ڏاڏل جي مثبت تنقيد کانپوء الائي ڇو شاعريء جي ڪا ڊزائن ٺاهڻ تي دل ئي ڪونه ٿي وري۔ پر پوء به شاعري پڙهڻ جي شوق ۾ اڃان گهٽتائي ناهي آئي۔ اسان جي دوست رضوان گُل خوبصورت گيت جي چترڪاري ڪئي آهي۔ هي گيت محترم امداد سولنگي جي تخليق آهي۔
امداد سولنگي
گيت
ستـارا جڳمــــــڳائيندا،
ڪَتي آڪاش ڏي ڪَھندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
نديءَ تي ٻُور پيو ڪرندو،
پکي سَر مان پيو ٻوليندو،
لئي جي لام پئي لُڏندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
جڏهن سانوڻ اچي لھندو،
نوا ڪي ساز ڇيــــــڙينـدو،
پلر پالوٽ سين هوندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
اکيون ڪي پير ڳولينديون،
تنين جا دير ڳولنيديون،
پري ڪا سار پئي ٻُرندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
امداد سولنگي
گيت
ستـارا جڳمــــــڳائيندا،
ڪَتي آڪاش ڏي ڪَھندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
نديءَ تي ٻُور پيو ڪرندو،
پکي سَر مان پيو ٻوليندو،
لئي جي لام پئي لُڏندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
جڏهن سانوڻ اچي لھندو،
نوا ڪي ساز ڇيــــــڙينـدو،
پلر پالوٽ سين هوندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
اکيون ڪي پير ڳولينديون،
تنين جا دير ڳولنيديون،
پري ڪا سار پئي ٻُرندي،
”پرين تُون مان نه هونداسين“
