• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏئي درد

غلام مصطفي ميمڻ

سينيئر رڪن
مانوار ميمبرس اسان جي هڪ گهڻ گهرئي دوست ڪنهن نامعلوم شاعر جون ڪجه شاعري اسان ڏي موڪلي گذارش ڪئي آهي ته ان کي هن محبتي اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي توهان سڀني جي قيمتي راء ۾ مستفيد ٿي سگهجي۔:-

ڏئي درد دلبر جدا ٿي وڃن ٿا
رکي دوستي پوء خفاء ٿي وڃن ٿا

زماني کي ڪهڙيون ميارون ڏجن
هتي يار پنهنجا خطا ٿي وڃن ٿا

حسينن کي هرڪو حسرت سان ڏسي ٿو
گهڻائي عاشق چريا ٿئي وڃن ٿا

تڏهن هو هٿن ۾ تسبيحون کڻن ٿا
جڏهن وار ڪارا اڇا ٿئي وڃن ٿا۔


ادا نثار ابڙو،محترم سليمان وساڻ ضاحب،سائين نثار ناز صاحب،پيارا عرس پريو صاحب،مانوارا عاشق سولنگي صاحب ۔ادي نور سنڌي۔سائين علي علي۔ڏاڏل شينو سائين،ممتاز وگهيو صاحب ۽ ٻيا مانوار شاعر حضرت ۽ سڀ محنتي ميمبر جيڪي پڻ سڀ هن محبتي اڳڻ جا مهماندار آهن کي گذارش آهي ته دوست جي موڪليل شاعري تي پنهنجي قيمتي ويچار ونڍ ڪندا ته مهرباني ٿيندي​
۔
 
جواب: ڏئي درد

بهترين خيال آهن ۔ باقي سائين ان تي ته ڪي شاعر دوست ئي بهتر راء ڏئي سگهن ٿا۔ پاڻ قافي ۽ رديف کان اڻ واقف ماڻهون آيون ۽ واهه واهه ڪرڻ وارن مان آهيون۔ پوء به منهنجي سمجهه مطابق ٿوري بحر وزن جي ترتيب بهت ڪجي ته بهترين شاعري آهي۔

ڏئي درد دلبر جدا ٿي وڃن ٿا
رکي دوستي ڇو خفا ٿي وڃن ٿا

زماني کي ڪهڙيون ميارون ڏجن
هتي يار پنهنجا خطا ٿي وڃن ٿا

حسينن کي هرڪو حسرت سان ڏسي ٿو
گهڻا يار عاشق چريا ٿي وڃن ٿا

تڏهن هو هٿن ۾ تسبيحون کڻن ٿا
جڏهن وار ڪارا اڇا ٿي وڃن ٿا۔
 
Back
Top