سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سنڌ جي خوبصورت شهر دولتپور
    صفن ۾ ٿي گُذريو ، جنهن ۾ سموري سنڌ مان سنڌي ادبي سنگت جي شاخن جاسيڪريٽري ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري شريڪ ٿيا.


    رپورٽ ۽ تصويرون: نثاراحمدناز (29 اپريل 2012 دولت پور صفن)​


    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو اجلاس سنڌ جي خوبصور شهر دولت پور صفن جي ڪاليج جي لائبريري هال نزد پريس ڪلب دولت پور صفن ۾ آچر بتاريخ 29 اپريل 2012 سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد دولت پور صفن جي ميزباني ۾ ٿي گُذريو، جنهن جي صدار سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشوري جي رابطه سيڪريٽري محترم مير حاجن مير ڪئي جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي خزانچي محترم نبي بخش ناز،کان علاوه محترم مشتاق بخاري، محترم زاهد راڄپر، محترم بشير منگي هُئا ، هن مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي آئيني اجلاس ۾ باقائده سنگت جي شاخن جي سيڪريٽرين کي دعوت نامون بذريعه ايس ايم ايس، موبائل ڪال ۽ ليٽر ذريعي ڏنو ويو، هن مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس جا ٻه مکيه ايجنڊا هُئا . پهريون تنظيمي ڪارگزاري ۽ ڪارڪردگيءَ تي بحث ۽ ٻيون سنگت ويلفيئر ٽرسٽ جي قيام جي منظوري. تنظيمي ڪارڪردگي ۽ ڪارگُذاري تي بحث شروع ڪرڻ کان پهرين سنگت جي هر دلعزيز شخصيت مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ادبي سنگت شاخ جي هڪڙي ميمبر دوست کي شاهه لطيف جي وائي پڙهڻ لاءِ نينڊ ڏني وائي کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنگت جي سمورن عيوضن کي هن اجلاس ۾ شرڪٽ ڪرڻ تي ڀليڪار چئي ۽ سنڌ جي ارڏي پُٽ بشير خان قريشي جي لاڏاڻي جي ڏک ۾ سڀني شريڪ ٿيندڙن کي اٿي بيهي 5 منٽ خاموشي اختيار ڪرڻ جو چيو بعد ۾ مرحوم بشير خان قريشيءَ جي روح کي ايثال ثواب لاءِ اجتمائي طور دعا پڻ گهري وئي. مرڪزي سنڌي ادبي سنگت جي جملي ڪارگذارين ۽ ڪارڪردگي تي بحث جو آعاز ڪندي ڊاڪٽر مشتاق ڦل سنڌي ٻولي قومي تي شاخن جي ڪردار ۽ مرڪز جي ڪردار تي تفصيل سان روشني وڌي ۽ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي اڪثر شاخن مرڪز جي سڏ تي لبيڪ چئي ڀرپور نموني سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري پيغام کي عالم آشڪار ڪيو ۽ جڳه جڳهه تي ميڙاڪا، ريليون بُک هڙتالون ڪري پنهنجو قومي ڪردار پنهنجو فرض سمجهي ادا ڪيو، ان سلسلي ۾ سنگت ڪراچي وارن ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي مرڪزي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ مرڪزي سنڌي ادبي سنگت جي مڪمل شموليت ۽ عام سنڌي ماڻهن جي شموليت ايتري ته زياده هُئي جو پورو ممتاز مرزا آڊيٽوريم مڪمل طور ڀريل هو ۽ ماڻهو ڪرسيون نه هُئڻ جي باوجود بيٺا هُئا، ان سلسلي ۾ هُن سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي محنت کي مڪمل طور سارهايو۔ان کان علاوه سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڪانفرنس کي اسلام آباد شهر ۾ منعقد ڪرائڻ کي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ جو هڪ اهم ترين واقعو قرار ڏنو ۽ سنڌي ادبي سنگت اسلام آباد جي شاخ جي سڀني کاهوڙي ميمبرن جي ڪردار کي سارهائڻ جوڳو قرار ڏنو ، اسلام آباد ۾ منعقد ڪيل سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي جوائينٽ سيڪريٽري (فيميل ) آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شموليت تي پڻ کيس آفرين ڏيندي ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته ايڏي وڏي ڏوراهين سفر ۾ آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شموليت آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي سنڌي ٻوليءَ سنڌ ڌرتي سان بي لوث عقيدت جي حد تائين محبت جو نتيجو هُئي . ڪاروباري ڪاميٽي جي هن اجلاس آپا مهرالنساءِ لاڙڪ کي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ تي واڌايو پڻ ڏنيون . ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل هن اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ سيڪريٽرين کي چيو ته اسان سنڌي اديب شاعر پوري سنڌي قوم جي زبان آهيون، اسان پنهنجي جيجل سنڌ جي ثقافتن جا امين آهيون ، اسان سنڌ جي هر ٻرندڙ مسئلي کي پوري دنيا جي ساڃاهه وند ماڻهن تائين پهچائڻ کي پنهنجو فرض سمجهندا آهيون، سنڌي ادبي سنگت ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم آهي سنڌ ادبي سنگت جو هر ميمبر هڪ حوصلو ۽ اعتماد جو مظهر آهي ، ڪاروباري ڪاميٽيءَ جا هي تنظيمي اجلاس بين الصوباني مربوط ۽ مضبوط رابطن جا اهڃاڻ هوندا آهن ،سنڌي ادبي سنگت مرڪز باقائده پنهنجي ڏات ڌڻين جي تخليق ڪيل ڪتابن ، ڪهاڻين کي مڃتا ڏيندي آهي، انهي کيتر ۾ مختلف جج مقرر ڪري ايمانداريءَ سان ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو جاري رکندي آهي، ڊاڪٽر مشتاق ڦل وڌيڪ چيو ته سندس جنرل سيڪريٽري جي مُدي دوران هن ڪتابي ڪڙي سنگت جو ڪهاڻي نمبر شايع ڪرايو پهرين فيبروري 2012 ع کان 21فيبروري 2012 تائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم ، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريت جو قيام بيمار اديبن جي مالي سهائتا واسطي تحرڪ وٺڻ ، زنده اديبن کي مڃتا ڏيڻ، باقائدگيءَ سان وقت سر مرڪزي ڪاميٽين جا اجلاس منعقد ڪرڻ سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين جي ساٿ سان ممڪن بنايا آهن ڊاڪٽر مشتاق ڦل سڀني سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين کي سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي ۽ رابطن کي مضبوط بنائڻ جا مفيد مشورا پڻ ڏنا. ان کانپو سنگت ٽرسٽ جي قيام جي منظوري وٺڻ کان پهرين ويلفيئر ٽرسٽ جي اهميت ۽ افاديت جي ڄاڻ ڏيندي ڊاڪٽر مشتاق ڦل چيو ته اسان اڄ صرف هن ٽرسٽ جي قيام جي منظوري هن اجلاس ۾ ويٺل معزز ميمبرن کان وٺون ٿا باقي سنگت ٽرسٽ کي فعال بنائڻ لا ڪافي سوچ ۽ ويچار جي ضرورت آهي ، سنگت ويلفيئر ٽرسٽ جي قيام جي منظوري وقت ڪافي ميمبرن پنهنجي تحفظات جي اظهار ڪيو، وڏي بحث ۽ ويچار کان پو سنگت ويلفيئر ٽرسٽ جي قيام جي سڀني ميمبرن متفقه طور تي هٿ کڻي منظوري ڏني۔هن ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽرين کي سندن اعلى ڪارڪردگي عيوض مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا، جن ۾ سنڌي ادبي سنگت ڳڙهي ياسين جو جو سيڪريٽري شاهين سنڌي، سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي جو سيڪريٽري ارباب ملاح سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز سرفهرست آهن, سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي هن تاريخي اجلاس ۾ سنگت جي مختلف ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين پنهنجي پنهنجي ضلعن جي شاخن جي ڪارڪردگيءَ جون رپورٽون پڻ پيش ڪيون، سنڌ ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي نبي بخش ناز سنگت جي مرڪزي سيڪريٽريٽ واري عمارت تي ٿيندڙ خرچ جو تفصيل پڙهي ٻُڌايو ۽ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪاروباري ڪاميٽي جي سڀني ميمبرن کان متفقه طور تي هٿ کڻائي انهي خرچ جي منظوري ورتي، هن اجلاس ۾ سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري جي غير سنجيده روين ۽ سنگت جي سرگرمين ۾ شرڪت نه ڪرڻ سبب سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران ان شاخ جو الحاق ختم ڪرڻ جي فيصلي جي اجلاس مان شريڪ ٿيندڙن معزز ميبرن کان منظوري ورتي وئي ان کان علاوه نين شاخن ڀريا وليج ڄامشورو ۽ خيرپور کي مرڪز پاران پڪو الحاق ڏيڻ جي پڻ منظوري ورتي وئي۔ هن ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس جي ميزباني ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد جي سيڪريٽري محترم ممتاز علي ميمڻ سڀني مهمانن کي ڀليڪار چئي مرڪزي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا ٿورا مڃيا جو هنن هن اجلاس جي ميزباني جو شرف سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد کي ڏنو سنڌي ادبي سنگت جي ضلع رابطا سيڪريٽري مُسافر لاکي چيو ته سنڌي ادبي سنگت پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي اديبن جي جيڪا خدمت ڪئي آهي سا وسارڻ جوڳي ناهي۔ ڪاروباري ڪاميٽي جي صدارت ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت ضلع ڄامشوري جي رابطا سيڪريٽري محترم مير حاجن مير پنهنجي صدارتي خطبي ۾ چيو ته اهڙا اجلاس سنگت جي دوستن سان ملاقاتن جو موقعو مهيا ڪن ٿا، اسان سنڌ جا اديب متحد ٿي سنڌ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙڻ به هڪ جهاد آهي، سنڌ جي هر اديب خصوصي طور تي سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل هر دوست کي کپي ته پنهنجي بهتريل صلاحيتن کي صرف سنڌ جي سڀ کان وڏي ادبي پليٽ فارم سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتب ۾ آڻين ۽ سنڌ جا حلالي ٻچا بڻجي جي جيجل سنڌ جي خدمت ڪن ۔ آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر مشتاق ڦل ڪجهه قراردادون پيش ڪيون :[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]1. سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو هي اجلاس ارباب اختيار کان مطالبو ڪري ٿو ته سنڌ جي ارڏي پُٽ بشير خان قريشي جي موت جي اڻ ڌري جانچ ڪرائي بشير خان قريشي جي شهادت ۾ جيڪي هٿ ملوث هُجن انهن کي بينقاب ڪري کين قرار واقعي سزا ڏني وڃي.


    2.سنڌ ۾ ڌار صوبي لاءِ مظاهرو ڪندڙن جا ناپاڪ اراد خاڪ ۾ ملائي انهن سنڌ جي غدارن کي گرفتار ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي.


    3. پي ٽي وي تان سنڌي فنڪارن تي لڳايل بي جا پابنديءَ کي فلفور ختم ڪري پي ٽي وي تان سنڌي پروگرامن جو وقت وڌايو وڃي.

    4.جيئن ته ڪراچي شهر سنڌ جي دل آهي ڪراچيءَ ۾ سڀني تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن لاءِ دروازا کوليا وڃن .

    5. سنڌي ادبي سنگت جي ديرينه مطالبي سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري مطالبي کي سنڌي قوم جو مطالبو سمجهي سنڌي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

    6. سنڌ مان نڪرندڙ ڪوئلي سميت سموري معدني وسيلن جهڙوڪ تيل، گئس جي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪري ان جي مڪمل رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي.


    7. سنڌ جي نادار ۽ بيمار سنڌي ادبين سنڌي شاعرن سنڌي قلمڪارن ، سنڌي فنڪارن الغرض فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ سڀني سنڌي ماڻهن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي.

    8. سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سينئر ميمبر مرحوم عثمان علي زئور جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو۔[/JUSTIFY]


    مٿئين سمورين قراردادن کي ڪاروباري ڪاميٽيءَ ۾ ويٺل سڀني ميمبرن هٿ مٿي کڻي منظور ڪيو .

    [JUSTIFY] اجلاس کان ٻاهر سنڌي ادبي سنگت سنڌ سنگت ڪهاڻي نمبر ڪڙي نمبر 29 ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پڌر نامي جي ڪتابن جو اسٽال پڻ لڳايو هو ، انهي اسٽال تان سنڌي ادبي سنگت جي ساٿين جوڪ در جوڪ انهن ڪتابن جي خريداري پڻ ڪئي ۔هن تاريخي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ وارن ۾ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري، امين لاکو سنڌي ادبي سنگت ڳڙهي ياسين جو سيڪريٽري شاهين سنڌي، سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي جو سيڪريٽري ارباب ملاح، ڪائونسلر سڪندر جروار،سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمد ناز کان علاوه رضا ڏاهري ۽ سموري سنڌ جي سيڪريٽرين ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي، اهڙي طرح هي اجلاس صُبح جو يارهين وڳي کان شروع ٿي منجهند جو 3 وڳي اختتام تي پهتو آخر ۾ ميزبان سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد پاران آيل سڀني مهمان کي مانجهاندو ڏنو ويو[/JUSTIFY]

    هاڻي پيش آهي انهي اجلاس جو تصويري احوال :​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

    پيش آهن هن اجلاس جو ڪُجهه تصويرون

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد پاران ميزباني بينر لڳايا ويا هُئا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل صاحب هن ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس جي ڪاروائي هلائي رهيو آهي مختلف انداز

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سنڌ جي ارڏي پُٽ بشير خان قريشي جي لاڏاڻي ۽ سندس روح جي ايثال ثواب لا اجتمائي دعا ۽ اٿي بيهي پنجن منٽن جي خاموشي جون تصويرون​
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

    سائين نثار ناز صاحب سڀئي فيصلا تمام بهترين فيصلا ڪيا ويا آهن، ڪهڙي ڪهڙي فيصلي جي تعريف ڪريان، خصوصي طور ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن سان وڏي ويساھ گهاتي ٿي رهي آهي، جنهن لاءِ اسان سنڌين کي منظم ٿي تحريڪ هلائڻي پوندي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

    سائين نثار پيرائتي رپورٽ ونڊ ڪرڻ لاء مهربانيون

    سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سائين مشتاق ڦل جون ڪاوشون ۽ سنگت جو ڪردار قابل فخر ۽ قابل تعريف آهي۔ خوشي ٿي ته سنگت پنهنجون ڪاوشون جاري رکيون پئي اچي۔ انهن سڀني دوستن کي واڌيون جن کي مڃتا اوارڊ مليا آهن۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس

    ادا طاهر سنڌي ، سنڌي ادبي سنگت پوري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي منظم ادبي تنظيم آهي سنڌي ادبي سنگت سدائين سنڌ جي حقن لا پاڻ پتوڙيو آهي، سنڌ دشمنن جا ناپاڪ ارادا سدائين خاڪ ۾ ملايا آهن، ائين سمجهو ته سنڌي ادبي سنگت جا اديب شاعر هن ادبي پليٽ فارم تان متحد ٿي سنڌي ٻولي، سنڌ ڌرتي لا آواز اٿاريندا آهن ۔ هن اجلاس جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان سان ونڊيندي انتهائي خوشي محسوس ڪريان پيو۔

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت شاخ مورو جو سيڪريٽري محترم وزير فرهاد ماشاالله هيڊو ڪرتو سنڌي ٽوپي تمام سهڻو پيو لڳي هن اجلاس ۾

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    سموري سنڌ مان شريڪ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي مختلف شاخن جا عيوضي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران هن ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس ٻاهران سنگت پبليڪيشن پاران ڇپايل مختلف ڪتابن جو اسٽال لڳايو ويو هو

    [​IMG]

    [​IMG][/IMG]

    سنڌي ادبي سنگت جي ڪامياب اجلاس کانپو سنگت جو گروپ فوٽو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جو جاکوڙي اڳوڻ سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل نمايان آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز کي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي سيڪريٽري جي حيثيت ۾ سندس بهترين ڪارڪردگي عيوض سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏئي رهيو آهي۔​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو