سائين پير حُسام الدين راشدي هميشه مرحوم محمد صديق مسافر کي سنڌي ٻولي جو خاموش خدمتگار ڪوٺيندو هو ۔ پر اڄ مان هت هڪ اهڙي سَچي سنڌي ٻچڙي جو ذِڪر ڪندس جيڪو سنڌ ۽ سنڌين جو خاموش خدمتگار هو ۔ جنهن وقت سنڌي سڏائڻ ڏوهه هوندو هو ، اُن وقت سي ايس ايس ( آڊٽ ۽ اڪائونٽس گروپ ) جو پهريون آفيسر هو جيڪو کُلي ڪري سنڌين جي مدد ڪندو هو ۔ هن کي ڏسندي ڪري هن ئي گروپ جا سينئر سنڌي آفيسرَ اڳتي ميدان ۾ نڪري آيا ۔ اسد ابڙو صاحب زياده تر بلوچستان ۾ فائز رهيو ۔ اسد ابڙو صاحب ڪوئيٽا ۾ سنڌي ادبي سنگت بلوچستان جي شاخ قائم ڪئي ۔ جيڪا دنيا جي تمام سنڌي ادبي سنگت جي شاخن کان مختلف هئي۔ (هينئر اُن شڪل ۾ موجود نه آهي ) ۔ سندس جي وسيع النظري جو هڪ مثال ڏيندو هلان ، هن تمام ٿورڙي في سان چَندي وارو سلسلو قائم ڪيو هو ۔ جيڪي سنڌي ملازم ڪوئيٽا ۾ رهندا هئا انهن کان صرف ماهوار ڏَهه روپيا ورتا ويندا هئا ۔ ( ان في لاءِ ڪنهن جي در تي نه وڃبو هو هرڪو پاڻ جمع ڪرائي ويندو هو ) اُن ئي في مان سنڌي ادبي سنگت جا پروگرام ته هلندا ئي هئا ، پر الله نه ڪري ڪنهن دوست جو موت واقع ٿي وڃي ته غسل ، ڪفن ۽ سندس ميت کي گهر تائين پهچائڻ جو فرض به پورو ڪيو ويندو هو۔ ڪنهن دوست کي جي قرض گهربو ته ان جي مدد به ڪئي ويندي هئي ۔ سڀ کان اهم ڳالهه جيڪڏهن ڪو دوست بدلي ٿي ڪوئيٽا کي خيرباد چوندو هو ته ان دوست جي مان ۾ الوداعي پارٽي مرتب ڪبي هئي ، جنهن ۾ اُن دوست جو حساب ڪبو هو ته هن دوست ڪيتري في جمع ڪرائي هئي ان جو ٽي ڀاڱي چار ( سو روپيه جمع آهن ته پنجهتر روپيه واپس ) دوست کي واپس ڪيو ويندو هو۔ سائين جي ايم سيد جي تصوير آفس ۾ هر وقت موجود رهندي هئي هيس۔ سائين جي پوئلڳن جي ڌڙن کي متحد رکڻ لاءِ جيڪي جَتن هن دوست ڪيا شايدئي ڪنهن ڪيا هجن۔ هن کي هڪ ئي خواب هو سنڌي ڪنهن به شڪل ۾ صرف ڪٺي هجن۔ مان جڏهن به ڪامريڊ اسد ابڙو سان ملندو هيس ته پنهنجي موجودگي جو اظهار هن ريت ڪندو هيس ، اسلام عليڪم ياعلي مدد حق موجود ڀيڄ پاڳارا جيييييييييئي سنڌ ڪڏهن به هِن دوست منهن ۾ گُهنج نه آندو ته آفيس آهي يا گهر آهي محفل آهي يا روڊ رستو جواب انهي انداز سان ڏيندو هو وعليڪم سلام مولاعلي مدد سداموجود ڀيڄ پاڳارا سداااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا جيئي سنڌ ، جيڏي مان لانڍ جيئي ۾ ڪندو هيس ايڏي هي سدا ۾ ڪندو هو ۔ ڪامريڊ اسد ابڙو جي ترقي ٿي هن جي بدلي اسلام آباد ٿي ته به ڪامريڊ سنڌي ادبي سنگت جي سالياني پروگرامن ۾ پنهنجي خرچ تي نه صرف حاضري ڀريندو هو پر حصو پتي به پڻ ڏيندو هو ۔ سندس جو شاندار سفر اُهو هو جنهن ۾ هن دوست هڪ هڪ ( نالا ڏيڻ مناسب نه آهن ) جي گهر وڃي ڪٺي ٿيڻ لاءِ منٿ زاري ڪئي سنڌين کان جيڪو جواب مليو هوندو ان جو ذڪر ڪرڻ به اجايو ٿيندو ۔ 29 اپريل 2011 جو اسلام آباد کان پنهنجي ڳوٺ ڳڙهي ياسين ايندي ڪنڌڪوٽ ويجهو گاڏي ۾ ئي دل جو دورو پئجي ويس جنهن اسان کان سچو دوست کسي ڇڏيو۔ قالو انا لله وَ انا عليه راجعون الله سائين جنت الفردوس ۾ ڪُشادي جاءِ عطا ڪريس آمين
جواب: خاموش خدمتگار ڪامريڊ اسد ابڙو انا لله و انا اليه راجعون رب العالمين کيس جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ،،،، آمين بيشڪ ڪن ڪن ماڻهن منجها اچي بوءِ بهار جي، هر ميدان ۾ چاهي اهو ادبي هجي، سماجي هجي يا وري سياسي يا مذهبي ڪي ڪي ماڻهون اصل اهڙا ته سهڻا هوندا آهن جو انهن جي روشنيءَ سان ڪيترائي رستي ڀليل پنهنجي دڳ لڳي ويندا آهن سچا ۽ سهڻا انسان هميشه هڪ هيري جيئان هوندا آهن جن جي هر پاسي هر ڪنڊ کان نئين روشني پئي نڪرندي آهي، اسان سڀني جي زندگين ۾ ڪئي اهڙا انسان آيا ۽ پنهنجي پارس جهڙي طبيعت سان اسانکي به سون ڪري ويا، دنيا ۾ ماڻهن جو ڪال نه ٿيو آهي ۽ نه ٿيندو، جڏهن ڀلن انسانن جو ڪال ٿي ويندو ته ان ڏينهن کي قيامت جو ڏينهن چئبو مرحوم ڪامريڊ اسد ابڙو کي اسانجو سلام
جواب: خاموش خدمتگار ڪامريڊ اسد ابڙو اسد ابڙو صاحب بابت مون محترم ڪريم چانڊيو ۽ عبدالخالق جوڻيجي جي واتان وڏي تعريف ٻڌي هئي۔ بلڪه سچل ڳوٺ ۾ اسد ابڙي صاحب جي موت بابت ڳالهائيندي ڪجهه دوستن جا رايا هيا ته شايد کيس مارايو ويو هجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر وڌيڪ ڪا اهڙي بحث يا تفتيش ڪانه ٿي۔ پر سنڌ ۽ سنڌيت جو هڪ عاشق اسان کان وڇڙي ويو۔ اوهان جا ٿورا جو اوهان اسان کي مرحوم جي ياد ڏياري۔