لال لهو سان رتول ٿيا۔۔۔۔!! ليارِي سارا رستا تُنهجا (وائي)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]ساٿيو لياري ڪراچيءَ ۾ جيڪا رت جي هولِي کيڏي پئي وڃي، مائرن جا جهول خالي ڪيا پيا وڃن ڌرتي ڌڻين کي گولين جو کاڄ ٻڻايو پيو وڃي ڪنهن کي خوش ڪري لياري کي لوٽ جو مال سمجهي سنڌ جي ازلي دشمنن جي حوالي ڪيو پيو وڃي ان مڪروه سازش تي هر سنڌي جي اک آلي آهي ناز چريو جيڪو ٽي درجي وارو شاعر آهي انهيءَ پيڙاءُ جي درد کان ٻاهر ڪونهي پنهنجي ٽُٽل ڦُٽل بي ترتيب لفظن کي وائي جو روپ ڏيئي توهان سان ونڊي رهيو آهي . دوستو وائي جيئن ته ڇند وڌيا تي لکي ويندي آهي ۽ ڇند وڌيا جون ماترائون ڳڻيون وينديون آهن پر مونکان گهٽـ ۾ گهٽ لياري جي هن نوحي ۾ اهي ماترائون ڪوشش باوجود ڳڻجي ڪونه سگهيون هن وائي کي لياري جو نوحو سمجهي رڌم ۾ آندو اٿم. اميد ته منهنجي ٽيڪنيڪل خامين کي نظر ۾ رکي ان جي مناسب اصلاح ڪندا ، ۽ لياري جي رستن جي ڪٿا کي پنهنجي ڪٿا سمجهي ظالمن تي لعنتون وجهي انهن تي شيم شيم جي صدا بُلند ڪندا.[/JUSTIFY]

    وائي
    نثاراحمدناز

    لال لهوءَ سان رتول ٿيا،
    لياري سارا رستا تُنهنجا
    بغداديءَ کان چاڪيواڙو،
    هيسيل ٻارن ٻول ٿيا...!
    لياري سارا رستا تُنهنجا
    بڪتر بند جي يلغارن ۾
    خالي مائرن جهول ٿيا
    لياري سارا رستا تُنهنجا.
    گولين جو اڄ کاڄ بڻي لا
    گهائل تنهنجا ڍولَ ٿيا
    لياري سارا رستا تُنهنجا
    جلادن جون ٽوليون بڻجي
    قاتل رستن رول ٿيا....!
    لياري سارا رستا تُنهنجا
    شعر سمورا ” ناز“ چرئي جا
    ظالم لاءِ ترشول ٿيا....!
    لياري سارا رستا تُنهنجا​


    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: لال لهو سان رتول ٿيا۔۔۔۔!! ليارِي سارا رستا تُنهجا (وائي)

    لياري ڪراچي جي دل ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ ڪراچي اسان جي دل ۔۔۔۔۔۔

    اوهان جا جذبا، اوهان جا احساس پڙهيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لياري جي ان عوام کي جس هجي جيڪي شهادتون ڏئي به پنهنجي لياري کي ڇڏي نه ٿا ڀڄن ۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو