شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟
    محمد عيسى ڀٽو

    [JUSTIFY]اڄ سڄي دنيا ۾ هر سال جيان پهرين مئي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي جنهن ۾ شڪاگو جي پورهيتن پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري پنهنجي جانين جو نظرانو ڏئي ان سامراجي سرمائيدار قوتن کي للڪاريو ۽ انهن کان مزدورن جا اهي بنيادي حق ڇني ورتا جن کي سرمائيدار ظالم طبقو صدين کان محروم رکيو ويٺو هو ۽ ان وقت سامراج سرمائيدار غريب پورهيتن جي معصوم انداز مان ناجائز فائدو کڻندي انهن کان 10 کان 12 ڪلاڪن تائين جو روزانو جي بنياد تي جبري پورهيو ورتو ويندو هو ۽ انهن پورهيتن کي ان ڏهاڙي جو پورو معاوضو به نه ڏنو ويندو هو جيڪو ڪنهن به طرح سان مناسب نه هو.

    آخر اتان جي مزدورن ان ناانصافي کي گهرائي سان محسوس ڪيو ۽ هڪ هنڌ ڪٺي ٿيڻ جو فيصلو ڪندي ان کي جدوجهد جو روپ ڏنو ۽ انقلاب جي حد تي تحريڪ جو سڏ ڏيندي ان سامراجي سرمائيداراڻي نظام کي چئلينج ڪيو ۽ دنيا جي نقشي تي اهڙو ته مثال قائم ڪيو جيڪو رهندي دنيا تائين قائم رهندو. هن تاريخ جي هڪ خاص اهميت ۽ افاديت آهي جڏهن محنت ڪش طبقو پاڻ ۾ متحد ٿيڻ جو فيصلو ڪندي 1884ع ۾ فيڊريشن آف آرگنائيزڊ ٽريڊس اينڊ ليبر يونينس هڪ قرارداد پاس ڪئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مزدورن جي فلاح و بهبود لاءِ اهڙو قانون جوڙيو وڃي جيڪو محنت ڪش طبقي لاءِ قابل قبول هجي ۽ جيڪو مزدور کان پورهيو ورتو ٿو وڃي ان جو ان مزدور کي پورو معاوضو ملڻ کپي. اهڙي طرح مزدور کان گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪن تائين جو پورهيو ورتو وڃي ٻي صورت ۾ پورهيت ڪم نه ڪندا، جيڪڏهن ڪو سرمائيدار مل مالڪ 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪنهن پورهيت کان پورهيو وٺڻ چاهي ٿو ته هو ان مزدور کي اضافي معاوضو يعني اوورٽائم جي رقم ڀري ڏيڻ جو پابند هوندو جيڪو ان مزدور کي ملڻ گهرجي. اهڙي قراداد پاس ٿيڻ کان پوءِ سرمائيدار طبقي پورهيتن کي هيسائڻ لاءِ مختلف هربا استعمال ڪيا پر پورهيتن سرمائيدار طبقي خلاف بغاوت جو علم بلند ڪرڻ جو پڪو عزم ڪيو ۽ پنهجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ پهرين مئي 1886ع تي عام هڙتال جو سڏ ڏنو، ان سرمائيدار سامراجي طبقي اهڙي قانون جي اڳ ۾ ئي مخالفت ڪري چڪو هو جن ان قانون کي پاس ٿيڻ نه ڏنو ۽ پنهنجي طاقت جي زور تي ان کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ويتر ان محنت ڪش طبقي کان وڌيڪ جبري پورهيو ڪرئيندي 12 کان 14 ڪلاڪن تائين جو پورهيو وٺڻ شروع ڪري ڏنو، ان پورهيت طبقي سڄي دنيا جي پورهيتن کان حمايت وٺڻ جي مهم هلائي ته جيئن پوري دنيا اندر هڪ جهڙي پاليسي متعارف ڪرائي وڃي ته جيئن پورهيتن کان صرف 8 ڪلاڪن تائين جو پورهيو وٺڻ لاءِٰ قانون سازي ڪرائي سگهجي. ان کان پوءِ تمام نظرياتي اختلافن ۽ هڪ ٻئي جي سياسي دشمني باوجود يونين اڳواڻن اهڙي يادگار ۽ تاريخي جدوجهد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن کي سڄي دنيا اندر تسليم ڪيو ويو سواءِ آمريڪا، ڪيناڊا ۽ سائوٿ آفريڪا جي باقي ٻين سمورن ملڪن پورهيتن جي انهن مطالبن کي تسليم ڪري ورتو، اهڙي طرح اپريل 1886ع تي تقريبن اڍائي لک پورهيت پنهنجا مطالبا تسليم ڪرائڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيا جن شڪاگو کي پنهنجو مرڪز بڻايو.

    شروعاتي طور ان مهم کي سرمائيدارن پنهنجي خلاف عالمي سازش قرار ڏنو ۽ اتان جا سرمائيدار ۽ رياستي ادارا اهڙي وڌندڙ انقلاب کان خوف محسوس ڪرڻ لڳا ۽ بجاءِ پورهيت اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ جي انهن کي طاقت جي زور تي ڪچلڻ جو فيصلو ڪري ورتو. اهڙي طرح پوليس ۽ مليشيا فورس ۾ اضافو ڪندي انهن کي هٿيار هٿن ۾ ڏنا ويا جن کي سرمايو اتان جا مقامي سرمائيدار اڳواڻ فراهم ڪري رهيا هئا ۽ شڪاگو ڪمرشل ڪلب ان مد ۾ 2 هزار مهلڪ، خطرناڪ ۽ موت مار هٿيار خريد ڪيا جن ۾ مشين گن به موجود هيون هڙتال ڪندڙ پورهيتن تي استعمال ڪيون ويون. ان ڏينهن شڪاگو جا پورهيت رتو رت هئا ۽ سفيد رنگ جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيل پورهيت رت سان لال بڻجي ويا جن جو جهنڊو ڳاڙهي رنگ ۾ تبديل ٿي ويو تنهن ڪري اڄ جڏهن هزارين مزدور تنظيمون پنهنجي مزدور طبقي جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيون آهن جن نشان طور پنهنجي جهنڊي جو رنگ ڳاڙهو انتخاب ڪيو آهي جيڪا مزدور جدوجهد جي علامت آهي. بحرحال پهرين مئي تي اهو پورهيت طبقو پنهنجي جدوجهد کي ڪامياب بڻائيندي هڙتالن کي جاري رکيو، 3 مئي 1886ع تي ايڏي وڏي ميڙ تي پوليس فائرنگ ڪئي جنهن ۾ 4 پورهيت فوت ۽ ٻيا ڪيترائي زخمي ٿي پيا، اها قرباني جي پهرين شروعات هئي، اهي پورهيت اهڙي ظلم خلاف اٿي بيهي رهيا ۽ ايندڙ ڏينهن تي هيمارڪيٽ اسڪائر تي ڀرپور نموني احتجاج ڪرڻ لاءِ هڪ هنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي. ٻئي ڏينهن تي لکين پورهيت ان اسڪائر تي گڏ ٿي ويا جتي هنن مٿان هڪ بم اڇلايو ويو جنهن ۾ ڪيترائي پورهيت رتو رت بڻجي ويا، شڪاگو جي 6 اهم اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو جن مٿان ڪيس به هلايا ويا ۽ ان وقت اتان جي ڪينگرو ڪورٽون سڀ ڪجهه ڄاڻ رکندي به ته هي پورهيت بي گناهه آهن ان جي باوجود انهن کي سزا ٻڌائي وئي ڇو ته اهي جج ان سرمائيدارن پاران خريد ٿي ڇڪا هئا، آخر ٽن پورهيتن کي ڦاسي تي چاڙهيو ويو ۽ هڪ جيل اندر خود ڪشي ڪئي، باقي ٻن اڳواڻن کي بارگيننگ ذريعي آزاد ڪيو ويو.

    پورهيت تنظيمن جو ايترو نقصان ٿي وڃڻ کان پوءِ به هو پنهنجي عزم کان پوئتي نه هٽيا ۽ آخر پنهنجا مطالبا مڃرائي ورتا ان کان پوءِ پورهيتن جي باري ۾ هڪ پاليسي جوڙي وئي جيڪا عالمي سطح تي ان کي تسليم ڪيو ويو ته اڄ کان پوءِ پوري دنيا اندر ڪم ڪندڙ پورهيت صرف 8 ڪلاڪ تائين جي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا ۽ جيڪڏهن 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪنهن پورهيت کان ڪم ورتو ويو ته اهو ادارو يا مل مالڪ ان کي اوورٽائم جي مد ۾ اضافي رقم ڀري ڏيندو. اهڙي طرح شڪاگو جي پورهيتن جي جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ هن ڏينهن کي عالمي سطح تائين مڃتا ملي ۽ ان ڏينهن کي مزدورن جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته پوري دنيا اندر هي واحد ڏينهن آهي جنهن تي سڄي دنيا اندر موڪل ڪئي ويندي آهي، اڄوڪي تاريخ تي سڄي دنيا سميت پاڪستان ۾ به مزدورن جا ميڙاڪا ڪوٺايا ويندا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي تنظيم جي پليٽ فارم تي شڪاگو جي مزدورن کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي.

    پاڪستان اندر پهريون ڀيرو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مزدورن جي اصلاحات لاءِ الڳ ليبر لاز يعني مزدورن جي فلاح بهبود لاءِ قانون سازي ڪري انهن جي بنيادي حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن اندر ٽريڊ يونين جو قيام عمل ۾ آندو ويو ته جيئن مزدور پنهنجي مدد پاڻ پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن پر بند قسمتي سان اڃا به اسان جي ملڪ اندر ڪيترائي اهڙا غير سرڪاري ادارا موجود آهن جتي مزدورن کي يونين ٺاهڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي جيڪڏهن ڪنهن مزدور پاران اهڙي قسم جي حماقت ڪئي وئي ته ان کي نوڪري مان ڪڍيو وڃي ٿو پر جيڪڏهن ڪنهن غيرسرڪاري اداري اندر يونين جو قيام آهي تڏهن به ان مان ان مزدور طبقي کي ڪو خاص فائدو نٿو ملي ڇاڪاڻ ته اڄوڪي يونين اڳواڻن جو حال اهو رهيو آهي ته پنهنجي ذاتي مفادن کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي مزدورن جي حقن جو سودو ڪري پنهنجا پيٽ ڀري مزدورن جي حقن کي پٺتي رکي ان سامراج سرمائيدار مل مالڪ جي حقن جو وڌيڪ تحفظ ڪن ٿا، اهڙي طرح جيڪڏهن سرڪاري ادارن تي نظر ڊوڙائبي ته انهن جو به حال ساڳيو ئي وڃي رهيو آهي جتي ٽريڊ يونين جي اڳواڻن پنهنجون ترجيحات تبديل ڪندي مزدورن جي بنيادي حقن جي ڳالهه ڪرڻ بدران انتظاميا جي حمايت ۽ تائيد ڪرڻ جو رجحان پيدا ڪيو آهي. شڪاگو جي مزدورن جنهن مقصد لاءِ قرباني ڏئي مزدورن جو مان مٿاهون ڪيو پر اڄوڪن يونين اڳواڻن انهن جي مطلب کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اڄ به اسان جو مزدور طبقو يونين اڳواڻن طرفان هيسايل ۽ انهن جو غلام بڻيل آهي، اسان اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته ادارن جا يونين اڳواڻ پنهنجي مزدورن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪن ٿا، سياسي نظرياتي اختلافن کي ذاتي دشمني ۾ تبديل ڪري انهن مزدورن لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وڃي ٿي جن جو اداري اندر رهڻ مشڪل بڻايو وڃي ٿو، اهو ڪنهن هڪ اداري جي يونين اڳواڻ جو مثال ناهي هتي سڀني ادارن جي ٽريڊ يونين جي اڳواڻن جي اها ريت بڻجي چڪي آهي، پر منافقت جو عالمي رڪارڊ ٽوڙيندڙ اهي يونين اڳواڻ ان مزدور ڏهاڙي تي پنهنجي تقريرن ۾ اهڙن ته لفظن جي چونڊ ڪري اسٽيج تي اچن ٿا ڄڻ هنن جهڙو مشڪرو ۽ اداڪار دنيا ۾ ئي نه لڀندو، جيڪڏهن مان هڪ هڪ اداري جي ٽريڊ سياست ۽ انهن سياسي ادا ڪارن جي ڪردار تي لکڻ شروع ڪري ڏيان ته معاملو هن ڪالمن کان وڌي وڃي ڪتاب جي صورت اختيار ڪري وٺندو. اڄ جيڪڏهن اسان جي سرڪاري ادارن جو هي حال آهي ته ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب قومي ادارا مالي خساري جو شڪار بڻجي چڪا آهن ۽ ان چوڻ ۾ به ڪو حرج ناهي ته انهن جي ڪمزور حالت جا ذميوار ڪرپٽ انتظاميا ۽ اهي نام نهاد يونين اڳوڻ شامل آهن جن جي ملي ڀڳت سان ادارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو آهي ته ڪو ڪوڙ نه هوندو. پاڪستان ريلوي، پي آي اي، پاڪستان اسٽيل ۽ ٻيا کوڙ ادارا جيڪي آخري آڪسيجن ماسڪ تي هلي رهيا آهن پر اتي موجود جيڪڏهن انهن يونين اڳواڻن جي اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪهڻي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هنن اڳواڻن انتظاميا سان ملي ڪري ڪيترو ناڻو لٽيو آهي هاڻي اهي اڳواڻ پاڻ ڪک پتي مان لک پتي بڻجي چڪا آهن جڏهن ته اهي قومي ادارا تباهي ۽ بربادي جي ڪنڌي تي پهتا آهن. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ادارن جي تباهي جا ذميوار انتظاميا ۽ يونين اڳواڻ پاڻ آهن جن جي ملي ڀڳت سان ادارن جو اهو حال وڃي رهيو آهي پر برو ڀلو وري به حڪومت کي چيو وڃي ٿو، کٽيو کائي فقير ڌڪ جهلي ڀولي جي مثال ته پيٽ اهي ڀري وڃن ٿا جيڪي مزدورن جي آڙ ۾ گندي سياست ڪري رهيا آهن، اهي اڳواڻ جيڪي مزدور سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهن اهي مزدورن جا زبردستي نمائيندا بڻيل آهن. اسان جي ملڪ مان اجتماعي سوچ ۽ اجتماعي مفاد ختم ٿي ويا آهن صرف ذاتي مفادن کي عزيز رکيو ويو اهي، اهڙي روش ۽ روايت شڪاگو جي مزدور جدوجهد جي عين خلاف آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ وري نئين سر جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجي ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جدوجهد جو رخ بدلائڻو پوندو تڏهن شڪاگو جي مزدورن جي روح کي سڪون ملندو.
    [/JUSTIFY]
     
  2. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟

    اسلام عليڪم!
    سائين بالڪل اسين اوهان متفق آهيون ۽ جيئن اوهان مٿي ڪري آيا آهيو ته هتي ڪرپٽ ليڊرن جي ملي ڀگت ٿي هلي ۽ هڪ ڊرامو هلي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو نٿو ۽ اسين روز روز ساڳي قسط ڏسي سيٽ ٿي ويا آهيو اسان کي هاڻي ان ماحول مان بدبو نٿي اچي۔ اسان مان قومي جزبو موقلائي چڪو اهي ڪيو وڃي هاڻي لفظن جي صورت ۾ بچيو آهي۔ اسين انفرادي مفادن جي زد ۾ اچي ويا هر پاسي کان پنهنجي باري ۾ ٿا سوچيون۔ هن پورهيتن، مزدورن جا اسين به ڏوهدار آهيون ڇو ته اسين پاڻ انهن کي اوتري عزت ڪونه ٿا ڏيون جيڪو انهن جو حق ۽ اسان انهن جي حالت پٺيان انهن جي مجبوري کي نه ٿا ڏسون، رڳو انهن جي ظاهري حالت تي انهن جي باري ۾ سوچ ٺاهي ويهي رهندا آهيون۔ اسان وٽان هاڪاري سوچ ختم ٿي چڪي آهي۔ هر پهلو تي سڀ کان اڳ ۾ اسان جي ذهنن ۾ ناڪاري سوچ اچي ٿي۔

    پيارا ساٿيو! هي وقت سوچڻ سمٍجهڻ جو آهي، جزباتي ٿي ڪم ڪرڻ جو ناهي ۽ جيڪي ماڻهو زبان ذريعي اظهار نه ٿا ڪري سًگهن، اهي قلم جو استعمال ڪن۔ شروعات سنڌسلامت تان ئي ڪري سًگهجي ۽ مان ته سنڌ سرهاڻ کي پنهنجو نوٽ بڪ ٿو سمٍجهان، جيڪو من ۾ ايندو آهي لکي ڇڏيندو آهيان۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟

    مهرباني سائين

    اوهان اهم ڳالهيون لکيون آهن۔ مونکي ته حيرت ٿيندي آهي ته حڪومت ۽ ٻين خلاف آواز اٿاريندڙ ميڊيا ۽ ٽي وي چينل به پهنجي اسٽاف ۽ مزدورن سان سٺو رويو ڪونه پيا رکن۔ اڄڪلهه صفا گهٽ پگهارن تي ماڻهو رکيا پيا وڃن۔ جيڪو آواز ٿو اٿاري ته اداري کان ٻاهر۔ اهڙوئي حال پرائيويٽ ادارن جو پڻ آهي۔اسان وٽ ته حالتون نهايت ابتر آهن۔

    پوء به مايوسي ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڃان به ان خلاف آواز اٿاري سگهجي ٿو ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو