سين پهريون۔۔۔۔ هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ايئرڪنڊيشن ڪوچ ۾ سفر دؤران اتفاق سان ڀرواري سيٽ تي ڪاٽن جي ڪڙڪيدار ڪپڙن ۾ ملبوس هڪ سمارٽ نوجوان ويٺو هيو ، جنهن جو پورو وجود ڪنهن پرفيوم جي دل لڀائيندڙ خوشبوءَ سان مهڪي رهيو هيو وٽس مهانگو ۽ جديد موبائيل سيٽ به هيو ۽ سندس چيچ ۾ سون جي منڊي ته ڳلي ۾ خوبصورت لاڪٽ سون جي سڳي ساڻ چمڪي رهيو هيو. سفر جي شروع ٿيڻ کان ٿوري دير بعد ئي تعارف جا مرحلا به طئي ٿي چڪا ته مون کانئس پڇيو ” سائين ڀلا ڏيو خبر اوهان ڪم ڪهڙو ڪندا آهيو ؟ “ سندس جواب هيو ته ” مون کي ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي ! “ سندس ان منجھيل جواب مان مطمئن نه ٿيم ورائي پڇيم ته ” ان جو ڇا مطلب آهي ؟ “ وراڻيائين ته ” سائين ڪي ڏاڍا سادا آهيو ، ان جو مطلب هي آهي ته اسان کي الله جو ڏنو سڀ ڪجھ آهي ، خانداني زمينداري آهي ان ڪري هروڀرو ڪو ڪم ڪرڻ ڀلا ضروري آهي “ تعليم متعلق پڇڻ تي ٻڌايائين ته ” پڙهي اهو جنهن کي ٻن ٽڪن جي نوڪري ڪرڻي هجي اسان ته خانداني زميندار آهيون ۽ نوڪريءَ کي عيب سمجھندا آهيون ها البت اليڪشن وغيره ۾ بيهڻ لاءِ جئين ته گريجوئيٽ جو شرط رکيو اٿن ان ڪري مڙوئي جڳاڙ سڳاڙ ڪري ايم اي جي ڊگري وٺي ڇڏي اٿم.سين ٻيو۔۔۔منهنجي هڪ انتهائي دلبر دوست کي هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ تازوئي نوڪري ملي آهي ، ان ڪمپنيءَ جي آفيس ڪلفٽن ڪراچيءَ ۾ آهي ، سندس دعوت تي سندس آفيس ۾ وڃڻ ٿيو . شام ڌاري هڪ خوش شڪل ۽ خوش پوشاڪ نوجوان آفيس ۾ گھڙي آيو ، ساڻس منهنجي دوست تعارف ڪرايو ته اهو سندن باس آهي ، هن اچڻ سان پنهنجي ليپ ٽاپ کي آن ڪري ان کي انٽرنيٽ سان ملائي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. اسان کي ساڳي ڏينهن تي جئين ته هڪ ٻئي دوست جي شاديءَ جي دعوت ۾ شرڪت ڪرڻي هئي ان ڪري جلدي کانئس موڪلائي شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ روانا ٿي وياسين ، ۽ پوءِ رات جو دير سان لڳ ڀڳ ٻي وڳي اتان موٽياسين ته سندن باس ساڳي سيٽ تي ويٺو هيو ۽ انوقت نيٽ تان ڪي ڊاڪيومينٽ ڊاؤن لوڊ ڪري رهيو هيو، سندس ٽيبل تي هڪ سهڻو ۽ جهازي سائيز جو وڏو چانهه جو مڳ سبز چانهه سان ڀريو پيو هيو، ۽ ٽيبل تي پيل ايش ٽري ۾ سگريٽن جي ٽوٽن ۾ پڻ اضافو اچي چڪو هيو ، هن اسان کلي کيڪاريو ، چوڪيداريءَ تي مامور پٺاڻ کان اسان جي لاءِ سبز چانهه ٺهرائي پيش ڪئي سڄي ڏينهن جي سفر ۽ شادي ۾ شرڪت ٿڪائي وڌو هيو ان ڪري کانئس ڪجھ رسمي ڳالهيون ڪري موڪلائي اسين وڃي ايئرڪنڊيشن روم ۾ سمهي رهياسين ، صبح جو جيئن ته ڪجھ ضروري ڪم ڪار سرانجام ڏيڻا هيا ان ڪري جلدي اٿي تيار ٿي ساڳي ڪمري ۾ آيا سين ته يار ساڳيءَ پوزيشن ۾ ويٺو هيو، مون پنهنجي دوست کان پڇيو ته ” اوهان جو باس ڪٿي ستو هيو ؟ “ وراڻيائين ته ستو وري ڪٿي هيو ، هن ته سڄي رات ويٺي ڪم پئي ڪيو “ وڌيڪ اهو ٻڌايائين ته هاڻي هي سمورو آفيشل ٽائيم به ويٺو رهندو ۽ شام جو چئين وڳي وڃي گھر آرامي ٿيندو. مون کيس چيو يار هي ماڻهون آهي يا جن!!!! هن سندس لاءِ وڌيڪ ٻڌايو ته سندس تعلق هڪ خوشحال گھراڻي سان آهي ، سندس ٻه ڀائر گرين ڪارڊ هولڊر آمريڪي شهري آهن ، سندن ڪراچيءَ جي پوش علائقي ۾ پنهنجو بنگلو آهي سندس والدين هن جي اڪائونٽ ۾ لکين روپيا رکرائي ڇڏيا آهن پر سندس چوڻ آهي ته اها ته سندس والدين جي ڪمائي آهي ۽ گھر به سندن ئي آهي، ان سڀ ڪجھه ۾ منهنجو ڪهڙو ڪنٽريبيوشن آهي؟! ان ڪري سندس خيال آهي ته هو پنهنجو جهان پاڻ ٺاهيندو ۽ ان سلسلي ۾ کيس سخت محنت ڪرڻي آهي جيڪا حقيقت ۾ هو سرانجام ڏيئي به رهيو هيو.ان وقت منهنجو ڌيان اڳ ٻڌايل سنڌي نوجوان ڏانهن هليو ويو هيو، هن وٽ ڪيتري زمين هوندي، سندس سموري زمين ته آمريڪا ۾ رهائش پذير هن جو وڏو ڀاءُ هڪ سٽ ۾ خريد ڪري سگھي ٿو، مون کي يقين آهي ته جيڪا رهائش گاه ڪراچيءَ جي پوش علائقي ۾ هن يار وٽ آهي ان جي قيمت گھٽ ۾ گھٽ سنڌي نوجوان جي سموري زمين جي اڌ جيتري ته ضرور هوندي. پر هي يار ” الله جي ڏني تي ڀاڙي “ ڪجھ به نه ڪرڻ کي پنهنجي توهين سمجھي ٿو ۽ پنهنجي تقدير پاڻ لکڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪري ٿو ، جنهن کي جيڪڏهن جدوجهد جو نالو ڏجي ته بهتر ٿيندو ، ڪيڏو نه فرق آهي اسان جي سنڌي وڏيرڪي ڪلاس ۽ شهري پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ ، هڪ ملڪيت کي بنياد بڻائي ان کي الله جو ڏنو سڀ ڪجھه سمجھي ڪم ڪرڻ کان نابري واري ويٺو آهي جڏهن ته هي تمام وڏي ملڪيت ورثي ۾ ملڻ جي باوجود پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي تهان وڌيڪ محنت جو طالبوآهي. اسان جو سنڌي سماج جن گوناگون مسئلن ۾ منجھيل آهي بلاشڪ انهن کي ڦهلائڻ ۾ ٻين خارجي عنصرن جو عمل دخل ته آهي ئي سهي پر جيڪي داخلي مسئلا آهن اهي گھڻو ڪري اسان جا پنهنجا به پيدا ڪيل آهن. مثال طور ڪم ڪرڻ کان لنوائڻ ، ڪنهن هنر سکڻ جي موقعي کان ائين پاسو ڪرڻ جيئين ڪانو ڀڄي ڪمان کان، مئٿ، انگريزي، ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم وٺڻ يا انهن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ، ڪم ڪرڻ کي عيب سمجھڻ جڏهن ته واندو رهي خالي مهانگا لٽا ڪپڙا پهري گاڏين ۾ بنا مقصد هِت هُت رلڻ کي لئي سمجھڻ، ان قسم جون بيماريون محض مٿين سنڌي ڪلاس ۾ ناهن غريب غربو ۽ وچين طبقي جون نوجوان به اهڙين بدعتن ۾ ڦاٿل آهي. ” اڇي پڳ مَه پس اندر مڙوئي اڳڙيون “ جي مصداق ته اسان ظاهري ٺٺ ٺانگر جا ته عادي آهيون ئي سهي پر حقيقي خوشحاليءَ کان ڪوهين دور آهيون. ان جا هڪ کان وڌيڪ ڪيئي سبب ٿي سگھن ٿا پر ان ۾ اسان جي سستي ، ڪم کان لنوائڻ ۽ محنت کي عيب سمجھڻ وارا رويا سڀ کان وڌيڪ ذميوار آهن. ڪراچيءَ جي ان ٽوئر ۾ ئي هڪ اهڙو به سنڌي نوجوان مليو جيڪو هڪ پرائيوٽ ڪمپنيءَ ۾ ٽيهن هزارن جي نوڪريءَ سان لڳل هيو ، پر کيس اتي ان ڪري مزو نه پئي آيو ته فرم وارا ٻين ملازمن وانگر کانئس به پورو پورو ڪم وٺندا آهن، ان پنهنجي هڪ ٻئي دوست کي ايلاز پئي ڪيا ته سندس لاءِ ڪا سرڪاري نوڪري ڳولهي ڀلي اها ڪلارڪي ڇونه هجي ۽ هو ان لاءِ پنجاهه هزار روپين ڏيڻ لاءِ به تيار هيو!!! ڇا اهي نارمل ماڻهن جا رويا چئبا ته ٽيهن هزارن جي هڪ اهڙي نوڪري جنهن ۾ اڃا تمام اڳتي وڌڻ جا چانس هروقت موجود آهن ان کي ڇڏي پنجن ستن هزارن جي سرڪاري نوڪري حاصل ڪجي ؟ محض ان لاءِ ته اتي ڪم نه ڪرڻ جي آزادي آهي! پر ڇا ڪجي اها اسان جي هڪ اهم ڪمزوري ئي ته آهي. اسان ۾ هڪ انتهائي خطرناڪ رويو پيدا ٿي چڪو آهي ته اسان پنهنجن سمورن اهنجن، تڪليفن ۽ ناانصافين جو ذميوار ڌارين يا ٻين ماڻهن کي بڻائيندا آهيون ۽ ڳالهه ڳالهه تي عذر پيش ڪندا آهيون ته جي اهو فلاڻو هينئن نه ڪري ها ته جيڪر مان منزل تي پهچي وڃان ها، ڀلي ته اهليت نه هجي پر اسين اهوئي چونداسين ته جي سياسي مداخلت نه هجي ها ته مان سيڪريٽري واري سيٽ سنڀاليو ويٺو هجان ها ، ائين ڪرڻ سان ٿي سگھي ٿو ته وقتي طرح دل کي دلاسڙو ته ملي پئي پر اهو ڪو تدارڪ ناهي اها هڪ خطرناڪ بيماري ئي ته آهي جنهن جو علاج به ٻي ڪنهن وٽ ناهي ان معاملي ۾ اسين مريض به پاڻ ته ويڄ به خود ئي آهيون. خالي مظلوميت جي راڳ الاپڻ کان اهو بهتر ناهي ته اسان ڀلا اهو ڪم ته سرانجام ڏيون جنهن کي ڪرڻ جا اهل به آهيون پر جي ناهيون ته ٿوري گھڻي محنت ڪري ته سکي سگھون ٿا ۽ ان نموني پنهنجي لاءِ پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ڌرتي واسين لاءِ به ڪارائتا ٿي سگھون ٿا. ڪنهن وڏي انسان کان جڏهن ڪنهن اهو سوال ڪيو هيو ته ڏيو خبر اوهان ايترو عقل ۽ علم ڪنهن کان پرايو آهي ته سندس جواب هيو ته چرين ۽ پاڳلن کان!! وضاحت ڪندي ٻڌايائين ته اهو هن نموني ته جيڪي ڪجھ اهي ڪندا آهن مان اهو نه ڪندو آهيان. سو سکڻ وارن لاءِ سئو رستا ۽ گس آهن هروڀرو ڪو بهانو نه ڪري ۽ مستقل مزاجيءَ کان ڪم وٺي دل لڳائي ڪو هنر محض ڇهه مهينا يا سال لاءِ سکي ته پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه سندس لاءِ عزت ڀرئي روزگار جا سوين دروازا ٿا کلن. بهشت تريءَ تي ڄمڻ جا زمانا هليا ويا هاڻ ڪو معجزو ويٺي ويٺي رونما ڪونه ٿيندو جيستائين ماڻهون ان لاءِ پاڻ هٿ پير نه هڻندو. اڄ جڏهن انٽرنيٽ ۽ سيٽلائيٽ سڄي دنيا کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيو آ ته نوڪرين ۾ پڻ اها بين الاقواميت اچي چڪي آهي. هاڻي ريگستاني علائقي ۾ ويٺل ڪو همت ڀريو ڳوٺاڻو نوجوان محنت ڪندو ته اهو ترقي جي بلندين تائين رسي سگھي ٿو ان ڪري ٻين کي ڏوهه ڏيئي پنهنجي عيبن کي لڪائڻ بجاءِ اسان کي همت کان ڪم وٺي مستقل مزاجيءَ جي ڏور پڪڙي اڳتي وڌڻو پوندو ته منزل آسان ٿي پوندي.۔۔۔بشڪريه وائيس آف سنڌ
جواب: ترقي هن نموني به ممڪن آهي۔۔۔امير گل ڪٽوهر مان به مٿين ڳالهه سان بلڪل سهمت آهيان۔۔۔۔ پر ان لاء اهو ضروري آهي ته پهريان نوجوانن کي دڳ سان لائجي، باقي پوء هو همت ڪري سڀ ڪجهه ڪري ڪاميابي ماڻي سگهن ٿا۔ اچو ته سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان نوجوانن ۾ تبديلي آڻڻ لاء جاڳرتا مهم شروع ڪيون ۽ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي ليک لکي سڀني کي آگاهه ڪندا رهون۔
جواب: ترقي هن نموني به ممڪن آهي۔۔۔امير گل ڪٽوهر بس اها ئي ڳالھ ماريندي آهي ته اڪثر سنڌي سرڪاري نوڪري صرف ان لا وٺڻ پسند ڪندا آهن، ڇو ته گهر ويٺي پگهار ملي ٿي۔ پر حقيقت ڪجھ ٻي به آهي، منهنجو هڪ مهاجر دوست آهي ان سان اهڙين ڳالهين تي منهنجي ڊسڪس ٿيندي رهندي آهي، سندس چوڻ آهي ته ساڳي بيماري هنن ۾ به آهي، جو اڪثر اردو اسپيڪر به گهر ويٺي پگهارون کڻن ٿا خاص ڪري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾۔۔۔۔