• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

نثارابڙو

نائب منتظم
ها دوستو! اوهان ڪيتريون ئي شاديون ، ڏٺيون، ٻڌيون ۽ کاڌيون هونديون، ممڪن ڪئي به هجي پر هن عراقي نوجوان اصل ٻه شاديون گڏ ڪري ڏندي آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن

1916132331.jpg


عبدالرحمٰن نائف العبيديءَ کي پنهنجيون ٻه سوٽيون پسند اچي ويون ۽ ٻنهي سان شادي ڪرڻ جو منصوبو رٿيو، ٻنهي ڇوڪرين ”انتيڌار ۽ سعد“ کي مڃائي ورتو ۽ انهن خاندانن کي به مڃائي ورتو

farmer.jpg


شادي خير و خيريت سان ٿي وئي ۽ همراه اصل ٻئي هٿ گهه ۾ آهن وري مقولي جيئان خوش و باش زندگي گذاري رهيو آهي ،،،، ٻنهي کي هڪ جيترا حق، ٻنهي کي هڪجهڙو ڪمرو، ٻنهي کي هڪجهڙا ڪپڙا ۽ زيور ۽ ٻنهي کي هڪجيترو پيار ۽ توجهه ،،،، ڪا نا انصافي ناهي ،،،

سنڌيءَ جي ٻي هڪ چوڻي ته ” ڪٿي چور سڃان ته ڪٿي ڍور سڃان“ اسان وٽ نوجوان وتن ٿا هڪ شاديءَ لاءِ نجومين کان ڦارون وجهرائيندا ته شادي ڪڏهن ٿيندي ۽ هن نوجوان اصل ٻه ٻه هڪ ئي ڌڪ ۾

هل ڙي سالو تنهنجا ڀاڳ
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

ڀلي کلي خوش ٿي وٺي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مولائي کان خبر پڇجو۔۔۔
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

ادا سائين اسلام عليڪم۔شروع شروع ۾ سڀ ٺيڪ هوندو آهي ۔پوء ڏسبو ء ته محترم ڪيون ٿو ٻنهي زالن کي هڪ جيترو ٽائيم ڏئي انصاف ڪري۔
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

سائين نثار سلام

همراهه واقعي ئي خوشنصيب آهي ، هيڪر ته ڌڪ ڪري ويو باقي اڳتي ڪم لٿس ته خير آهي پر اها اپڊيٽ به ڏجو۔

سائين ڀلا خير ته آهي ۔۔۔۔۔۔ لڳي ٿو اوهان جا خيال مٽجڻ شروع ٿيا آهن ۽ شريعت جي چئن شادين واري اصول ڏانهن لاڙو وڌيڪ پيو نظر اچي۔ عربستان ۾ گهڻين شادين واري رواج جو اثر اوهان تي به ٿيڻ شروع ٿيو آهي ۽ ٻيو ته اوهان جي وڏڙن جي خانداني روايت به اوهان کي قائم رکڻي آهي۔ خير سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڪارو ٻڌ ڪٻري سان ته رنگ نه مٽائي عادت ضرور مٽائي ۔۔۔
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

ادا ڀلي خوش ٿئي، خوش ٿيڻ جون اهي چند گهڙيون اٿس، جڏهن ته باقي سڄي زندگي روئڻ لاء پئي آهي، باقي لاء ڏسو ڪجهه ڏينهن اڳ وارو مضمون مقالو ۽ ونڊ۔۔۔۔۔۔ شادي نه ڪجو۔۔۔۔
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

يار ممتاز، ٻيا شادي شد ڀل ان ليک جي مخالفت ڪن پر اوهانکي مخالفت ڪندي ڏسندو آهيان ته مونکي ڀت کائڻ جون اميدون ٻڏندي محسوس ٿينديون آهن ،،،،،

ادا ممتاز! هن دفعي حج کانپوءِ تاريخ پڪي ڪر ته مان به ڀت ۾ شامل ٿيان ،،، بس جلد ڪر، امان جن کي يا جيڪو به ان جي قابل هجي، جيڪا مائي تاڙي اٿوَ، انجي مائٽن ڏي ترت پيغام موڪلي نومبر يا ڊسمبر جي وچ ڌاران تاريخ پڪي ڪريو ،،،،،

انگل سمجهو، حڪم سمجهو، يا عرض، ها يار ياراني معامله صاف
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

يار ممتاز، ٻيا شادي شد ڀل ان ليک جي مخالفت ڪن پر اوهانکي مخالفت ڪندي ڏسندو آهيان ته مونکي ڀت کائڻ جون اميدون ٻڏندي محسوس ٿينديون آهن ،،،،، ادا ممتاز! هن دفعي حج کانپوءِ تاريخ پڪي ڪر ته مان به ڀت ۾ شامل ٿيان ،،، بس جلد ڪر، امان جن کي يا جيڪو به ان جي قابل هجي، جيڪا مائي تاڙي اٿوَ، انجي مائٽن ڏي ترت پيغام موڪلي نومبر يا ڊسمبر جي وچ ڌاران تاريخ پڪي ڪريو ،،،،، انگل سمجهو، حڪم سمجهو، يا عرض، ها يار ياراني معامله صاف
ادا ابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان مون کي ياد رکيو، باقي ادا اگر توهان کي برياني جو ايتروئي شوق آهي ته مان ان لاء حاضر آهيان ، توهان برياڻي کائڻ لاء ڪراچي جي جنهن به هوٽل ريسٽورينٽ، يا وري ڪنهن جهوپڙا هوٽل ، يا گاڏي واري ( ڪراچي جي اسٽوڊنٽ برياني) لاء چوندو ته مان هر وقت حاضر آهيان، اهو توهان جي مٿان ڇڏيل آهي، باقي يار شادي جي برياني جي آسري ڪڏهن به نه لڳجو، ورنه توهان کي منهنجي طرفان برياني ڪڏهن به نصيب ڪا نه ٿيندي، وڏيڪ توهان راض جا راڻا آهيو۔۔
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

بس ابا ممتاز، مون برياني نه پر ڀت جي ڳالهه ڪئي ،،،، ڀت سنڌيءَ ۾ اهڙو لفظ آهي، جيڪو هر قسم جي چاونرن جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي

هڪ سنڌي لوڪ گيت نه ٻڌو اٿوَ ،،، او جيڪو ڀت ڪري ٿو بڙ بڙ، اهو به ڀت نه

خئير هاڻ توهان نٿا مڃيو ته مون بس ڪئي ،،،، پر ڏک رهندو، لڳي ٿو مونکي خاص حرم ۾ وڃي هٿ کڻڻا پوندا،،، پاڻ به بي ڏاڙهيا پير آهيون ،،،، هههههههه
 
جواب: هڪ ڌڪ ۾ ٻه شاديون

همراهه جو ڪم لهي ئي لهي،،هڪ ته هن ٻه شاديون ڪيون آهن، ٻيو وري پنهنجي ئي خاندان مان صفا اُڦٽ مري ويو ڏسجوس مزا۔۔۔۔
 
Back
Top