آءُ دنيا جي هر ڪنواري، عاقل بالغ ۽ ڪمائو دوست کي (ڇوڪري يا ڇوڪرو) اها صلاح ڏيندو آهيان ته جلد کان جلد شادي ڪري، ڇاڪاڻ ته جڏهن مشڪل ايندي ته ماڻهون مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ سکندو ... ”خئير ڀوڳن کان علاوه“ زال ۽ مڙس جو رشتو دنيا ۾ سڀ کان ڪارائتو، لاڀائتو ۽ پيار ڀريو رشتو آهي، ان رشتي ۾ جيئن ڪنهن ٻوڙ ۾ ڪئي مصالا ملائي لذيذ ڪبو آهي ائين ئي هن رشتي ۾ به ڪئي موڙ هوندا آهن جيڪي هن رشتي کي سهڻو ۽ سٻاجهو ڪندا آهن .... مان ته چوندو آهيان ته عورت کان بغير مرد ٿوهر ۽ مرد کان بغير عورت سڪل وڻ جيئان هوندي آهي. جنهن ۾ ڪو ڦل نه ٿيندو هجي ... هڪ دفعي شيطان کان پڇيو ويو ته تون سڀ کان وڌيڪ پنهنجي ڪهڙي عمل تي خوش ٿيندو آهين؟ جواب ڏنائين ته جڏهن ڪنهن زال مڙس ۾ جهيڙو ڪرائيندو آهيان. جيترو اهم هي رشتو آهي ته وري ان رشتي تي به ايترا ئي ڀوڳ ۽ چرچا به ٺهيل آهن ... پاڻ ڏسو
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ هاهاهاهاهاها۔۔۔۔ سائين اهي اهڃاڻ ته واقعي دل سان پيا لڳن پر ڀوڳ کان علاوه اها ڳالهه به آهي ته اهڙين حالتن جو ذميوار گهڻي قدر مرد پاڻ هوندو آهي۔
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه ههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه ههههههههههههههههههههههههههههههههههه سائين اصل ڏاڍو لطف اندوز ٿيس ڏاڍي ٿئي ٿي سنگت سان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههه ها ها ها جيڪو پاڻ ڏي سمجهي ها ها ها ها سدائين گڏ
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ادا ابڙا صاحب اڄڪلهه توهان شادين جي پويان لڳي ويا آهيو، هاڻ توهان ڪو شادي حال خريد ڪيو آهي ڇا، جنهن لاء وتو ٿا شادي وارن کي ڳوليندا، ادا ابڙا صاحب اسان ساڄي هٿ واري تحرير وارا ئي صحيح ٿا لڳون، پر ادا انسان ڪنهن به ڳالهه ۾ خوش ڪونهي، بس انسان رڳو پيو ٿو پاڻ کي خوش ڪرڻ جا هيلا بهانا ڳولي، جڏهن ته خوشي جا ميار جدا جدا هوندا آهن، وڌيڪ لاء سنڌ جي هڪ مفڪر سائين امر جليل صاحب جي الفاظن ۾ ٻڌو ( عبدالجليل ولد عندالغني قاضي 8 نومبر 1936 تي روهڙي، سکر ۾ پيدا ٿيو. سندس ادبي نالو امر جليل اٿس. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار ناول نگار، ڊراما ليکڪ ۽ ڪالم نويس آهي. ابتدائي تعليم روهڙي مان پوءِ نوابشاه ، سنڌ يونيورسٽي ۽ ڪراچي مان حاصل ڪئي اٿس. پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري فيلوريڊا اسٽيٽ امريڪا مان وتي آهي. امر جليل ڪئي عهدن تي رهي چڪو جيئن ، ريجنل مينجر ، پاڪستان براڊ ڪاسٽگ ڪارپوريشن، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جو وائس چانسلر جهڙوڪ تي فائز رهيو آهي. امر جليل سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ سنڌي ڪهاڻيڪار آهي. هن ڪيئي ڪهاڻيون ، ڪتاب ۽ ڊراما لکيا جيڪي اڄ ڪتابي شڪلن ۾ موجود آهن. امر جليل هن وقت تائين ڪيترائي ايوارڊ پڻ ماڻي چڪو آهي. )۔۔۔
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ههههههههههههه هههههههههههههههه ادا نثار ابڙا،ٻيلي ڏاها ٿيو ڇو پيا اسان پراڻن شادي جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل جا پول پڌرا ڪيو۔سائين نوان شادي شده جوڙن ۽ ڪنوارن کان ته هئي سچيون حقيقتون لڪايو،نه ته سڀ ڪنوارا ،ادا ممتاز وگهيو وانگر شادي کان بنا انڪاري ٿيندا ،جنهن جو ذڪر هنن اوهان جي ڀت کائڻ جي فرمائش واري خواهش جي جواب ۾ ڏنو هو۔(سائين مذاق پيا ڪيون۔ادا ممتاز وگهيو دل ۾ نه ڪجو)
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ادا ميمڻ صاحب اسان دل ۾ ڇو ڪنداسين، اسان وٽ ته نه دل آهي نه وري ڪو دماغ، بس پيا ٿا الله جي حڪم سان هلون، جيسين ساهه جو سڳو ساٿ پيو ڏئي، جنهن کي دل هوندي آهي اهي دل ۾ ڪندا آهن دل ڪا معمولي شيء ته ناهي، جو هر ڪنهن وٽ هجي، دل جو ڪم به نرالو آهي، دل بدن جي هڪ رئيس عضوي جو نالو آهي، (جنهن جو ڪم آهي سڄي بدن ۾ رت پهچائڻ)۔۔۔۔۔۔۔. قلب ، هِردو ، مَنُ ، هِيانءُ ، هِيُون ، جگر ، سِينو ، چِتُ ، باطِنُ ، اندرُ ، منجههُ. هَانوَ. هِمت ، شُجاعت ، دليري ، طاقت ، بهادري ، جرئت. مرضي. خيال ، راضپو ، خواهش ، سُڌِ ، ارادو ، مطلب ، مَنشيا ، نيت. جيئن ”منهنجي هينئر هلڻ تي دل ڪانهي“. ڌيان ، حوصلو ، تَوجّه ، رُخُ.ادا ميمڻ صاحب توهان کي لڳي ٿو ته انهن هيترين ڳالهين مان ڪا هڪ به مون ۾ هجي، ۔۔۔نه ادا بلڪل نه،
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ بس سائين پاڻ ڄاڻون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر اها خبر ناهي ته اوهان ڪنهن جي وارتا بيان ڪئي آهي ۔۔۔ خير وقت سان گڏ خبرون پونديون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ في الحال ته خوش آهيون ۔۔۔۔۔۔۔ باقي اڳتي ڏسبو ۔۔۔۔ ڇو ته اوهان شريعت جي چئن شادين جو ذڪر به هڪ ٿريڊ ۾ ڪيو آهي۔
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ادا توهان اها تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي توهان مذاق سان گڏ اصلاح به ڏني آهي ڪنوارن دوستن کي جيڪي اڃا ٿي سگهي ٿو ته شادي شده نه هجن۔
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ سائين ابڙو صاحب اسان جي پياري شخصيت آهن، سندن هميشه هي ڪوشش رهندي آهي ته سنڌي دوستن لا هن اڳڻ تي هميشه ڪجھ منفرد ئي کڻي اچن، سو واقعي به سائين جن جي هر پوسٽ ۽ تحرير منفرد هوندي آهي۔۔۔۔
جواب: شاديءَ کان اڳ ۽ پوءِ ادا سليمان اوهان سنڌ سلامت جا ڏاها دوست آهيو، اوهان جو اهڙو بيان ڪنهن اسٽيٽمنٽ کان گهٽ نه آهي، يقينن اوهان جو اهڙو پختو بيان ڪجھ شادي شده دوستن جي حوصله افزائي جو سبب بڻجندو۔۔ جيو سائين