بشير قريشي جو موت۔۔ ڊاڪٽر جو انڪشاف

'مختلف موضوع' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2012۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي جي موت جي حوالي سان قائم ڪيل ميڊيڪل بورڊ جي اڳواڻ پروفيسر ڊاڪٽر عمر ميمڻ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته بشير خان قريشي کي زهر ڏنو ويو آهي۔

    آواز نيوز جي رپورٽر امتياز مغيري پاران خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ تي هن اهڙو انڪشاف ڪيو ته بشير خان قريشي جي موت جو ڪارڻ دل جو دورو نه پر فاسفورس ڪيميڪل آهي۔۔۔ ۽ فاسفورس ڪيميڪل ڪنهن به طريقي سان ڏئي سگهجي ٿو۔۔۔۔ مثالي طور: ڀاڄي ۾ وجهي ڏيڻ، کير ، اسپري ۽ جسم کي لڳائڻ سان به اثر انداز ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔ ۽ فاسفورس ڪيميڪل ملڻ بعد انسان ڪجهه گهڙين ۾ مري سگهي ٿو۔۔۔۔۔




    حوالو: آواز ٽي وي نيوز۔۔
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بشير قريشي جو موت۔۔ ڊاڪٽر جو انڪشاف

    هي جا منهنجي قوم آ، اگهور ننڊ ۾ ستل آهي، ان قوم کي ڪابه ڪل ڪانهي ته اسان سان ڇا ٿي رهيو آهي، هي ڳالهه تنهنجي ۽ منهنجي وس کان ٻاهر آهي۔ بس تو ۽ مون جهڙا بس ٿورو پنهنجي قلم ۽ آڱرين کي جنبش ڏئي انهن کي جهنجوڙڻ جي ڪوشش ته ڪيون ٿا پر شايد اها جنبش اڻپوري آهي۔۔دعا ڪيو ته سنڌي قوم بيدار ٿي پوي ۽ پنهنجن سان ٿيل بي واجبين لا پاڻ پتوڙي۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: بشير قريشي جو موت۔۔ ڊاڪٽر جو انڪشاف

    اڃان تائين نه ته ڪا جانچ صحيح رخ ۾ ٿي آهي نه وري پنهنجن ئي پنهنجي طور ڪا جانچ شروع ڪئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏک آهي ته 23 مارچ تي نئين جدوجهد جي شروعات ڪندڙ شهيد بشير قريشي اسان ۾ ناهي۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    جواب: بشير قريشي جو موت۔۔ ڊاڪٽر جو انڪشاف

    ها ادا اها تمام ڏک جي خبر آهي ته بشير خان قريشي جي موت جي خبر بي خبر بڻيل آهي ان جي موت جو ڪارڻ جو صحيح پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ اهو اسان سڀني سنڌين جي لا هڪ وڏو سوال بڻيل آهي باقي جيڪڏهن فاسفورس ذريعي شهيد ڪيو ويو آهي ته حيف هجي ان ماڻهو کي جنهن سنڌ جي ارڏي پٽ کي فاسفورس ڏئي شهيد ڪري پنهنجي ضمير کي بي ضمير ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو