جواب: شاھ صاحب ڀاء دانيال واهه واهه لطيف سائين جي بيتن مان سهڻي چونڊ ۽ تمام پياري ڊزائن سان پيش ڪرڻ ۔۔۔ سٺو لڳو لطيف سائين فرمائي ٿو راڻي جي رِهاڻِ مان، ڪو آديسِي آيو؛ چوڏِهِينءَ ماهَ چَنڊَ جِئَن، ڪَيو سامِيءَ سَهائو؛ لَٿو اُونداهو، جوڳِيءَ سَندِيءَ جوتِ سان.
جواب: شاھ صاحب ادا سنڌي دانيال اسلام عليڪم۔شاه عبدالطيف سائين جي سُر راڻو جي داستان پنجين مان هڪ خوبصورت ۽ وڏي رمز وارو بيت کڻي پنهجي محنتن سان سٺي ڊيزائين ۾ ونڍ ڪرڻ تي اوهان جس لهڻو۔ سُر راڻو سُر راڻي توڙي ٻين سُرن ۾ ،شاه سائين جو مقصد بيتين ۾ ڪنهن ڳالھ کي بيان ڪرڻ ناهي!ائين ڄاڻندي ته ڳالھ اڳ ۾ مشهور آهي ۽ ان جي سڀني کي خبر آهي۔شاه صاحب فقط ڳالھ جي ڪن خاصَ ٽاڻن جي حوالي سان،پنهنجي اعلئ شاعري ۽ نازڪ خيالي سان گڏوگڏ اعلئ فهم ۽ فڪر جا نت نوان رخُ روشن ڪيا آهن۔ مومل ۽ سندس سهلين جو سٿ جي هار سينگار واري ماحول،مومل جي مجازي حسن جي جلوي،۽ راڻئي لاء رات جاڳندي مومل جي انتظار کي شاه صاحب جن لفظن ۾ ۽ جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي سو اعلئ شاعري ۽ نازڪ بياني جو شاهڪار آهي۔ سوڍين جا هار سينگار ائين جو "سون ورنيون سوڊيون رُپي رانديون ڪن"،"جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس"،جهڙا پانن پن،تهڙيون سالون مٿن سائيون" اعلئ فڪر جي لحاظ سا،شاه صاحب مومل راڻي جي ڳالھ جي ڪن ٽاڻن اهڃاڻن کي عام روايتي رنگ واري مفهوم بدران تصوف جي اعلئ سطح واري معنئ ڏني آهي،جئن هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو۔ سالڪ طور جوڳيءَ جو تخيل۔ قصي جي عام رايتن مطابق راڻئي ۽ ساٿين کي جيڪو راهي گڏيو سو جيتوڻيڪ جوڳي يا سامي جي بيک ۾ هو پر حقيقت ۾ وڏي لاءَ لشڪر وارو حڪمران هو۔يا وڏو مالدار سودگر هو يا ڪو صوبو سردار هو۔ان جي برعڪس،شاه صاحب کيس آديسي ۽ عاشق ڪري سڏيو آهي۔"جوڳيءَ کي جڙاء،نسورئي نيه جو،" ۽ "آديسي عشق جي لائي آيو لاڳ۔" اڃان به ان کان وڌيڪ، شاه صاحب "جوڳي" کي تصوف واري استعاره م هيڪڙائي حق وارو "موحد جوڳي"۽ "سالڪن جو رهنما" ڄاڻائي ٿو ته "فيض فراَق فقير،جوڳي جاڳائي ويو" ۽ "سرَئو سون سُڪوت،جوڳيءَ سندي ذات کان" 12 صدي عيسوي کان وٺي هندو معاشري ۾ بت پرستي خلاف هٽَ-يوگين جي مُوَحدانه تحريڪ شروع ٿي، ۽ پوء جڏهن هيڪڙائي حق وارا هَٽ-يوگي (جوڳي) سنڌ ۾ آيا ته سنڌ جي عارفن درويشن سندن مان مرتبو سڃاتو،ايتري قدر جو پنهنجي ڪلام ۾ ،استعاره طور،سندن مثال هڪ وڏي سالڪ ۽ سونهين جي معنئ ۾ آندو۔شاه صاحب هن فڪر کي سُر رامڪلي ۾ وڌيڪ چٽائي سان ورجايو آهي۔ مومل "طالب" ۽ راڻو "مطلوب" وارو تخيل۔ راڻو رسي ويو ۽ وري مومل وٽ نه آيو۔فراق ۾ ،مومل سندس وصال لاء بيحال آهي۔معنوئ لحاظ سان،مومل "طالب" ۽ راڻو "مطلوب“ آهي! طريقيت ۾ "طالب " کي "مطلوب" کان سوء ڪنهن غير ڏي ڏسڻو نه آهي;انهيءَ لحاظ سان،هيٺئين بيت ۾ شاه صاحب کي طالب کي تنبيه ته: وٺيو وڄج واٽ،ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين لوڻي ڦير لپاٽ، لڳندَيئي لطيف چئي، "فنا" جي اهڃاڻ طور ڪاڪ ۽ مومل جو تخيل۔راڻئي ۽ مومل جي ڳاله جي عام روايتن ۾ ،شاه صاحب کان اڳ جي ڪن سياڻن سگهڙن مومل کي قبر سان تشبيھ ڏني،ڇاڪاڻ جو هُن پنهنجي هن دنيا واري طلسمي ڪاڪ محل ۾ ڪيئي گهوٽ گهائي ڇڏيا ۽ ڪيئي خان کپائي ڇڏيا۔شاه صاحب پڻ اڳ ڀيٽ کي استعاري طور پنهنجي بيتن ۾ آندو ڇاڪاڻ جو تصوف واري فڪر ۾ اهو استعارو "فنا" جو اهڃاڻ هو۔مثلا،داستان پهرئين جي وائي ۾ "آخر فنا" وارو اهڃاڻ ڏنل آهن ته "راڻا ۽ همير سڀ مومل صحيح پسندا۔مڃي رضا رب جي هتان سڀ هلندا"! ڪانڌين کٽون کنيون ۽ وڃي "ڪاڪ" (قبرستان) ۾ لاٿيون! جيڪي اڳ جئرا جاکندا جوان هئا سي وڃي قبرن ۾ ستا۔ ڇڏي حيلا هلئا مومل ماڻيائون ڀيرو ڀڳائون ، آسڻ آَرامي ٿئا۔ ڪن بيتن تي غور ڪندي ائين ڀانئجي ٿو ته اهي شاه صاحب پنهنجي حياتي جي بلڪل آخري دور ۾ وفات واري وقت کي ويٍجهو چيا۔هيٺين سٽن ۾ ڄڻ شاه صاحب پنهنجي زميني زندگي جي پوري ٿيڻ ۽ هن جهان مان لاڏاڻي جا اهڃاڻ ڏنا۔ پلاڻيائون، پنڌ ٿئا ، لڏيو لطيفن هٿان حبيبن،ڪونه ڏکويو ڪڏهين هيٺئين بيت ۾ وڌيڪ اهڙو اهڃاڻ ڏنل آهي جو ڄڻ شاه صاحب محسوس ٿو ڪري ته هن دنيا مان هلڻ جو پيغام اچي ويو آهي ۽ صبوح سوارو هيءُ خاڪي جسم (ڪرهو) زمين اندر داخل ٿيندو۔ راڻي ريٻارو، تو ڏانه مُڪو تڪڙو لُڊوڻئا لطيف چئي مانجهي موچار صبح سوار ،ڪاڪ گهڙندو ڪرهو نئون نياپو۔داستان ڏهين جي بيتين ۾ اعلئ فهم ۽ ادراڪ جا اهڃاڻ ڏنل آهن۔انهن بيتين ۾ ڪائنات جي خالق طرفان انسان ذات جي ڀلائي لاء جيڪي ڀلارا آيا ۽ جن جي رهنمائي سان اوندهي مان سوجهرو ٿيو ۽ سڄو جهان خوشبوء سان واسجي ويو،ان ڏانهن اشارا ۽ ڪنايا آهن۔ان سلسلي ۾،خاص طرح ان "نئين نياپي"جو ذڪر آهي جيڪو "نبي صلعم بني آدم کي پهچايو ته:[/SIZE][/COLOR]"ڏيهن جي ڏاتار وٽان اها ڏات عطا ٿي آهي ته ذات پات جو ڀيد ختم ٿيو ۽ خالق مالڪ جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن;پر اهي جيڪي پاڻ پنهنجي سچي نيت سان ڌڻي ڏانهن ايندا سي وڏي مانَ وارا ٿيندا۔ نئون نياپو آئيو ، راڻي مُلا رات لڌي سون لطيف چئي ڪنا ڏاتر ڏات ڪانه پڇي ٿي ذات۔جي آيا سي اگهيا ادا تواهان جڪو بيت چونڍيو آهي،اهو داستان پنجن مان آهي۔مومل ڀانيو ته راڻو ڪاوڙيو ڪونه آهي پر محض ماڻو ڪري رُسي ويو آهي،هو ڪنهن نه ڪنهن رات ايندو جئن اڳ ايندو هو۔سو سڄيون راتيون سندس سڪ ۾ ويٺي ويٺي گذاريائين۔مومل جو اهو انتظار هن داستان جو موکيه موضوع آهي ۽ ان انتظار جي گهڙين کي شاه صاحب جئن مومل جي زباني بيان ڪيو آهي سو سندس شاعري جو ڪمال آهي: ”ڏيا تيل ڦُليل جا ٻارئم تائين ٻانگ“، ”آُڀِي آُڀارئام،نکٽ سڀ نَئي وئا“، ”ڪتين ڪر موڙيا،ٽيڙو اُڀا ٽيئي“، ”ڪتيون ڪَپارا ويون،لُڌا وئا لڙي“، ”وٽ سوريندي ولها،وئو تيل ٻري“، ”شمع ٻاريندي شب،پره باکون ڪڍيون“، ”پره لکايا پار ،موٽ سگهو تون مينڌرا“! راتيون جاڳندي،انتظار جون گهڙيون گذاريندي آخر مومل محسوس ڪيو ته راڻو جو هڪ رات آيو هو ۽ کيس ستل ڏسي موٽي ويو هو سو ڪا ڳالھ ڳڻي،من ۾ رکي،موٽي ويو! راڻو ڪا رات وئو ڪري ڳالھ ڳجهي تنهن سان من مُنجهي،منهنجو پئو مامري۔ _________ __________ سوڍي سُتي لوءِ ، مون سين جا ڳالھ ڪي ساجي پڌر پوءِ ، ته سرتيون ڪامَ سُمَهي ! اميد ته سُر راڻي جي مثين تشريح مان شاه سائين جو ان سُر ۾ سمايل فڪر ۽ مکيه موضوغ سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي۔