنهنجي ئي انتظاميه ۽ پنهنجي ئي پوليس جا هٿ ملوث آهي. پيرا ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر پنهنجي ئي ويڙهن ڏانهن ويندي پيا نظر اچن. وڻن جي ڪٽائي نه پر ڄڻ ته ماحول جي تباهي ڪري رهيا آهيون. مونکي اهو پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان ڪي اجها اجاڙي رهيا آهيون. [/JUSTIFY]
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔ادا سڄي سنڌ ۾ درياهن ۽ واهن تي پوکيل ٽاليهي جي وڻن سان اهو ويڌن ڪيو ويو آهي۔اڳ ۾ اريگيشن کاتي جا آبدار جو ڪم هوندو هو ته واهن جي ٻنهي پاسن ڪپن تي ٽاليهي۔سرهن ،نيم جا وڻ ۽ انسپيڪشن پاٿ،جنهن تان انهن جي آفيسرن جون گڏيون گذراينديون هيون جي ٻنهي پاسي مختلف قسمن جي گلن جا ٻوٽا لڳائي ان جي حفاظت ڪن،پر لالچ،لوڀ ۽ نفس جي ماريل هن دنيا جي ان کاتي جي پنهنجا آفيسر،ننڍي اسٽاف جي مدد سان ٽاليهي جا وڻ ،جنهن جو ڪاٺ تمام مضبوط ۽ قيمتي هوندو آهي،فرنيچر،درواز ۽ درين ٺاهڻ جي ڪم ايندو آهي،ڪٽرائي يا ته پنهنجي استعمال ۾ آندو ،يا علائقي جي ڪنهن بااثر شخصيت کي تحفي(رشوت ) ۾ ڏنو۔پنهنجي ٿوري مفاد جي ڪري درياهن ۽ واهن جي سونهن ختم ڪري ڇڏي ۔شهر ۽ ڳوٺ جا ماڻهون جيڪي انهن وڻڪار ۽ ٿڌين هوائن جي ڪري ،گرمي جي ڏينهن ۾ پنهنجي ٻارن سان گڏ درياه ۽ واهن جي ڪنارن تي اچي ويهندا هئا۔انهن اجڙيل حالتن جي ڪري اچڻ ڇڏي ڏنو۔توهان جي خيرپور شهر جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ڪافي ساري اهڙا ڪيس آهن ۔جيڪي يا ته ايرگيشن جي عملي جي خلاف،يا وري ايرگيشن جي عملي طرفان علائقي جي ماڻهن جي خلاف درياه ۽ واهن جي ڪپن تان وڻ ڪٽي قيمتي ڪاٺ چوري ڪرڻ متعلق آهن۔سرڪاري زمين تان وڻ ڪٽڻ ۽ ان جو ڪاٺ کڻي وڃڻ به چوري جي زمري ۾ ايندو آهي۔جيڪڏهن اها چوري ڪو خانگي ماڻهون ڪندو ته ان کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 379 جي تحت ٽي سال سزا،يا فائين يا ٻئي ڏئي سگهجي ٿي۔پر جيڪڏهن اها چوري ڪنهن سرڪاري ماڻهون جنهن کي ان وڻ جي حفاطت ڪرڻي آهي يا ان جي ڊيپارمينٽ جي ڪنهن بئي ملازم يا آفيسر ڪئي ته ان کي پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 381 تحت ست سال سزا ۽ ڏنڊ لڳائي سگهجهي ٿو۔ ڪنهن ماڻهون جي گهر مان چوري ڪرڻ سان ان هڪ شخص کي يا ان جي فيملي کي نقصان پهچندو جڏهن ته درياه ۽ واهن جي ڪپن تان وڻ ڪٽي ان جي ڪاٺ کي چورائڻ سان سڄي معاشري کي نقصان پوندو،انڪري پوين چور جو عمل وڌيڪ سنگين آهي،اڳين چور کان۔ادا سائين اسان جڏهن پنهنجي ڳوٺ دادو ويندا آهيون ۽ دادو واه جي ڪپن تي پوکيل پراڻن ٽاليهي ۽ ٻين وڻن سان،جيڪي ان واه جي خوبصورتي ۾ اضعافي جا سبب هئا کي پنهنجي جاء تي نه ڏسندا آهيون ته اسان جي دل جي ڪفيت به ساڳئي ٿئي ويندي آهي جيڪا توهان محسوس ڪئي جڏهن ٽاليهي جا وڻ علي بحر واه تي اوهان نه ڏٺا۔الله پاڪ شل انهن سڀني ماڻهون کي جيڪي ان قسم جا وڻ ڪٽي،ان جو ڪاٺ چوري ڪري ٿا وڃن کي نيڪ هدايت ڏئي ۽ هو ان ڪڌي ڪم کان باز اچن۔آمين۔
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني سائين غلام مصطفى صاحب لک ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان وڌيڪ تفصيلن سان سمجهايو ۽ رهنمائي ڪئي۔ پر سائين نه ته پوليس ڪجهه ٻڌڻ لاء تيار آهي ۽ نه ئي وري ڪيسن جو جلدي اڪلاء ٿو ٿئي۔۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري ڪير وڃي ڪورٽن جا ڌڪا کائي۔ بحر حال اهو سو آهي ته سنڌ کي تمام وڏو نقصان پهچي رهيو آهي۔
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني وڻ ٽڻ ٻوٽا۽ گل به انسان جي پسنديده شين مان آهن شايد ئي ڪو هجي جنهن کي انهن شين سان لڳاءُ يا پيار نه هجي۔ گل ته اهڙي شيء آهي جنهن جي مشاهبيت پنهنجي محبوب کي به ڏني ويندي آهي، گل وڻ ۽ ٻوٽو انسان جو بهترين دوست آهي، هڪ تحقيق مطابق دنيا ۾ پنج لک ٻوٽن يا وڻن جا قسم آهن جنهن جي پوري معلومات ته شايد ڪنهن کي هجي، ( مان پنهنجي ماضيء ڏانهن موٽي ويس ۽ اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، گهڻن ئي سالن کانپوء اڄ ان پيچري تي هيس جتان ڪيئي سال صبح ۽ شام اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اتي پهچڻ شرط سوچون مونکي منهنجي ننڍپڻ ڏانهن وٺي ويو. اسان جو اسڪول ڳوٺ کان گهڻو پري هو ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کان گريجوئيشن تائين پيادل گهر کان اٺ يا ڏهه ڪلوميٽر پري وڃڻو پوندو هو۔۔۔ سليمان وساڻ ) ادا وساڻ صاحب توهان هي مضمون لکي ڪري مون کي به پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڏياري ڇڏيون، ادا توهان وانگر بلڪه گهڻن ماڻهن وانگر مون کي به ساوڪ ، وڻ ٽڻ ، ۽ ٻوٽن سان محبت ۽ پيار آهي، خاص ڪري نم جو وڻ ته مون کي تمام گهڻو وڻندو آهي، مان جڏهن دادو ۾ رهندو هئس ته اتي اسان جي گهر ۾ به هڪ نم جو وڻ هوندو هو، ۽ مون ان نم جي وڻ ۾ هڪ ننڍي کٽ (کٽولي ) ان وڻ ۾ فٽ ڪري ڇڏي هئي، خاص ڪري ان کٽولي تي ان وقت وڃي ويهندو ۽ سمهندو هئس جڏهن بجلي جي لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي هئي ( ۽ هي لوڊ شيڊنگ ته اسان ننڍپڻ کان ٻڌاندا پيا اچون جيڪا اڃان به ختم ناهي ٿي ) پر ادا اهو به ڏينهن جو ڇو جو رات جو ته وڻ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گئس ڇڏيندا آهن سو رات جو سمهڻ نقصان ڪار آهي، اسان جا ماڻهون به ته ڪيترا سادا هوندا هئا، جو چوندا هئا ته ابا رات جو وڻ هيٺان نه سمجهجو۔ ڇو جو رات جو وڻ هيٺان جن هوندا آهن وغيره وغيره،۔۔۔ ادا وساڻ صاحب وڻ جو ذڪر حديثن ۾ به آيل آهي، ۽ وڻ کي عربي ۾ شايد شجر چيوويندو آهي باقي عربي جي سمجهڻ لاء طاهر سنڌي صاحب جي خدمت وٺڻ گهرجي، هون به اسان جي ملڪ ۾ آبادي وڌڻ جي ڪري ماحولياتي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي جڏهن ته ماڻهن طرفان صفائي سٿرائي تي ڌيان نه ڏيڻ ، تعليم جو فقدان ، مناسب قانونسازي نه هجڻ ۽ اقتصادي حالتون بهتر نه هجڻ جا ماحول تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن جنهن سبب ماحولياتي گدلاڻ معاشري جو ناسور بڻجي پيو آهي .صنعتن مان گندگي جي نيڪال ، زمينون ليز تي ڏيڻ ڪري ٻيلن کي وڌڻ ۽ زرعي دوائن جي وڌيڪ استعمال جا ماحول تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، ۽ ان ماحول کي بهتر ڪرڻ لاء اسان کي وڌ ۾ وڌ وڻ ٻوٽا پکڻ گهرجن، ۽ انهن جي صحيح طريقي سان ديک بال ڪرڻ گهرجي، ادا وساڻ صاحب هت مان محترم سائين نواز ڪنڀر صاحب جو هڪ مضمون مقالو نم جو وڻ: لوڪ ڏاهپ جي آرسيءَ ۾ پڻ ونڊ ڪيان ٿو، شايد ان مان ڪجهه فائدو اسان جي هن سهڻي فورم سنڌ سلامت جي ڪجهه دوستن کي ٿئي ، نم جو وڻ: لوڪ ڏاهپ جي آرسيءَ ۾ سنڌ ۾ چوڻي عام آهي؛ “نم جون ڇانئون، مائرن جون دعائون”. نم، تازو سرڪار جي نوٽيفڪيشن مطابق سنڌ جو قومي يا سرڪاري وڻ قرار ڏنو ويو آهي. نم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو. ان جي اصل وطن لاءِ جي نيٽ سان رابطو ڪبو ته ملڪن جي لسٽ ۾ پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش، سريلنڪا، ملائيشيا ۽ اولهه آفريقا جهڙا ملڪ ملندا. ان لحاظ سان نم کي سنڌ جو سنٿالن ۽ دراوڙ لوڪن وانگر اصلوڪو مقامي وڻ چئي سگهجي ٿو. هي وڻ گهڻو ڪري خشڪي وارن علائقن ۾ ٿئي ٿو، ان لحاظ سان سنڌ جي ڏاکڻي ٿر واري علائقي ۾ وڌيڪ ملي ٿو. ملي ته هي جابلو علائقن ۾ به ٿو پر اهي جبل ڪچا ۽ ڀرندڙ جبل هجن ٿا ان کان علاوه هي ميداني علائقن ۾ به ٿئي ٿو. پر هاڻ وڌندڙ سم هن کي سنڌ جي ميداني علائقن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي قومي قرار ڏنل نم جي خاصيتن کي لوڪ ڏاهپ جي عينڪ پائي ڳولبو ته اهي گهڻي ڀاڱي مقامي علاج ۽ حڪمت جي حوالي سان ئي ملنديون. ان کان علاوه هي ڇانو، موسمن جي مٽجڻ، پکين پاران آنا ٻچا ڪرڻ، فصل پوکڻ جي لوڪ ڏاهپ، خوشبو، ڏندڻ، ڪاٺي، مال جي چاري، ۽ پکين جي فروٽ طور ڪم ايندي به نظر ايندو.۔۔۔نم جا قسم:۔۔۔۔۔سنڌ ۾ مقامي ڄاڻو ماڻهن مطابق نم ٻن قسمن جي ٿئي. هڪ چُهچ سائي ۽ ٻي ٿوري هلڪي سائي. چهچ سائي نم جي ڪاٺي وڌيڪ پڪي، وزني ٿلهي ۽ وڏي ٿئي. جڏهن ته هلڪي سائي نم وزن ۾ پوري، پر پن وڌيڪ هجڻ ڪري ڇانو ۾ وڌيڪ ٿيڻ کان علاوه چهچ کان تيار به جلد ٿيندي آهي. ان کان علاوه انهن جي ٻور جو رنگ به الڳ الڳ صفا اڇو ۽ پيلاڻ مائل اڇو ٿئي ته پنن ۾ به واضح فرق محسوس ڪري سگهبو آهي.۔۔۔ڇانءَ:۔۔۔نم جي ڇانءَ گهاٽي ۽ ٿڌي ٿئي ٿي پر جي ڪو هروڀرو نم جي ڇانءَ جو ٻين وڻ جي ڇانءَ سان مقابلو ڪرائڻ تي صفا سندرو ٻڌي بيهي ته پوءِ انهي مقابلي ۾ نم کي شايد سوڀ نصيب نه ٿئي ۽ مقابلو بڙ، ٽالهي ۽ سرنهن (ترتيبوار) کٽي وڃن. جڏهن ته ٻٻر جي ڇانءَ به سٺي ٿئي ٿي پر ڇاڻي وقت “ڪتڙي” ڪرڻ سبب ٻٻر مار کايو وڃي. ڇانءَ ته ٻير ۽ سرنهن جي به سٺي ٿئي ٿي پر جيڪو رات جو انهن هيٺ وهنجي يا لسي کائي ستو ته معنى بخار کي نياپو ڏئي گهرايس پر نم جي هيٺ يا ڇانءَ ۾ ائين ڪو نه ٿو ٿئي. ڀلي محترمه ايلسا قاضي کي نم جي ڇانءَ متاثر ڪري ۽ هوءَ Neem Tree جهڙو زبردست نظم لکي ۽ مائي ڀاڳي ڀلي کڻي “کڙي نيم ڪي نيچي” ڳائي محبوب کي متوجهه ڪري پر ڳالهه جڏهن مقابلي تي ايندي ته پوءِ ڳالهه ڳري ٿي پوندي۔۔۔.لوڪ ڏاهپ ۽ علاج:۔۔۔ڳالهه جڏهن مقامي ۽ لوڪ ڏاهپ وارن علاجن جي نڪرندي ته نم ڪنڌ مٿي کنيو بيٺو هوندو. پر اتي به اڪ اچي سينو ساهيو سامهون ٿيندو اٿس. جتي جتي نم آهي سالن ۽ صدين کان اتي نم مان وڌ مان وڌ ڪم مقامي علاج وارو ئي ورتو ويندو رهيو آهي. مزي جي ڳالهه ته سريلنڪا کان سنڌ ۽ عربستان کان اڇڙي ٿر تائين نم ٿوري گهڻي فرق سان هڪجهڙن نالن سان سڏيو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. اولهه آفريقا ۾ هن کي murubani سڏبو آهي جنهن جو مطلب آهي 40 جو وڻ. معنى ته هي چاليهه بيمارين تي پوي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄوڪي جديد دور ۾ جتي هي ڪيترين ئي ايلوپيٿڪ، هوميوپيٿڪ ۽ حڪمت جي دوائن ۾ استعمال ٿئي ٿو، اتي بام، صابڻ، شيمپو، ڪريم، ٽوٿ پيسٽ وغيره ۾ به استعمال ٿيڻ سان گڏ ڪيترين ئي پيسٽيسائڊ ۾ به استعمال ٿئي ٿو. جي سنڌ جا حڪيم سچا ٿين ته اسان سنڌ واسي اولهه آفريقا جي مقابلي ۾ نم جون چاليهه کان وڌيڪ بيمارين کي لڳڻ واري لسٽ وڌائي سگهون ٿا. نم موسمون مٽجڻ جو اهڃاڻ:۔۔۔۔نم تي موجود لٽريچر ۾ خبر ناهي ڇو موسمون مٽجڻ واري اهڃاڻ ۽ خاصيت واري پاسي مڙئي گهٽ ڌيان ڏنو ويو آهي. يا پوءِ ان ڳالهه کي اهميت نه ڏيندي اها خاصيت رپورٽ نه ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ نم مان ٻيا فائدا حاصل ڪرڻ کان علاوه ان مان موسمون مٽجڻ جو اندازو به لڳائبو آهي. مثال طور؛ جڏهن نم پيلا پن ڪري ڇاڻي ته اها سياري جي پڇاڙي، بهار جي آمد ۽ چيٽ اچڻ جو اعلان هوندو آهي. پن ڇاڻڻ بعد نوان گونچ ڪڍڻ بهار جي ڦوٽهڙي ۽ چيٽ پوکڻ جي وڄايل بگل برابر هوندو آهي. ڪچ ڪري ٻور کڻڻ، چيٽ نئون ٿيڻ جو اعلان هوندو آهي، جنهن دوران ڪڻڪ، چڻا، مٽر ۽ گاهه وغيره پوکبا آهن. نموري ڪچي ٿيڻ وارو وقت سانوڻ جي شروع ٿيڻ وارو وقت هوندو آهي، ان دوران ڪڻڪن ۾ لابارا پئجي ويندا آهن ۽ سانوڻ وارا سڀ فصل؛ ڦُٽي، ساريون، تر، گوار، پوکجي چڪا هوندا آهن. جڏهن ته نموريون پچي ڇڻڻ واري وقت ڦٽي، ڏينن تي هوندي آهي ۽ تِر ڦري کڻي چڪا هوندا آهن. نموري ڇڻي بس ڪئي ته ڄڻ سانوڻ جي مند به بس ڪئي. پوءِ ان دوران بادل وسن نه وسن پر نم ڳوڙهن وانگر نموريون پيو هيٺ ڪيرائيندو آهي. سانوڻ بعد جڏهن نموريون ڇڻي بس ڪنديون آهن ته اهو وقت وري نوان نم ڦٽڻ جو هوندو آهي. جيئن ته نموريون ڪيترا ئي پکي شوق سان کائيندا آهن. ان ڪري نم جو ٻج پکين جي وٺين وسيلي پري پري تائين پکڙجي ويندو آهي. ڪاش رڳو ان قدرتي طرح ڦُٽل ٻج کي ئي اسان سنڀالي وڏو وڻ ڪيون ته اهڙيون موسمي تبديليون ۽ گرميون ڏسڻيون نه پون.۔نم جون نشانيون ۽ پکين جي آنن ٻچن جي موسم: ۔۔۔سنڌ ۾ نم سان نه صرف موسمون ماپبيون ۽ جاچبيون آهن پر ڪي خفتي انهن جي پن پيلا ٿيڻ کان نموريون ڇڻڻ تائين پکين جي آنن ۽ ٻچن جون موسمون به سنڀاليندا آهن. مثال طور نم جي پن پيلا ڪري ڇاڻڻ وارو وقت تتر ۽ ڪڪڙ جي آنن لاهڻ جو وقت هوندو آهي. جڏهن ته گونچ ڪڍڻ وارو وقت آنن مان ٻچا ڦٽڻ وارو وقت سنڀالبو آهي. جنهن کي چيٽ وارو تُور سڏبو آهي. ڪچ ڪرڻ ۽ ٻور لڳڻ وقت اهي پکي وري ٻي تور جي تيارين ۾ هوندا آهن، جنهن کي سانوڻ وارو تور سڏبو آهي. خفتين جي بقول ته چيٽ جي تور وارا ٻچا اڪثر ڪري، شايد هوا وغيره جي سبب بيمار رهندا آهن ۽ گهڻو وقت نه ڪڍي سگهندا آهن. نموريون ڪچيون ٿيڻ وارو وقت طوطي جي ٻچن جو هوندو آهي. نموريون ڪچي مان پڪي ٿيڻ وقت ڪانءَ، ڪوئل ۽ ڪٻر جي ٻچي جو وقت هوندو آهي. نموريون ڇاڻڻ وارو وقت ڪانءَ پاران ٻچا اڏائڻ وارو وقت هوندو آهي.۔۔۔نم جو نالي طور استعمال:۔۔۔اڳي نالا گهڻو ڪري وڻن، گلن، ٻوٽن، ميوي يا صفتن وغيره جي حساب سان رکيا ويندا هئا. وڻن جي حساب سان نالا رکڻ مهل به انهن وڻن جي صفت ڏانهن ڏسبو هو. مثال ڪنڊو يا ڪرڙ نالو رکڻ وڏي عمر جي خواهش يا دعا هجي ٿي ته انب ۽ صوف وري مٺاس جي نشاني. ساڳئي نموني نم کي جيئن ته سُرو وغيره نٿو لڳي، ان ڪري نم نالي رکڻ جو مطلب ٻار کي بيمارين ۽ مصيبتن کان بچائڻ واري خواهش ۽ دعا جو هوندو آهي. شايد نم جي انهن سڀني خاصيتن ۽ خصوصيتن کي سامهون رکي ئي نم کي سنڌ جو سرڪاري ۽ قومي وڻ قرار ڏنو ويو آهي. پر جنهن نموني وڻن جي واڍي هلي رهي آهي ان ۾ ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ايندڙ نسلن کي به نم جو وڻ ڏيکارڻ لاءِ نم جو وڻ ڳولڻو پوي.
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني ادا ممتاز مهربانيون ۔۔۔ هميشه وانگر اوهان تفصيلي ۽ ڄاڻ وارا ڪمينٽ ڪيا آهن۔ سچ پڇو ته هي ڪالم لکڻ وقت ۽ اتي گهمڻ وقت مان پاڻ کي ٻار سمجهي ڄڻ ته ان دنيا ۾ واپس پهتو هيس۔ ڇا ته هيا اهي ڏينهن ۽ اهي يادون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان پنهنجي ماحول جي دوست وڻن ۽ انهن جي اثرات کي سمجهي سگهون۔ لک ٿورا
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني دوستن تمام سٺو بحث ڪيو آهي وڻ ۽ وڻ جي اهميت تي، ۽ مٿان وري سنڌ جي نظام تي ،،،، سليمان جو مضمون به پيرائتو ته مٿان وري ٻين دوستن به پيرائتو بحث ڪيو آهي ، مونکي ته ڪي لفظ ڪون ٿا ملن،،،، باقي ها سليمان جي ڏنل تصوير کي اصل ويٺي ڪي پل ڏٺم ،،،، دل چوي پئي ته لڏو لاهي ان جاءِ تي وڃي ويهجي، انبن جون پيٽيون گڏ هجن، دوست يار گڏ هجن ۽ وهنجڻ سان گڏ ڀت پلاوَ جي دعوت هجي ،،،، سبحان الله سنڌ منهنجي امان سونهن تنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان؟ هاءِ ڙي امڙ سنڌ! ڪنهن بدبخت جي نظر لڳي وئي توکي ،،،
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني سائين نثار سلام ۔۔۔۔۔۔۔ واقعي اهو تصوير وارو منظر سچ ته من ۾ عجيب ڪيفيت ٿو پيدا ڪري ۽ دل چوي ٿي اڄ ئي اهڙي منظر جر ڳولا ۾ نڪري پئجي۔ اهي ڏينهن اهي يادون ور ور ڪري پيون رلائن جڏهن اهڙن وڻن جي ڇانو ۾ ۽ واهن جي پاڻي ۾ خوب وهنجدا هئاسون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني ادا وساڻ واقعي اهي ڏينهن اهي شينهن، ادا واقعي ڪو زمانو هو ته مان به دادو مان پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٽ ڪاڪڙي ويندو هئس، ۽ اتي ائين هوبهو بيئراج سان گڏ ٽالهين جا وڻ هوندا هئا، ۽ اسان بيئراج تي وهنجڻ ويندا هئاسين، ۽ دادو مان جڏهن ڳوٺ جي ڀرسان امير پير ( ياد رهي ته امير پير شايد سنڌ جو اهو واحد پير آهي جيڪو پاڻ ته سيد ڪونهي ۽ ذات جو پنهور آهي پر سندس مجاور وري سيد آهن ۽ اهي به وري وڏي اثر ۽ حيثيت رکڻ وار، ۽ ان جي ڪري اسان جي تر ۾ اهيو پهاڪو يا چوڻي مشهور آهي ته پنهور پير، سيد مجاور۔۔ ان پير جي نالي سان هڪ ڍنڍ به مشهور آهي جنهن کي امير پير جي ڍنڍچيو يوندو آهي، هي ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي دادو ۾ آهي ، سنڌو درياهه جي کاٻي ڪپ تي آهي . جيتوڻيڪ هن وقت هي ڍنڍ مڪمل سڪي وئي آهي ، پر سندس اوج واري دور ۾ هر قسم جي مڇي ۽ پکيءَ جو شڪار ٿيندو هو ۽ ڍنڍ مختلف ڏيهي توڙي پرڏيهي پکين جي آرامگاهه رهي آهي . ) جي ميلي لاء وينداهئاسين ته موٽ تي به انهيء بيئراج ۾ وهنجندا هئاسين، ۽ خوب مزا وٺندا هئاسين۔
جواب: وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني ادا اهڙا ڪيئي ڏک آهن جن تي دل روئڻ لا مجبور ڪندي آهي ۽ انهن لا ڪا جاکوڙ يا ڪو آواز اُٿارڻ لا به دل چئي ٿي ۽ اُهو اوهان جهڙا باشعور دوست ڪن به ٿا پر هتي هن سماج جو ڇا ڪجي جنهن ”جيري خاطر ٻڪري ڪُهڻ“ واري روايت کي ايترو ته مظبوطي سان پڪڙيو آهي جو مُڙن ئي نه ٿا۔ مافيا جو جو دائرو وڌندو وڃي۔ ۽ ڪجهه ماڻهن جي تمام ننڍڙي انفرادي فائدي پٺيان ڪيترن ئي ماڻهن جو ناقابل تلافي نقصان آهي اهو هو سمجهن ۽ سڻن ئي نه ٿا۔ مون کي ياد آهي ته ڳوٺ گهر جي تعمير وقت در ۽ درين جي چوکٽن لا ٻني تي بيٺل اڪيلي ٽالهي جي وڻ کي قربان ڪرڻ جو رٿيو ويو پر مون منع ڪئي ته اهو وڻ بيٺو هجي۔ اوهان اڄڪلهه عام ٿيل اليومنيم جا چوکٽ لڳرايو جيڪي مظبوط به آهن ته وڻن جي بچت لا متبادل به۔ پر انهي مافيا کي ڪير ٻنجو ڏي جيڪي اهي وڻ )خاص ڪري واهن جي ڪپ تان) وڍي شهر پهچائين ٿا جتي ڪنهن شوقين لا ڪو سهڻو فرنيچر ٺهندو (اڌ کان وڌيڪ ويسٽيج/ ضايع ٿيندو خوبصورتي آڻڻ جي چڪر ۾) ۽ اهو فرنيچر سال به نه رکبو جو وري ڪنهن نئين ڊزائين جو شؤق ٿيندو۔ ۽ اهڙا ئي ڪجهه ٻيا عارضي شوق پورا ٿين ٿا وڻن جي ڪاٺ مان۔ پر جي ڏسجي ته اهو وڻ بيهڻ ڏجي ته اهو واهن جا ڪپ سَگها رکي آفتن کان بچائي ۽ سالن جا سال ڪنهن مسافر کي ڇانو ڏي۔ بهرحال نثار واري ڳالهه ته هر پاسي ويل آهي ڪهڙا سور روئي ڪهڙا روئجن۔ پر اوهان هن طرف ڌيان ڇڪائي احساس کي تازگي بخشي۔ ان لا قرب باقي انهي انيا جي ختم يا ازالي لا دعا ئي ڪري سگهجي ٿي۔
هي لکڻي هاري اخبار پاران ڇاپي وئي آهي ، جنهنجي مونکي خبر ڪانه هئي پر ڪنهن دوست اخبار جي ڪاپي موڪلي اطلاع ڏنو۔