• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مورو ۾ بم ڌماڪو

رحيم بخش

ايڊيٽر
اڄ صبح جو 6.00 بجي مورو ۾ نيشنل بينڪ جي سامهون زور دار بم ڌماڪو ٿيو بم جي ڌماڪي ۾ بينڪ جو شيشي جو گيٽ وغيره ٽٽي پيو اڄ پگهار جو ڏينهن به هيو ليڪن اهو سوير وارو وقت هو تنهن ڪري اڃا ڪو به ماڻهو بينڪ نه پهتو هو تنهن ڪري ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

رب پاڪ جا شڪرانا جو ڪو جاني نقصان نه ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ تفصيل به ونڊ ڪجو ته هي دهشتگرد قسم جو واقعو ڪيئن پيش آيو
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

سائين ڏاڍو افسوس ٿو ٿئي ته اهي نڀاڳا ،امن جي ڌرتي، صوفين جي ڌرتي تي به ميري اک کڻي نڪتا آهن، اسان سنڌي جيڪي امن پسند آهيون، اسين انتها پسندي ڪونه ڄاڻون، اهي نفرتون اسان کان ڪوهين ڏور آهن، پو به اهي اهڙن ناپاڪ حرڪتن سان منهنجي سنڌڙي جو امن تباهه پيا ڪن، منهنجا ماروئڙا اهڙن بم ڌماڪن کان ڪوهين ڏور آهن، بارود جي ڌپ کان منهنجي جندڙي کي انهن ذليل خنذير قسم جي وحشين کان سنڌ کي پاڪ رکڻ لا اسان کي پنهنجي ٻڌي جو ثبوت ڏيڻو آهي، وڏي پيماني تي ان حرڪت جي مذمت ڪرڻ جي صرورت آهي، ته جئين اڳتي اهڙ ي قسم جا واقعا ٿي نه سگهن۔
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

مونکي هن وقت هڪ معلومات ملي آهي ته، اي ٽي ايم ڪارڊ ۾ ڪو اهڙو وائرس ڇڏيو ويو آهي، جنهنڪري اي ٽي ايم مشين ۾ وجهڻ شرط ڌماڪو ڪري ٿي، اها معلومات بينڪ جي هڪ ملازم دوست ڏني آهي، وري به آس پاس ڌيان رکجو، ڌڻي تعالى سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي۔۔آمين۔۔۔سدائين گڏ۔
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

مٿين ڏنل جيڪا مونکي معلومات ملي آهي، ممڪن هجي ڪنهن حد تائين درست نه هجي پر پو به توهان سان ونڊ ڪيم ته احتياط لازم آهي، اڄ ڪلهه هن جديد دنيا ۾ تخريبڪاري جا سوين طريقا نڪري پيا آهن۔۔۔
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

هڪ خبر اها به ملي آهي ته ان ساڳئي وقت سنڌ جي تقريبا 16 شهرن ۾ ڌماڪا ٿيا آهن سي به نيشنل بينڪ جي اڳيان اها خبر ڪيتري قدر درست آهي ان جو تفصيل ڪنهن دوست کي معلوم هجي ته شيئر ڪري رب پناهه ۾ رکي اهڙي خطرناڪ سازشن کان امن ۾ رکي.
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

ها ادا اهي تمام خراب حالات آهن اسان جي هن سنڌ جا جنهن کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري نه ٿا سگهن ته هر هڪ شهر ۾ بم جا ڌماڪا ڪيا پيا وڃن اهي تمام خوفناڪ خبرون آهن۔ الله تعالى سڀني جي حفاظت ڪري۔
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

سائين شڪارپور ۾ نيشنل بئنڪ جي گيٽ تي نامعلوم ماڻهو ڏيڍ ڪلو وزني ديسي ساۡخت جو بم رکي ويا هئا جن کي پوليس آفيسر نوشاد شيخ ناڪاره بنايو

ان ڪري ڪو به جاني يا مالي نقصان کان الله پاڪ پنهنجي پناه ۾ رکيو


542986_218070128295890_100002787132999_263037_2061089223_n.jpg

هي مٿئوڻ ان بم جو اميج آهي

سدائين گڏ
 
جواب: مورو ۾ بم ڌماڪو

منهنجي خيال ۾ ته هي ڌماڪا ڪري وري قومپرست تنظيمن جي مٿان ان جو الزام مڙهي حڪومت انهن تي پابندي مڙهيندي۔۔۔
 
Back
Top