صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

'سنڌ سلامت روزگار' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ حڪومت جي صحت واري کاتي ۾ روزگار جي خالي جاين لاء اڄوڪي ڪاوش جي صفحي نمبر ست تي اشتهار ڇپيو آهي۔ ڪمپيوٽر آپريٽر، اسٽينوگرافر، اسٽيسٽيڪل اسسٽنٽ ۽ ڪلرڪن جي خالي جاين لاء درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 8 مئي 2012 آهي۔

    [​IMG]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    لاجواب ڪوشش آهي ادا توهان جي

    توهان جي ان ڪوششن سا ڪافي دوستن کي فائدو حاصل ٿئي ٿو

    مهرباني

    جاري رکجو


    سدائين گڏ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    ادا توهان جي مهرباني، پر ادا اهي تمام سرڪاري نوڪريون اڳواٽ ئي ورهايل هوندي آهن بس خانا پوري ڪرڻ لاء انهن آسامين کي اخبار ۾ ڏنو ويندو آهي، هت ته انڌير نگري چرٻٽ راجه لڳو پيو آهي، ڪالهه جيڪا هڪ استادياڻي هئي، محترمه شهناز مظهر صاحبه اها اڄ ايڊيشنل سيڪيٽري آهي، اهو صرف ان لاء ته سندس مڙس پير مظهرالحق پير الاهي بخش سنڌ جو وزير تعليم آهي،
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    ادا ٺيڪ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جي اهڙي ڳالهه آهي ته پوء اسان جي محنت بيڪار جي آهي۔ ٻيهر ڪوشش ڪبي ته اهڙي پوسٽنگ نه ڪجي جنهن جو ڪو فائدو نه ٿئي۔
     
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    نه يار ائين هرگز ناهي، ننڍي ليول جون نوڪريون ڪجهه قدر سفارش تي آهن باقي ادا اڄ به جيڪو هوشيار آهي ان کي سڏ ڪري نوڪري ڏني پئي وڃي، ڪجهه دوستن ۾ اهليت ناهي ۽ ٽيسٽ پاس ڪري نه پيا سگهن ته پو ڏوهه حڪومت ٿي ايندو آهي ته ادا ”انگور کٽا آهن“ ۔
    سليمان سائين اوهان معلومات ونڊيو ٿا ۽ معلومات ڪڏهن به اجائي يا بي فائده ناهي هوندي، اسان جهڙا واندا ماڻهو اخبار ناهن پڙهندا ۽ سچ ته اهڙين پوسٽن مان اسان کي سُڌ پوندي آهي ته نوڪريون آيون آهن مهرباني ڪري اهو سلسلو جاري رکو۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    نه ادا اهڙي ڳالهه نه آهي مان توهان جو ٿريڊ پڙهي ڪري اپلائي ڪيو مون کي نوڪري ملي وئي سڄي سنگت کي ۡخبر آهي ته مون جا سفارش نه آهي ٻيو مون جو ماسات جاويد ڦلپوٽو واپڊا ۾ اپلائي ڪيائيڻ ان کي سب انجنيئر جي پوسٽ ملي آهي اسلام آباد ۾ جوائن ڪئي اٿائيڻ

    باقي هر ڪنهن جي مرضي آهي ڪير ڪهڙا به ڪمينٽس ڏئي سگهي ٿو اهو ڪو اشو نه آهي

    ن
    مون کي ملڪاڻي صاحب جي ڳالهيڻ ۾وزڻ لڳي ٿو ملڪ ۾ اصل صفا اونڌه به نه آهي


    هلي پاڻ نه سگهجي ڏوه گوڏن تي ڏيجي

    ادا سنگت جي پروزور اسرار تي توهان پوسٽنگ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    وڃ ڀڻا، همراهه ڪي تاڙ ۾ ويٺا هئا، ادا وساڻ صاحب مون توهان کي پوسٽنگ نه ڪرڻ لاء ڪڏهن به ناهي چيو، مگر ڪجهه حقيقتون هيون جيڪي دوستن سان ونڊ ڪيم، باقي ادا اهيا به حقيقت آهي ته ملڪ اڃان هلي پيو، ۽ اڃان ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي جيڪي محنتي ۽ هوشيار ماڻهون جو قدر ڪن ٿا، پر ادا مون اڪثريت جي ڳالهه ڪئي آهي، ادا باقي هڪ دوست لکيو آهي ته (ڪجهه دوستن ۾ اهليت ناهي ۽ ٽيسٽ پاس ڪري نه پيا سگهن ته پو ڏوهه حڪومت ٿي ايندو آهي ته ادا ”انگور کٽا آهن“ ) سو ادا ڪنهن حد تائين ان دوست جي ڳالهه کي درست به کڻي مڃجي، مگر ادا خاص ڪري سرڪاري نوڪري لاء مون اهليت رکندڙ به ڌڪا کائيندي ڏٺا آهن، خاص ڪري اهي ماڻهون جيڪي الله جا ماڻهون آهن، باقي ماڻهن جي ماڻهن کي ته اسان جي هن ملڪ ۾ موج آهن موج۔۔۔۔
     
  8. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي توهان ۽ ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته اهي نوڪريون اڳ ۾ ئي وڪاميل هونديون آهن پر منهنجي خيال ۾ اهي خيال غلط آهن۔ باقي ڪوشش ڪري ڪاغذات موڪلي ڇڏجن ته صحيح آهي۔
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جي پوسٽ يقينن ڪار آمد هوندي آهي، اسان سڀئي دوست گواھ آهيون ته اسان جي پياري دوست ڦلپوٽو فقير صاحب جن به اوهان جي ڏنل پوسٽ مطابق نوڪري لا اپلائي ڪيو هو سو انهن جو ڀلو ٿي ويو، گڏوگڏ ادا فقير پنهنجي هڪ عزيز کي به نوڪري سنڌ سلامت تي اوهان جي پوسٽ موڪلڻ سبب ٻڌائي آهي، ان مان سڀني سنڌين جي ڀلائي پئي ٿئي، ان ڪري مهرباني ڪري اوهان پنهنجي ڪم کي جاري رکندا۔
    باقي ادا ممتاز جي آخري وضاحت کان پو اميد آهي ته دوست به ادا ممتاز جو موقف سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا، سندن اهو مقصد هرگز نه هو ته ادا سليمان اهڙيون پوسٽون نه موڪلي۔
     
  10. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    سچ وڏو ڏوهاري آ، روز ازل کان پڪڙيو ويو، آ۔۔۔ ادا مان وري به اهيا وضاحت ڪندو هلان ته ۔۔ ادا جيئن ڪنهن دور ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن ۾ مچ ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ ڳوٺاڻا سڄو ڏينهن ڪم ڪار ڪرڻ کان پوء اچي ان مچ ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ۽ هڪٻئي سان حال احوالي ٿيندا هئا، ۽ هڪ ٻئي کي ڏک سک کان واقف ڪندا هئا،، اهڙي ريت موجوده دور جي حساب سان هي سنڌ سلامت جو فورم ان مچ ڪچهري کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه آهي۔ ۽ سنڌ سلامت جو هر هڪ ميمبر دنيا جي مختلف ڪنڊن تي ويهي ڪري به ان مچ ڪچهري ۾ شامل ٿئي ڪري نئين حال احوال کان واقف ڪري ٿو ۽ هڪٻئي کي فائدو ڏيندڙ ڳالهيون ونڊ ڪري ٿو ۽ هر هڪ ساٿي پنهنجو مٽ پاڻ آهي، بقول شاهه صاحب ته هنج مڙوئي هنج، ميرو منجهه ناهه ڪو۔۔۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جو هر ميمبر ان گل مثل آهي جنهن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ پنهنجي پنهنجي آهي، ۽ انهن پيارن گلن مان هڪ پيارو ۽ دل کي لڀائيندڙ خوشبوء ڏيندڙ گل محترم دوست سليمان وساڻ پڻ آهي، جيڪو پنهنجي محبت ۽ پيار سان سنڌ سلامت جي محفل کي واسيندو رهي ٿو، ۽ اسانکي نين نين ڳالهين ۽ نين نين شين مان واقف ڪندو رهي ٿو، ۽ سندس نوڪرين جي معلومات ڏيڻ وارو عمل به بهترين عمل آهي، پر شايد منهنجي ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ جي ڪري ڪجهه دوست ان جو غلط مطلب وٺڻ لڳا آهن جنهن کي ڪليئر ڪرڻ منهنجو حق آهي، سو ادا مان وري به اهيا ڳالهه واضع ڪيان ته منهنجو ڪو اهيو مطلب نه آهي ته توهان نوڪرين جي آسامين واري پوسٽنگ نه ڪريو، ( ۽ ڀلا مان ائين ڇو چوندس )مگر ادا اسان جي معاشري جون ڪجهه ڪمزوريون هيون جن کي مون نروار ڪيو، ۽ مون حقيقت جو هڪ پاسو توهان دوستن جي سامهون آندو، باقي ادا اهيا به حقيقت آهي ته منهنجي ٻن ڀائرن کي الحمدالله ۔ الله جي حڪم سان ميرٽ تي ئي نوڪريون مليون آهن، وڏي ڀاءُ کي ته الحمدالله ٽي نوڪريون مليون هيون اهي به ميرٽ تي، ۽ ماشاءالله سان هيئر سب انجنيئر آهي، ۽ منهنجو نمبر ٻئي ڀاءُ کي به ٻه نوڪريون مليون هيون اهي به ميرٽ تي، ۽ ماشاءالله سان هيئر اسلام اباد پوليس ۾ سب انسپيڪٽر آهي، الله جا لک شڪر آهن، باقي ياد رهي ته مون سرڪاري نوڪري صرف هڪ ڪئي اها به تقريبن 13، 14 سال پهرين ۽ بالا آفيسر سان اختلاف جي ڪري مون سرڪاري نوڪري کي الوداع ڪيو، ۽ الحمدالله مان هت هڪ پرائيويٽ ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهيان، ۽ رب سائين جا لک احسان آهن مان خوش آهيان، ۽ اهيا به حقيقت آهي ته مون انهن 13،14 سالن ۾ ڪڏهن به سرڪاري نوڪري لاء ڪوشش به ناهي ڪئي، ۽ ڪو انٽرويو به ناهي ڏنو، البته مون پرائيويٽ نوڪرين لاء انٽرويو به ڏنا آهن ۽ پرائيويٽ نوڪريون به ڪيون آهن، مگر مون هميسه پنهنجي سنڌي دوستن کي اهيا دانهن ڪندي ٻڌو آهي ته ادا پيسن کانسواء نوڪري ڪا نه ٿي ملي، ۽ ادا اهيا به حقيقت آهي۔۔۔۔۔ ۽ ڏسون ٿا ته هيئر جيڪي نوڪريون آيون آهن اهي ڏسو ته ڪيترون نوڪريون ميرٽ تي ڏنيون ٿيون وڃن ۽ ڪيترين جا پيئسا ورتا ٿا وڃڻ۔۔۔۔۔۔ادا حقيقت نيٺ ظاهر ٿيندي آهي پوء اها ڇو نه ٻن پهاڙن جي هيٺان ئي ڇو نه هجي،،، ادا وساڻ صاحب باقيق اگر توهان کي منهنجي هنن ڳالهين ڪا تڪليف پهچائي آهي ته ان لاء مان توهان کان معذرت ٿو ڪريان۔

     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صحت کاتي حڪومتِ سنڌ ۾ روزگار جون جايون خالي آهن

    دوست ممتاز مهرباني

    پيارا دوست اصل ۾ اوهان جا ڪيل ڪمينٽ ان پوسٽ تي ان قسم سان ڪونه پيا ٺهن۔ ها اوهان ڪنهن الڳ ڌاڳي ۾ يا ڪنهن اهڙي لاڳاپي واري پوسٽ تي اهڙا ڪمينٽ ڪيو ها ته اسان به اوهان سان سهمت ٿيون ها۔ اوهان وري به پڙهي ڏسو ته اوهان جا پهريان ڪمينٽ هن پوسٽ جي حساب سان ڪونه پيا ٺهڪن۔

    باقي مان اوهان جي انهن ڳالهين سان به سهمت آهيان ته ڪرپشن عروج تي آهي ۽ پوسٽون وڪامن به ٿيون پر ها ڪي خوشنصيب اهڙا به آهن جيڪي اسان جي ڄاڻ سبب ميرٽ تي يا ڪنهن واسطي سان پوسٽ وٺڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو