مست
سينيئر رڪن
اڄ ڪلهه انسان اميدن تي ڏاڍو لهي پيو آهي، هر شئي ۾ اميد۔۔۔ شايد اهو سوچي اميدن ۾ پڪو آسرو رکيو ويٺو آهي ته دنيا اميد تي قائم آهي، پر اهو ياد رکجي ته پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهڻي پوي ٿي، دنيا ڪنهن جي لاءِ آسائشن سان ڀريل زندگيءَ لاءِ رستو تيار ڪري نه ٿي رکي بلڪه انسان کي پاڻ اهو رستو، اهو پيچرو ٺاهڻ سکڻو پوي ٿو، ڏکن سکن جي سونهن جي چوڻي وانگر ته ڏک آهن ته زندگيءَ جي سکن جو پوءِ ئي احساس ٿئي ٿو۔
اسان ڪڏهن اهو سوچيو آهي ته اسان ڪيتري قدر زندگيءَ جي حقيقتن کي پرکي، پنهنجي رب طرفان ڏنل سهولتن کي غنيمت سمجهيو آهي؟؟ هر اها سهولت جيڪا اسان جي اڳيان هوندي به اسان کي سهولت محسوس نه ٿي ٿئي، رب جي اها نعمت جيڪا اسان جي وس ۾ هوندي به اسان کي نعمت نه ٿي لڳي۔۔ پوءِ دنيا جي ڪجهه ڳالهين، حرص ۽ حسرتن جي پٺيان لڳي پنهنجي نا اميدي وڌائڻ لڳون ٿا، تان جو اسان پنهنجو پاڻ کان هارائي ويهون ٿا ۽ پوءِ دنيا به اسان کي آسانيءَ سان هارائي ويهي ٿي۔۔۔۔ مولا علي عليه السلام جن جو فرمانِ پاڪ آهي ته ”انسان تيسيتائين نه ٿو هارائجي سگهي، جيسيتائين هو پنهنجو پاڻ کان نه ٿو هارائي“۔۔

هي آهي نريش ڪاروتُرا۔۔۔ انڊيا جو هڪ اسپيشل شاگرد۔۔ جيڪو آئي آئي ٽي انسٽيٽيوٽ مان پاس ٿيڻ بعد هاڻ گوگل ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، توهان سوچيندو ته هن ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه آهي، اهڙين ڪمپنين ۾ ته هزارين ماڻهو ڪم ڪن ٿا۔۔۔
پر نريش جو پيءُ هڪ اڻ پڙهيل بس ڊرائيور ۽ سندس ماءُ به گهر جو ڪم ڪار واري سڌي عورت آهي، پر وري به نريش پنهنجي مجبوري ۽ غربت اڳيان هار نه مڃيندي پنهنجي تعليم حاصل ڪئي ۽ نيٺ معذوري باوجود اڄ اُتي پهتو آهي جتي هزارين ماڻهو پهچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن۔۔ پنهنجي پاور وهيل چيئر تي ويٺل مسڪرائيندڙ هن چهري کي ڏسي اهو وسري ٿو وڃي ته نا اُميدي نالي ڪا شئي به دنيا ۾ ٿيندي آهي۔۔۔
پر وري به جيڪڏهن توهان ڪڏهن ٿورو نا اُميد ٿي وڃيو ته ۔۔۔۔
هن وڊيو کي ٿورڙي دير ضرور ڏسو۔۔۔۔ آواز ضرور ٻڌجو۔۔۔