• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي دل به لياري آهي (لياري جي حالتن تي هدايت بلوچ جي شاعري)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

سائين هدايت بلوچ جو نالو سنڌي شاعريء ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي۔ لياري جي موجوده حالتن جي منظرنگاري ڪندي پاڻ هڪ غزل لکيو اٿن، محترم سجاد مهر ساڳيو غزل ڊزائن ڪري فيسبوڪ تي پيش ڪيو آهي۔


غزل
هدايت بلوچ

روز مٿس بمباري آهي
منهنجي دل به لياري آهي

ڪنهنجي خوشي لئي سڀ ڪجھ ٿئي پيو
ماڻهو ڪو ته مياري آهي

ڪڪريءَ ۾ جنهن لانئون لڌيون
ڪٿي اهو زرداري آهي

باھ جا ڀڙڪا، گوليون ڪڙڪا
ڏاڍي ڄڻ ته ڏياري آهي

پنهنجا عاشق پاڻ ٿا ماريو
اهڙي ڇا بيزاري آهي

ساڳيو درد ٿي روز سڻائي
دل ۾ پيل ڄڻ گھاري آهي

ٻي ڪا حياتي کَٽجي شايد
هيءَ ته حياتي هاري آهي

ڪهڙو هدايت منطق چئجي
زور جي آڏو زاري آهي

2yuat1c.jpg

 
جواب: منهنجي دل به لياري آهي (لياري جي حالتن تي هدايت بلوچ جي شاعري)

حق موجود!
سائين تمام سٺي شاعري، سائين هدايت بلوچ سچ پچ هڪ ڀلوڙ شاعر آهي۔ سندس جي سنڌ شاعرن ۾ هڪ الڳ مقام حاصل آهي۔
 
جواب: منهنجي دل به لياري آهي (لياري جي حالتن تي هدايت بلوچ جي شاعري)

واهه واهه
تمام بهترين لاجواب ونڊ
 
Back
Top