ڇا اسانکي هن ئي جمهوريت جو انتظار هو؟؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ گل محمد شاه راشدي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2012۔

  1. گل محمد شاه راشدي

    گل محمد شاه راشدي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    179
    ورتل پسنديدگيون:
    1,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    خيرپور
    هوئن ته لغت جي ڊڪشنري ۾ جمهوريت جي لفظي معنيٰ آهي عوام جي حڪومت عوام جي لاءِ، پر جمهوريت جي ان لفظ جي معنيٰ ان وقت يڪسر تبديل ٿيو وڃي جڏهن اهو لفظ پاڪستان جي سياسي ڊڪشنري ۾ استعمال ٿئي ٿو. اهڙي حقيقت کي توهان پاڪستان جي ماضي جي سياسي تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسي سگھو ٿا، ماضي ته پري جي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن موجوده سياسي حالتن کي به مدنظر رکيو وڃي ته پاڪستان جي سياست ۾ جمهوريت جو مفهوم سولي طرح سمجھي سگھجي ٿو.

    دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو وجود آهي اتي اها حڪومت عوامي منشا ۽ مرضي جي تابع ئي هوندي آهي ۽ وڌ کان وڌ عوامي سهولتون ئي سندس جي ترجيح هونديون آهن. پر اسان وٽ بدقسمتي اها آهي آهي ته جمهوريت جي لفظ کي استعمال ڪندي غير جمهوري عملن جو رواج شروع کان وٺي پئجي رهيو آهي. ڪجھه اهڙي ئي عجيب و غريب صورتحال مان اسان هن وقت به گذري رهيا آهيون جڏهن ملڪ تي پاڪستان پيپلز پارٽي حڪمران آهي اها پارٽي جيڪا هوئن ته سدائين جمهوريت جا دم ڀريندي رهي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي شهداءِ جمهوريت جي پارٽي چورائي ٿي ليڪن حالت هي آهي جڏهن اها اڄ ماڻهن جي ووٽ جي طاقت سان اقتدار جي گرائونڊ ۾ داخل ٿي سگھي آهي ته سندن حڪمراني جي اول ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سدائين عوام ئي مصيبتن جي نشاني تي رهيو آهي. اسان جي ملڪ جا سياستدان ۽ سياسي پارٽيون جيستائين اقتدار کان ٻاهر هونديون آهن ته سڀ کان وڌيڪ جمهوريت ۽ عوام جون علمبردار بڻيل هونديون آهن پر جڏهن کين اقتدار مان ڪجھه حاصل ٿئي ٿو ته اهي ئي جمهوريت جا علمبردار هڪ دم ڦري اقتدار ۽ اختيار کي سڀ ڪجھه سمجھي ويهن ٿا ۽ عوام کي ڇڏي پنهنجي ذاتي خواهشن لاءِ جائز ۽ ناجائز جي تميز کي وساري رات ڏينهن سرگرم رهن ٿا.

    ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ سياست جو محور عوام نه پر ذاتيات ئي آهي ۽ ان ۾ هڪ اهڙي طبقي کي سياست جو حق حاصل آهي جيڪو عوام جي روزمره جي تڪليف ۽ سورن کان ڪوهين دور بيٺل آهي اِهي اُهي آهن جنن جو هڪ ملڪ پاڪستان آهي ته ٻيو سندن ٻاهر به ٺڪاڻو ٺهيل آهي ڪنهن به اوچتو حادثي ۽ ناهموار حالتن جي صورت ۾ هو ملڪ کان ٻاهر هليا وڃن ٿا ۽ ڪجھه عرصي کان پوءِ اهي ئي وري ملڪ ۽ ماڻهن سان محبت جا دم ڀري نمودار ٿين ٿا. پاڪستان جي اليڪشني سياست تي نظر وجھو ۽ هڪ لمحي جي لاءِ سوچيو ته ڇا ان گرائونڊ ۾ ڪو هيٺيئن سطح جو ماڻهو داخل ٿي سگھيو آهي؟ جنهن جو واسطو عوام سان هوندو آهي يا ائين کڻي چئجي ته جيڪو عوام منجھان هوندو آهي. بجلي جي نه هجڻ يا وڃڻ جي تڪليف جو اندازو اهوئي ماڻهو لڳائي سگھي ٿو جنهن وٽ انجو متبادل نه هجي اهڙي طريقي سان عوام جي روزمره جي دردن ۽ تڪليفن کي به اهوئي ماڻهو سمجھي ۽ حل ڪري سگھي ٿو جيڪو خود انهن تڪليفن مان گذري آيو هجي. عوام روز بروز مشڪلاتن جي حوالي ٿي رهيو آهي ۽ حڪمران هر ايندڙ ڏينهن ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جا خواب ڏيکاريندا رهن ٿا. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ شوڪت عزيز جي وزارت عظميٰ دوران عوام کي سبز خيال ڏيکاريا ويا ته اسان جي ملڪ جي معشيت هيتري ترقي ڪئي آهي ۽ اسانجي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا رڪارڊ حد تائين پهچي چڪا آهن بس هاڻ چند ڏينهن جي ڳالهه وڃي رهي آهي جڏهن ان جو فائدو عوام کي ملندو. پر جڏهن شوڪت عزيز ويو ۽ هڪ ٻيو بئنڪار شوڪت ترين آيو ته عوام کي خبر پئي ته پرڏيهي ناڻي جو باقي وڃي تر رهيو آهي. شوڪت عزيز جي ترقي جون دعوائون پنهنجي جاءِ تي رهيون پر شوڪت ترين اچي ٻڌايو ته جيڪڏهن ٻاهران ڪٿان امداد نه ملي ته ملڪ جو گاڏو ويهي رهندو. سر توڙ ڪوششن باوجود ڪٿان به اڌار نه ملڻ تي حڪومت وري آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪري رهي آهي. جنهن جي شرطن جي هرهڪ کي خبر آهي ته اهي انهن پاليسين جا آئيني دار هوندا آهن جيڪي ڪنهن به صورت عوام جي مفاد وٽان نه هونديون آهن بلڪ ڊائون سائيزنگ ۽ ٽئڪس جي دائري ۾ واڌ جھڙن اصطلاحن سان بيروزگاري ۽ مهانگائي جو نئون سيلاب آڻي عوام کي وڌيڪ آزمائش ۾ مبتلا ڪريو ڇڏين. هي آهي ملڪ جي معاشي بدحالي جو منظر ۽ ٻاهرين دنيا ۾ هن ملڪ جي ساک جو ڀرم جو هاڻ ڪير به هن جي لڏندڙ ٻيڙي کي غير مشروط طور ڪناري لڳائڻ لاءِ تيار نه آهي خود فرينڊز آف پاڪستان گروپ جنهن ۾ حڪومت جون ڪافي اميدون هيون سو به موجوده حالتن ۾ ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگھيو آهي. پر خود ملڪ جي اندر ڇا صورتحال آهي. هن ملڪ کي ٺهي 60 سالن کان مٿي جو عرصو ٿي چڪو آهي هوئن ته هر اداري ۽ شعبي جو پاڻي ڪڇيو ۽ حال ساريو پيو آهي پر ملڪ جي سسٽم جي حالت ايتري ته ابتر آهي جو عام ماڻهو وٽ نه صفائي جو ڪو مناسب انتظام آهي نه روڊ ۽ رستا سلامت آهن. هو روز جنهن گليءَ يا روڊ تان گذري شهر يا بازار ڏانهن ايندو آهي اتي ان گلي يا روڊ تي گندگيءَ جا ڍير هوندا آهن يا نالين جو پاڻي تلاءُ جو ڏيک ڏيئي رهيو هوندو آهي. صحت جي حوالي سان سرڪاري اسپتالن ۾ دوا گوري ۽ ڊاڪٽر کانسواءِ باقي سڀ ڪجھه موجود آهي ائين لڳي ٿو ته اهي صحت مرڪز کان وڌيڪ بيمارين جا مرڪز بنجي چڪا آهن. ملڪ جي آبادي جو وڏو انگ انهي نالي ماتر تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان به محروم آهي. توهان ڪنهن به آفيس ۾ وڃو پٽيوالي کان وٺي ڪلرڪ تائين سڀني جون نظرون توهان جي جيب تي کُتل هونديون، پئسا ڏيڻ سان غير قانوني ڪم به منٽن ۾ ٿي ويندا ۽ نه ڏيئڻ سان توهان کي پنهنجي قانوني ڪم جي لاءِ به ڪيئي مهينا ۽ ڏينهن رُلڻو پوندو. ترقياتي اسڪيمن جي لاءِ ايندڙ پئسن مان گھڻا ته هڙپ ٿيو وڃن ۽ ڪٿي وري ڪميشن مافيا سرگرم ٿيو وڃي. ان جي ڪري ئي هي ملڪ دنيا جي ڪرپٽ ترين ملڪن مان صرف پنجين نمبر تي آهي ايڪهين صدي ۾ اها وڏي کان وڏي بدبختي چئي ويندي ته جڏهن به ڪنهن ڳوٺ جا مسئلا سامهون اچن ٿا ته اتي سهولتن جي مطالبن بدران بنيادي انساني حقن جي فراهمي يعني رستي ۽ اسڪول ڏيئڻ جا مطالبا هوندا آهن، ۽ اسان جي اڌ صدي کان مٿي عرصي تي ٻڌل نطام جي نا اهلي جو اندازو ان مان صاف لڳائي سگھجي ٿو ته ڪافي سالن کان ايندڙ حڪمران اهو ٻڌائيندا رهيا آهن ته سنڌ ۾ ساڍا ست هزار اسڪول بند پيل آهن پر سالن جي سفر کان پوءِ به انهن بند پيل اسڪولن جي تعداد ۾ گھٽتائي اچي نه سگھي آهي ڪجھه ئي ڏينهن پهرين هن جمهوري حڪومت ۾ به اهو ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ ساڍا ست هزار اسڪول بند آهن. ۽ حڪومتي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 20 لک ٻار تعليم جهڙي زيور کان محروم آهن خبر نٿي پوي ته آخر حڪومتي مشينري ڇا پئي ڪري؟ جيڪڏهن اهي اسڪول کولڻ ۾ حڪومت جي دلچسپي هجي ها ته ڇا اهي ڪيئي سالن جي عرصي ۾ کلي نه پئي سگھيا؟ ”اسان وٽ جادوئي لٺ ناهي جنهن کي ڦيرائڻ سان سڀ ڪم ٺيڪ ٿي وڃن اهي ڪجھه ٽائيم وٺندا“ اهڙا يا انهن سان ملندڙ جلندڙ جملا نه رڳو اڳ جي حڪمرانن کان ٻڌندا پيا اچون پر حاضر وقت جي حڪمرانن جي وات تي به اڄ ڪلهه اهائي پراڻي وائي وريل آهي. عوام ڪڏهن حڪمرانن کان مطالبو ڪيو آهي ته اهي جادوئي لٺ سان مسئلا حل ڪري ڏيکارين. بلڪ اهي ته گذريل سٺ سالن کان صرف بهتري جي آسري ۾ انتظار ڪري ويٺل آهن. هر حڪمران اچي ٿو ۽ پنهنجا ڏينهن پورا ڪري وڃي ٿو پر عوام جي صورتحال ۾ بهتري بجاءِ وري به ابتري اچي وڃي ٿي. ۽ نوان ايندڙ وري ساڳيو پراڻو راڳ آلاپڻ شروع ڪري ٿا ڏين. دنيا جي مهذب ملڪن جون حڪومتون 20 سال اڳ ايندڙ 20 سالن تائين جي منصوبا بندي ڪري پنهنجا قدم کڻنديون آهن پر اسان وٽ عوام کي ٻڌائڻ جي لاءِ صرف انگ اکر ئي هوندا آهن جنن ۾ حڪمران عوام کي ان وقت ترقي جا خواب ڏيکاريندا آهن جڏهن اها عوام جي اکين کان اوجھل بڻيل هوندي آهي ۽ حڪمران پنهنجي آخري وقت تائين انهي ئي غير حقيقت پسند ترقي جا دعويدار بڻيل هوندا آهن. جڏهن ته عوام جو دامن وري به ڏکن ۽ سورن سان ئي ڀريل هوندو آهي. ڇا هن وقت اسين اهڙي صورتحال مان نه پيا گذاريا وڃون جڏهن 35 روپيه ڏيئڻ جي باوجود به مارڪيٽ مان سٺي ڪوالٽي جو اٽو نه ٿو ملي ۽ مهانگي ريٽ ڀرڻ باوجود به پوک لاءِ ڀاڻ دستياب نه آهي ان اهڙي صورتحال ۾ حڪمران ڪيتري قدر عوامي درد کي محسوس ڪن ٿا ان جي هڪ جھلڪ مملڪت خدادادِ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي سنڌ پرڳڻي جي عوامي وڏي وزير قائم علي شاهه جي ان اخباري بيان مان معلوم ڪري سگھجي ٿي جنهن ۾ موصوف عوام کي مفت مشورو ڏنو آهي ته ”جيڪڏهن ڪڻڪ مهانگي آهي ته ڇا ٿيو؟ عوام چانور کائي“ ڏٺو وڃي ته اهو هڪ طرح سان حڪمرانن جو اٽي جي فراهمي جي حوالي سان ناڪامي جو غير اعلانيه اعتراف آهي. ته ٻي پاسي ان عوام تي هڪ طنز به آهي جيڪو روزانو مهانگائي جي هٿان جيئڻ ۽ مرڻ جي منظرن مان گذري پيو، هڪ پاسي اٽي جي فراهمي جو اهو حال آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌ جي زراعت جو ڇا حال آهي جيڪا سنڌ جي 70 سيڪڙو آبادي جو ذريعه معاش آهي ۽ سنڌ جي ٻهراڙي جو هڪ اهم روزگار جو ذريعو پڻ آهي جتي اڳ ئي بک ۽ بدحالي جو راڪاس لامارا ڏيئي رهيو آهي پر ان اهم شعبي سان به اها ويڌن آهي ته هن وقت جڏهن سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ پهچي رهيو آهي تڏهن واپارين جي هڪ هٽي ۽ سرڪار جي ڪمزوري جي ڪري سنڌ جو آبادگار معاشي طور تي ڦريو پيو وڃي. سرڪار جي اعلانيل امدادي اگھه مان آبادگارن کي ڪوبه فائدو نه ملي رهيو آهي بلڪ ان مان ته صرف سرمائيدار ۽ ڪارخانيدار ئي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن جيڪي سستي اگھه تي خريد ڪيل سارين مان مهانگي اگھه تي چانور وڪرو ڪندا. انهي صورتحال ۾ سنڌ جو آبادگار لاوارث حالت ۾ بيٺل آهي سرڪار پنهنجي اعلانيل اگهه جي پوئيواري ڪندي ان تي عمل درآمد يقيني بنائڻ لاءِ ڪٿي به نظر نه پئي اچي، پر جيڪڏهن آئي به ته ان وقت پاڻي سر تان گذري چڪو هوندو يعني سنڌ جو ننڍو آبادگار جيڪو پنهنجي ضرورتن جو دارومدار فصل تي رکي ٿو ۽ ان جي لهڻ تي ان کي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري پنهنجي پيٽ جي بک اجھائڻ لاءِ اٽي ۽ انگ ڍڪڻ لاءِ لٽي جي ضرورت جو پورائو ڪري ٿو سو حڪومت جي اعلانيل اگھه کان وري به محروم ئي رهجي ويندو. لڳي ائين ٿو ته سرڪار امدادي اگھه آبادگار لاءِ نه پر ڪارخانيدار ۽ واپارين جي لاءِ مقرر ڪري ٿي ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين امدادي اگھه مان فائدو صرف اهي ئي حاصل ڪندا رهيا آهن. اڃان اتي بس ناهي پر سنڌ جي زراعت کي هٿرادو پاڻي کوٽ جي ور چاڙهي مڪمل طور تي تباهي جي ڪناري لڳايو پيو وڃي سنڌ جي زراعت جي انهي بيدردي سان ٿيندڙ تباهي سنڌ ۾ بک، غربت ۽ بدحالي واري صورتحال کي وڌيڪ منجھائيندڙ بنائي رهي آهي.

    هوئن ته سنڌ جي هڙني قدرتي پيداواري وسيلن تي مرڪز جو قبضو آهي جنهن جي ڪري سنڌي انهن منصوبن مان نالي ماتر فائدن کان به محروم آهن. پورٽ قاسم کي ڳڻجي يا تيل ۽ گئس جي مختلف فيلڊن کي وٺجي. اسٽيل مل جو نالو ڳڻائجي يا سپر هاءِ وي کي وٺجي. ٿر جي ڪوئلي تي لکجي يا بدين جي تيل ۽ شگر انڊسٽري تي، گھوٽڪي جي ڀاڻ جي فيڪٽرين کي کڻجي مقصد ته هڙني قدرتي وسيلن کان مقامي ماڻهو محروم رکيل آهن. انهن جي لاءِ هميشهه هڪ ئي جملو ”نو ويڪينسي“ مقدر بڻيل آهي هوئن ته پيپلز پارٽي سدائين سنڌ جي ماڻهن جي دردن جا دم ڀريندي رهي آهي پر هن وقت سندس ئي حڪومت ۾ قادرپور گئس فيلڊ کي وڪرو ڪيو پيو وڃي باوجود ان جي ته سڄي سنڌ ان جي نجڪاري خلاف سراپا احتجاج آهي ڇاڪاڻ ته ان جي نجڪاري هزارين پورهيتن کي بيروزگار بڻائي ڇڏيندي ۽ ان کان پوءِ هڪ نفع بخش اداري کي نجڪاري ۾ ڏيئڻ جو ڪهڙو جواز آهي. جيڪڏهن اهي سڀ ڪم ڪنهن غير نمائنده حڪومت ۾ ٿين ها ته ان تي ڪنهن به تعجب جو اظهار نه ڪيو وڃي ها پر افسوس ان تي آهي ته اهي سڀ ڪم ان حڪومت ۾ ٿي رهيا آهن جيڪا سنڌ جي عوام جي نمائنده هئڻ جي دعويدار آهي جنهن کي جذباتي يا همدري ئي سهي عوام پاران وڏي تعداد ۾ ووٽ مليل آهن ڇا اهي سڀ ڳالهيون هن جمهوريت لاءِ بدنما داغ ناهن؟ جنهن اٽي لٽي ۽ اجھي جهڙن نعرن مان جنم ورتو.. ۽ اهو سڀ ڪجھه انهي پارٽي جي حڪومت هوندي ٿي رهيو آهي جنهن جي اڳواڻ جي موت تي سنڌ جي ماڻهن مان گھڻن رنو هو ۽ ڪيترن ئي گھرن ۾ ان شام ٽانڊو نه ٻريو هو ڄڻڪ ڀٽي خاندان جو ڪو ماڻهو نه پر سندن ڪٽنب جو ڪو فرد بي رحم ماريو ويو هجي. ۽ پوءِ جڏهن اليڪشن ٿي ته ماڻهن ووٽ جي صورت ۾ انهن ڌرين کان پلاند ڪرڻ گھريو جنن محترمه کي نشانو بنايو. بس سڄي ملڪ مان سنڌ ئي اهو واحد صوبو آهي جتان پيپلز پارٽي واضح اڪثريت سان چونڊون کٽي آئي اهڙي طرح ملڪي اقتدار تي سندن پهچ ممڪن بڻجي سگھي، ۽ باقي صوبن ۾ پنجاب نواز ليگ کي کٽايو سرحد ۽ بلوچستان ۾ مولوين ۽ ڪجھه پختون پارٽين ووٽ حاصل ڪيا جتي وري اتحادي حڪومتون ٺاهيون ويون. ڇا سنڌ جي ماڻهن جون اميدون هيون ۽ ڇا سنڌي ماڻهن سپنا ڏٺا هئا ۽ اڄ کين ڇا نصيب بنايو ويو آهي. پيٽ ڀري ته انهن ڪڏهن به نه کاڌو هجي شايد، پر هاڻ ته انهن لاءِ هڪ هڪ گرنهه به مشڪل بنايو پيو وڃي. ڏسجي پيو ته جنرل ضياءَ جي 11 سالا طويل آمريتي دور ۾ ۽ جنرل مشرف جي 8 سالن جي اقتدار دوران پروپيگنڊه ۽ ٻين لاتعداد ذريعن جي استعمال باوجود عوام مان پيپلز پارٽي سان همدردي وارو جذبو ختم نه ٿي سگھيو پر موجوده صورتحال ۾ خود پيپلز پارٽي جي حڪومت جي ڪارگذاري اهو سڀ ڪجھه ڪري رهي آهي. جيڪو آمريتن کان نه پهچي سگھيو. پيپلز پارٽي جي حڪومت جون پالسيون هن وقت تيزي سان عوام ۾ سندس مقبوليت جي گراف ۾ گھٽتائي آڻي رهيون آهن جيڪڏهن گھڻو وقت اهائي صورتحال رهي ته پوءِ پيپلز پارٽي ۽ عوام جي وچ ۾ دوري هڪ يقيني ڳالهه ۾ تبديل ٿيندي نظر پئي اچي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پيپلز پارٽي جي سياسي قيادت کي سوچڻ جو سامان مهيا ڪن ٿيون ته هو ڪهڙي طرح عوام کي رليف نه به سهي پر ان جي مشڪلاتن ۾ برداشت کان مٿي بار نه وجھي پنهنجي ساک رکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿي. مڃجي ٿو ته اها ڳالهه سئو سيڪڙو درست آهي ته مسئلا اڳوڻي حڪومت جا پيدا ڪيل آهن جنهن مان هن حڪومت کي گذرڻو پئجي رهيو آهي ٺيڪ آهي مسئلا پنهنجي جاءِ تي موجود آهن ۽ جيڪي حل ٿيڻ ۾ ضرور ٽائيم وٺندا پر اصل ڳالهه مسئلن جي حل جو طريقيڪار به آهي جيڪو هي حڪومت اختيار ڪري رهي آهي جنهن جي ڪري هڪ ته عوام مسئلن جي ڪري وڌيڪ تڪليف ۾ ته اڳ ئي آهي مٿان وري مسئلن جي حل ڪرڻ جي بهاني ان تي وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي جيڪا صورتحال يقينن عوام جي لاءِ ناقابل برداشت آهي.
    هميشه دعائن ۾ ياد رکندا
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    پاران سيد گل محمد شاه راشدي


    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو