پرينء جي ڪاوڙ پرينء جيان
پياري لڳي ٿي، هن جي
ڪاوڙ به پيار ۾ ڀريل
پر مان اڻڄاڻ آهيان
پرينء کي پرچائڻ جو ڏانء
نه آهي مون وٽ
هو شايد مون سان ڪاوڙ ئي
ان ڪري ڪندو آهي ته مان هن کي
منايا ،،،،،،،،،،
پر مان هن جي اندر کي نه سمجھندي
پاڻ ئي هن خفا ٿي ويندي آهيان
پوء اسان ٻئي هڪ ٻئي
سان نه ڳالهائيندي به
هڪ ٻئي جي چاهتن کي سمجھي
وڃون ٿا،،،،،،،،،،
ڪا شيء اسان کي روڪي ٿي
اسان جي اندر جي انا آهي
ها واقعي اسان جي اندر جي
انا ئي اسان کي جدا ڪيو آهي
انا ئي اسان کي جدا ڪيو آهي
سنڌي نور
پياري لڳي ٿي، هن جي
ڪاوڙ به پيار ۾ ڀريل
پر مان اڻڄاڻ آهيان
پرينء کي پرچائڻ جو ڏانء
نه آهي مون وٽ
هو شايد مون سان ڪاوڙ ئي
ان ڪري ڪندو آهي ته مان هن کي
منايا ،،،،،،،،،،
پر مان هن جي اندر کي نه سمجھندي
پاڻ ئي هن خفا ٿي ويندي آهيان
پوء اسان ٻئي هڪ ٻئي
سان نه ڳالهائيندي به
هڪ ٻئي جي چاهتن کي سمجھي
وڃون ٿا،،،،،،،،،،
ڪا شيء اسان کي روڪي ٿي
اسان جي اندر جي انا آهي
ها واقعي اسان جي اندر جي
انا ئي اسان کي جدا ڪيو آهي
انا ئي اسان کي جدا ڪيو آهي
سنڌي نور
ڪن خاص ماڻهن لاء جيڪي انسان جي احساسن کان وڌيڪ پنهنجي انا کي پيارو ڪندا آهن ۽ ٻين جي احساسن ۽ ٍجذبن جي لتاڙ ڪري ڪاميابيون ماڻي خوش ٿيندا آهن۔