• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سر راڻو (شاه عبدالطيف رح)

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جي رسالي مان سر راڻو مان ڪجه بيت ۽ سر راڻي ۾ شاه سائين جو پکڙيل فڪر ،فهم ۽ مکيه موضوع اوهانجي خدمت ۾ رهنمائي لاء :-
پَائي آَيُس پَاندَ ۾ سوڍا سَڀيئيِ
ڍولا ڍڪِجِِ ايِ، مَڇُڻ عيبَ اُپٽين۔
_______ _________ ____

ڍولي ڍَڪيِ آهِيَان ، هُيَسِ اُگهاڙيِ
ڏيئي لِکَ لاڙي، ڪَڪََرُ ڪِئِائِيمِ ڪاڪ جو۔
______ __________ ____

نَئُون نيَاپو آئيو راڻي مُلا رات
لَڌيسُونَ لطيفُ چئي ، ڪَنا ڏاتَرَ ڏاتَ:
'ڪَا نه پُڇي ٿو ذاتِ،جي آيا سي اَگِهَياَ'
سُر راڻو​

سُر راڻي توڙي ٻين سُرن ۾ ،شاه سائين جو مقصد بيتين ۾ ڪنهن ڳالھ کي بيان ڪرڻ ناهي!ائين ڄاڻندي ته ڳالھ اڳ ۾ مشهور آهي ۽ ان جي سڀني کي خبر آهي۔شاه صاحب فقط ڳالھ جي ڪن خاصَ ٽاڻن جي حوالي سان،پنهنجي اعلئ شاعري ۽ نازڪ خيالي سان گڏوگڏ اعلئ فهم ۽ فڪر جا نت نوان رخُ روشن ڪيا آهن۔
مومل ۽ سندس سهلين جو سٿ جي هار سينگار واري ماحول،مومل جي مجازي حسن جي جلوي،۽ راڻئي لاء رات جاڳندي مومل جي انتظار کي شاه صاحب جن لفظن ۾ ۽ جنهن انداز سان بيان ڪيو آهي سو اعلئ شاعري ۽ نازڪ بياني جو شاهڪار آهي۔

سوڍين جا هار سينگار ائين جو
"سون ورنيون سوڊيون رُپي رانديون ڪن"،"جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس"،جهڙا پانن پن،تهڙيون سالون مٿن سائيون"​
اعلئ فڪر جي لحاظ سا،شاه صاحب مومل راڻي جي ڳالھ جي ڪن ٽاڻن اهڃاڻن کي عام روايتي رنگ واري مفهوم بدران تصوف جي اعلئ سطح واري معنئ ڏني آهي،جئن هيٺين مثالن مان معلوم ٿيندو۔

سالڪ طور جوڳيءَ جو تخيل۔​
قصي جي عام رايتن مطابق راڻئي ۽ ساٿين کي جيڪو راهي گڏيو سو جيتوڻيڪ جوڳي يا سامي جي بيک ۾ هو پر حقيقت ۾ وڏي لاءَ لشڪر وارو حڪمران هو۔يا وڏو مالدار سودگر هو يا ڪو صوبو سردار هو۔ان جي برعڪس،شاه صاحب کيس آديسي ۽ عاشق ڪري سڏيو آهي
۔"جوڳيءَ کي جڙاء،نسورئي نيه جو،"​
۽
"آديسي عشق جي لائي آيو لاڳ۔"​
اڃان به ان کان وڌيڪ، شاه صاحب "
جوڳي"​
کي تصوف واري استعاره م هيڪڙائي حق وارو
"موحد جوڳي"​
۽
"سالڪن جو رهنما"​
ڄاڻائي ٿو ته "
فيض فراَق فقير،جوڳي جاڳائي ويو​
"
۽
"سرَئو سون سُڪوت،جوڳيءَ سندي ذات کان"

12 صدي عيسوي کان وٺي هندو معاشري ۾ بت پرستي خلاف هٽَ-يوگين جي مُوَحدانه تحريڪ شروع ٿي، ۽ پوء جڏهن هيڪڙائي حق وارا هَٽ-يوگي (جوڳي) سنڌ ۾ آيا ته سنڌ جي عارفن درويشن سندن مان مرتبو سڃاتو،ايتري قدر جو پنهنجي ڪلام ۾ ،استعاره طور،سندن مثال هڪ وڏي سالڪ ۽ سونهين جي معنئ ۾ آندو۔شاه صاحب هن فڪر کي سُر رامڪلي ۾ وڌيڪ چٽائي سان ورجايو آهي۔
مومل
"طالب"​
۽ راڻو "مطلوب" وارو تخيل۔ راڻو رسي ويو ۽ وري مومل وٽ نه آيو۔فراق ۾ ،مومل سندس وصال لاء بيحال آهي۔معنوئ لحاظ سان،مومل "طالب" ۽ راڻو "مطلوب“ آهي! طريقيت ۾ "طالب " کي
"مطلوب"​
کان سوء ڪنهن غير ڏي ڏسڻو نه آهي;انهيءَ لحاظ سان،هيٺئين بيت ۾ شاه صاحب کي طالب کي تنبيه ته:

وٺيو وڄج واٽ،ڪنڌ مَ ڦيرج ڪيڏهين
لوڻي ڦير لپاٽ، لڳندَيئي لطيف چئي،
"فنا"​
جي اهڃاڻ طور ڪاڪ ۽ مومل جو تخيل۔راڻئي ۽ مومل جي ڳاله جي عام روايتن ۾ ،شاه صاحب کان اڳ جي ڪن سياڻن سگهڙن مومل کي قبر سان تشبيھ ڏني،ڇاڪاڻ جو هُن پنهنجي هن دنيا واري طلسمي ڪاڪ محل ۾ ڪيئي گهوٽ گهائي ڇڏيا ۽ ڪيئي خان کپائي ڇڏيا۔شاه صاحب پڻ اڳ ڀيٽ کي استعاري طور پنهنجي بيتن ۾ آندو ڇاڪاڻ جو تصوف واري فڪر ۾ اهو استعارو
"فنا"​
جو اهڃاڻ هو۔مثلا،داستان پهرئين جي وائي ۾
"آخر فنا"​
وارو اهڃاڻ ڏنل آهن ته
"راڻا ۽ همير سڀ مومل صحيح پسندا۔مڃي رضا رب جي هتان سڀ هلندا"​
! ڪانڌين کٽون کنيون ۽ وڃي "ڪاڪ" (قبرستان) ۾ لاٿيون! جيڪي اڳ جئرا جاڳندا جوان هئا سي وڃي قبرن ۾ ستا۔

ڇڏي حيلا هلئا مومل ماڻيائون
ڀيرو ڀڳائون ، آسڻ آَرامي ٿئا۔

ڪن بيتن تي غور ڪندي ائين ڀانئجي ٿو ته اهي شاه صاحب پنهنجي حياتي جي بلڪل آخري دور ۾ وفات واري وقت کي ويٍجهو چيا۔هيٺين سٽن ۾ ڄڻ شاه صاحب پنهنجي زميني زندگي جي پوري ٿيڻ ۽ هن جهان مان لاڏاڻي جا اهڃاڻ ڏنا۔

پلاڻيائون، پنڌ ٿئا ، لڏيو لطيفن
هٿان حبيبن،ڪونه ڏکويو ڪڏهين​

هيٺئين بيت ۾ وڌيڪ اهڙو اهڃاڻ ڏنل آهي جو ڄڻ شاه صاحب محسوس ٿو ڪري ته هن دنيا مان هلڻ جو پيغام اچي ويو آهي ۽ صبوح سوارو هيءُ خاڪي جسم (ڪرهو) زمين اندر داخل ٿيندو۔

راڻي ريٻارو، تو ڏانه مُڪو تڪڙو
لُڊوڻئا لطيف چئي مانجهي موچار
صبح سوار ،ڪاڪ گهڙندو ڪرهو
نئون نياپو
۔داستان ڏهين جي بيتين ۾ اعلئ فهم ۽ ادراڪ جا اهڃاڻ ڏنل آهن۔انهن بيتين ۾ ڪائنات جي خالق طرفان انسان ذات جي ڀلائي لاء جيڪي ڀلارا آيا ۽ جن جي رهنمائي سان اوندهي مان سوجهرو ٿيو ۽ سڄو جهان خوشبوء سان واسجي ويو،ان ڏانهن اشارا ۽ ڪنايا آهن۔ان سلسلي ۾،خاص طرح ان
"نئين نياپي"​
جو ذڪر آهي جيڪو
"نبي صلعم​
بني آدم کي پهچايو ته:
"ڏيهن جي ڏاتار وٽان اها ڏات عطا ٿي آهي ته ذات پات جو ڀيد ختم ٿيو ۽ خالق مالڪ جي نظر ۾ سڀ انسان برابر آهن;پر اهي جيڪي پاڻ پنهنجي سچي نيت سان ڌڻي ڏانهن ايندا سي وڏي مانَ وارا ٿيندا۔

نئون نياپو آئيو ، راڻي مُلا رات
لڌي سون لطيف چئي ڪنا ڏاتر ڏات
ڪانه پڇي ٿي ذات۔جي آيا سي اگهيا
مومل ڀانيو ته راڻو ڪاوڙيو ڪونه آهي پر محض ماڻو ڪري رُسي ويو آهي،هو ڪنهن نه ڪنهن رات ايندو جئن اڳ ايندو هو۔سو سڄيون راتيون سندس سڪ ۾ ويٺي ويٺي گذاريائين۔مومل جو اهو انتظار هن داستان جو موکيه موضوع آهي ۽ ان انتظار جي گهڙين کي شاه صاحب جئن مومل جي زباني بيان ڪيو آهي سو سندس شاعري جو ڪمال آهي:
”ڏيا تيل ڦُليل جا ٻارئم تائين ٻانگ“، ”آُڀِي آُڀارئام،نکٽ سڀ نَئي وئا“، ”ڪتين ڪر موڙيا،ٽيڙو اُڀا ٽيئي“، ”ڪتيون ڪَپارا ويون،لُڌا وئا لڙي“، ”وٽ سوريندي ولها،وئو تيل ٻري“، ”شمع ٻاريندي شب،پره باکون ڪڍيون“، ”پره لکايا پار ،موٽ سگهو تون مينڌرا“!​
راتيون جاڳندي،انتظار جون گهڙيون گذاريندي آخر مومل محسوس ڪيو ته راڻو جو هڪ رات آيو هو ۽ کيس ستل ڏسي موٽي ويو هو سو ڪا ڳالھ ڳڻي،من ۾ رکي،موٽي ويو!

راڻو ڪا رات وئو ڪري ڳالھ ڳجهي
تنهن سان من مُنجهي،منهنجو پئو مامري۔
_________ __________
سوڍي سُتي لوءِ ، مون سين جا ڳالھ ڪي
ساجي پڌر پوءِ ، ته سرتيون ڪامَ سُمَهي !

اميد ته سُر راڻي جي مثين تشريح مان شاه سائين جو ان سُر ۾ سمايل فڪر ۽ مکيه موضوع کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي۔

 
جواب: سر راڻو (شاه عبدالطيف رح)

سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب لک ٿورا

اوهان لطيف سائينء جي سُر راڻي بابت تشريح پيش ڪئي۔ شاهه صاحب مومل کي ان ڪري به ڳايو ۽ کيس سنڌ جي سورمي ڪري پيش ڪيو جو شاهه لطيف پنهنجي دور جي اُنهن هٿرادو ٺاهيل سماجي قدرن ۽ هٿ ٺوڪيل رسم رواجن جي مخالفت ڪئي آهي جن ۾ طبقاتي ڏاڍ، تشدد، ذات پات جا فرق ۽ ننڍ وڏائي، مرد جو ڏاڍ اچي وڃن ٿا. ٽي سو سال اڳ جو اهو سماج ۽ ان جا ماڻهو ڇا اڄ جي سماج ۽ ان جي فردن کان ڪو گهڻا مختلف محسوس ٿين ٿا؟

مومل جهڙي شهزادي پنهنجي راڻي جي جدائي کي سهي نه سگهڻ ڪري ڀيڻ کي راڻي جو روپ ڏئي ان سان ٿي سمهي. کيس ڀيڻ سان ستل ڏسي راڻو رسي روانو ٿي ويو... ڇا ته انصاف جي ڳالهه آهي ؟ اهو راڻو جيڪو پاڻ پنهنجي زال سان بيوفائي ڪري ان کان لڪي ايندو هو مومل سان ملڻ ان کان ڪو پڇڻ وارو ڪونه هو؟ ڇا مومل تي شڪ جائز هو؟ ڀروسو يا اعتماد نه هئڻ ۽ شڪ جو شڪار ٿيڻ جو سبب پڻ عورت جي ان سماج ۾ گهٽ حيثيت هئڻ ڪري هو.

تنهنڪري لطيف ماروي ۽ سسئي وانگر مومل کي به سنڌ جي سورمي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي چڪيء ۾ پيسيل ڏسي کيس ڳايو آهي۔


شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِهَ باکُون ڪَڍِيُون؛
موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا.
 
سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن شاه صاحب جي سُر راڻي کي تشريحي انداز ۾ کُليل طريقي سان سمجهائڻ ۾ جيڪا محنت
ڪئي آهي اُها قابلِ تعريف آهي ۽ اسين سائينءَ جن جي سمجهاڻي مان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو آهي...... سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب اوهان جون مهربانيون......
 
Back
Top