رباني دعوت ( (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو )

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2012۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان هڪ منهنجي حساب سان نئين سائيٽ ونڊ ڪريان ٿو اميد ته ڪنهن دوست جي گهرج پوري ٿي سگهندي، آمين۔۔

    راباني دعوت ( (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو )


    دعوت بابت قرآن مجيد جا حڪم



    رايا ڪونهن. سماج جا ڪجهه سوچيندڙ ماڻهو موجوده صورتحال تي ڪڙهن ٿا، هڪ ٻئي اڳيان دانهين ٿا، انهن خرابين جا ذميدار متعين ڪن ٿا، پڇاڙيءَ ۾ پنهنجي پر ۾ سوچيل ذميدارن تي ملامت ڦهڪائين ٿا ۽ پوءِ بس ڪري ويهي ٿا رهن!
    موجوده حالتن تي ڪڙهندڙ اهڙا ماڻهو هزارين کڻي ڳڻي نه سگهجن پر سوَن جي تعداد ۾ ته ضرور هوندا. هاڻي جيڪڏهن اهي سوين ماڻهو پنهنجي سر رڳو ڪڙهڻ يا ڪنهن به مصلح ۽ تبديلي جو چمتڪار ڏيکاريندڙ ماڻهوءَ جو انتظار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي دائري ۾ سرگرم ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪن ته جيڪر انهن جا شروع ڪيل سوين ڪم گڏجي الائي ڪيترو رزلٽ ڏئي وجهن!
    رباني دعوت سنڌ جي اهڙن دردمند ماڻهن کي بيدار ڪري پنهنجي سماج لاءِ سرگرم ڪرڻ جو آواز آهي. رباني دعوت انهيءَ مقصد جي لاءِ آواز آهي ته اچو اجايون ڳالهيون ۽ لاحاصل بحث ڇڏي عملي ڪردار ذريعي ماڻهن ۾ ويساهه پيدا ڪريون. اهڙو ويساهه جهڙو حضرت محمد صه جن سماج جي ساڳي ڀڃ ڊاهه واري دور ۾ عربن پنهنجي عملي ڪردار ذريعي پيدا ڪيو هو.
    پاڻ ڪريم صه جن 40 سالن جي عمر تائين سماج ۾ جن تبديلين جو سوچيو تن لاءِ معجزن جي ڪنهن به ڊگهي سلسلي سان ماڻهن جي وچ ۾ اچڻ جي تياري ڪونه ڪئي، بلڪه چاليهن سالن ۾ پنهنجي انسان دوست متحرڪ عملي ڪردار سان صفا جي پهاڙيءَ تي بيهي ماڻهن کي سڏيو ته مون جيڪا زندگي اوهان ۾ گذاري آهي، ان جي پسمنظر ۾ ڪابه ڳالهه اوهان کي چوان ته توهان جي منهنجي باري ۾ ڇا راءِ آهي؟ ان تي سڀني ماڻهن وراڻيو هو ته ”تون عمل ۽ ڪردار جو صاحب آهين جيڪو چوندين سو سچ چوندين.ً
    دين اسلام پنهنجي اعلى انساني اصولن سان جيئن نئين دور کي جنم ڏنو تيئن پيغمبر اسلام محمد صه سگهاري عملي ڪردار سان نئين دور ۾ تبديليءَ جي راز کي آشڪار ڪيو. انهيءَ ڪري کانئس پوءِ هي ممڪن ئي ڪونهي ته ڪي به تبديليءَ جا ڪم عملي زندگي اختيار ڪرڻ بدران وظيفائي طريقن سان هلي سگهن.
    پيغمبر اسلام محمدصه کي مليل ڪتاب قرآن مجيد به انسانيت جي رهبريءَ لاءِ ايمان ۽ عملي زندگيءَ کي لازم ملزوم بڻائي ان کي ڪامرانيءَ جو اصول بڻائي ڇڏيو ۽ قرآن شاهدي ڏني ته زماني جا سڀ دور اوهان کي ايمان ۽ عملي زندگيءَ کي حق جي دعوت ۽ ثابت قدمي سان گڏي کڻي هلندڙ سماجن ۽ جماعتن جي ڪاميابيءَ جي شاهدي ڏيندا. (هي صفحو پنهنجي دوست ڏانهن موڪليو.


    رباني دعوت جو پيغام آهي ته اچو سڀ گڏجي هدايت جي روشنيءَ ۾ پاڻ کي خدائي ضابطن جو پابند بڻائي هڪ طرف تخليقي مقصدن کي سجايو ڪريون ۽ ٻئي طرف سماج کي جهالت ۽ سورن کان آجو ڪريون.
    پنهنجي عملي زندگيءَ لاءِ الله تعاليٰ جي صفتن کي پنهنجو خلق بڻائي هڪ طرف پنهنجي شخصيت جي ارتقا سان الله تعاليٰ جي محبوبيت حاصل ڪريون ۽ ٻئي طرف خلق جي لاءِ ڀلائي ۽ احسان جون سوين صورتون پيدا ڪريون اهڙيءَ طرح هدايت جي ماڻيل پيغام کي باقي انسانيت تائين رسائي هڪ طرف اسلام جي غلبي جي خدائي منشا جا ساٿاري بڻجون. ۽ ٻئي طرح خلق خدا کي فلاحي معاشري جي نعمتن سان بهره ور ڪريون.


    دعوت بابت قرآن مجيد جا حڪم

    (اي ايمان وارو!) اوهان ٻلي امت آهيو جنهن کي ماڻهن لاءِ ظاهر ڪيو ويو آهي، چڱي ڪم جو حڪم ڪريو تا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيو ٿا ۽ الله تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ جيڪڏهن ڪتاب وارا ايمان آڻين ها ته انهن لاءِ چڱو هو. ڪي انهن مان ايمان وارا آهن ۽ گهڻا انهن مان نافرمان آهن. (آل عمران -110)

    ۽ اهڙيءَ طرح اسان اوهان کي ڀلي جماعت ڪيو ته اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي. (البقره- 143)

    ۽ اوهان مان هڪ جماعت اهڙي هئڻ کپي جي ڀلائي ڏي سڏين ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين ۽ اهي ئي ڪامياب آهن. (آل عمران – 104)

    ۽ بيشڪ اسان اوهان کان اڳ (ڪيترين) جماعتن کي برباد ڪيو جڏهن ظلم ڪيائون، هوڏانهن وٽن سندن رسول ظاهر نشانيون کڻي آيا ۽ اهي هرگز ايمان آڻڻ وارا نه هئا. ڏوهاري قوم کي اهڙيءَ طرح بدلو ڏيون ٿا. وري اسان اوهان کي انهن کان پوءِ زمين ۾ جانشين ڪيو هن لاءِ ته ڏسون ته اوهين ڪهڙي طرح ڪم ڪيو ٿا. (يونس – 13/14)

    جن کي جيڪڏهن زمين ۾ طاقت ڏينداسون ته نماز قائم ڪندا ۽ زڪوات ڏيندا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪندا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪيندا ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله جي اختيار ۾ آهي. (الحج- 41)

    الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻين ٿا ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪن ٿا ۽ بڇڙي ڪم کان روڪين ٿا ۽ نيڪ ڪمن ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي چڱن مان آهن. (آل عمران- 114)

    معاف ڪرڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ جاهلن کان منهن موڙ! ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرفان ڪو وسوسو توکي ڀڙڪائي ته الله کان پناهه گهر! بيشڪ اهو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آهي. (الاعراف- 199/200)
    تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حڪمت ۽ چڱيءَ نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي. جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، ان کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهو ئي رستي تي هلندڙن کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي. (النحل – 125
    بشڪريه رباني دعوت

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: رباني دعوت ( (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو )

    جزاڪ الله خئير ،،،، پهرين نظر ۾ ته تمام معلوماتي ويب سائيٽ لڳي، جتان ،،، علم قرآن ۽ علم اسلام بابت ڪافي ڄاڻ ملي سگهندي ،،،، وقت سر ان لائبريريءَ مان فائدو حاصل ڪندا رهنداسون

    لک قرب ونڊ ڪرڻ جا
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: رباني دعوت ( (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو )

    جزاڪ الله ۔۔۔اهڙي ويب سائيٽ جي به تمام گهڻي ضرورت هئي،، قرب اوهان جا جو هن معلوماتي سائيٽ بابت آگاهي ڏني۔۔۔شال جتي به هجو جڙيا هجو۔
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: رباني دعوت ( (اي ايمان وارو!) اوهان ڀلي امت آهيو )

    سٺي ڪوشش نظر ٿي اچي ، تحقيق جو ضرورت لڳي ٿي ، وڌيڪ تفصيل ڏيو ها ته بهتر هو ته سائيٽ ڪنهن جوڙي آهي ۽ هن جا اغراض ۽ مقصد ڇا ڇا آهن ، سائيٽ وزٽ ڪرڻ کان پوءِ اهو محسوس ٿيو ته گهڻو مواد سنڏيڪا اڪيڊمي وارن جو آهي جيڪو سندن سائيٽ ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي

    ، هڪ حديث شريف ۾ اچي ٿو ته ڪو وقت ايندو هڪ شخص مسند تي ويهي رڳو قرآن مجيد جي ڳالھ ڪندو سو هن کان پاڻ ڪريم ﷺ بچڻ جي تلقين ڪئي جو قرآن مجيد سان گڏ احاديٽ به وڏو اهم مواخذ آهي هن کان سواءِ قرآن مجيد کي سمجهڻ ناممڪن آهي ،

    پرويزي فڪر جيڪو منڪرين حديث جو ٽولو آهي سنڌ اندر پنهنجي تبليغ ڪري رهيو آهي ۽ مسلمانن کي حديثن مٿان شڪ شبه پيدا ڪرائي رڳو قرآن مجيد تي عمل کي ڪافي قرار ڏيڻ جي مذموم ڪوششون ڪري رهيا آهن تنهن کان مسلمانن کي هوشيار ٿيڻو پوندو ،

    وما علينا الا البلاغ
    والسلام عليڪم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو