جواب: سڪ مان سڀني ساٿين کي سلام، ساٿ سلامت سنڌ سلامت ادا روپ راهي اسلام عليڪم۔ادا سان دل جي گهرائين سان اوهان کي هن محبتي ۽ معلومات سان لبريز اڳڻ جو ميمبر ٿيڻ تي واڌايون ٿا ڏيون۔ادا هن اڳڻ کي هر ميمبر پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان لکيل سٺن ۽ معلوماتي ليکن سان سينگاريو آهي۔هت توهان کي هر موضوع تي قيمتي ليک ملندا۔ڪمپويٽر جي ڄاڻ ڏيڻ لاء آسان جا ميمبر آتا ويٺا هوندا آهن ۔هر ميمبر محبت،خلوص ۽ پاڪيزگي جي سهڻي ڌاڳي ۾ هڪ ٻئي سان جڪڙيل آهن۔هڪ ميمبر جي تڪليف سڄي فورم جي تڪليف آهي ۽ هڪ ميمبر جي خوشي سڀني ميمبرن جي خوشي جو سبب آهي۔اميد ته اوهان پنهنجي ليکن سان هن اڳڻ تي پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياريندا رهندا۔،
جواب: سڪ مان سڀني ساٿين کي سلام، ساٿ سلامت سنڌ سلامت روپ راهي سائين جي آئين نِچُ آيئن ڀَلي آئين ڀَلا ٿين توهانجا پير هِن اڱڻ تي اوهانکي ڀَلي ڪري آيا چئون ٿا ۔
جواب: سڪ مان سڀني ساٿين کي سلام، ساٿ سلامت سنڌ سلامت وعليڪم اسلام منهنجا پرين پيارا دوست۔۔اميد ته ساٿ هميشه سلامت رهندو، هن محبتي اڱڻ تي۔۔۔هي سنڌ جو فيس بڪ آهي اميد ته ٻين سڄڻن کي به هن اڱڻ تي اچڻ لا اتساهيندا ته جئين اسان گهڻي مان گهڻا سموري سنڌ مان انٽرنيٽ سان لاڳاپيل دوست هن فورم کي آباد ڪري پنهنجا ويچار ونڊي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪري سگهون۔ سدائين گڏ
جواب: سڪ مان سڀني ساٿين کي سلام، ساٿ سلامت سنڌ سلامت ٿرپارڪار جي روپ راهي کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اميد آهي ته اوهان به پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت