دوست ڪجهه وقت اڳ ۾ پڇڻا نه منجهڻا ۾ هڪ مسئلو اوهان آڏو آندو هئم ته ايم بي سنڌي انسٽال ڪندي دشواري پئي ٿيئي۔ مسئلو اهو هو ته مون تازو پراڻو سي پي يو تبديل ڪرائي نئون ورتو و ۽ دڪان واري پنهنجي حساب سان ونڊوز انسٽال ڪري ڏني۔ پر هتي اچي جڏنهن عام رواجي طريقي سان ايم بي سنڌي انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته نه پئي ٿي۔ مٿين ڏنل موضوع جي لنڪ ۾ ڪافي دوستن جواب ڏنا ۽ سليمان وساڻ ته ملاقات دؤران اهو به چيو ته ”لڳي نه ٿو ته ونڊوز ڪرڻ بِنا اهو مسئلو حل ٿيندو پر جي ٿيو ته به رشيد سمون يا فقير کان هيٺ ڳالهه جو توڙ ناهي“ مون به کڻي چُپ ڪئي۔ پر فقير جو جواب به اهو آيو ته مسئلو حل نه ٿيندو سواءِ انهي سي ڊي جي جنهن سان ونڊوز ڪئي وئي يا وري نئين ونڊوز جي۔
پر مون کي سدائين ونڊوز ٻيهر ڪرڻ کان چِڙ آهي۔ ڇو ته پورو ڏينهن (پوري ڏينهن مان مراد وقت هجڻ ۽ 2، 3 ڪلاڪ بجلي هُجڻ وارا آهي)۔ ڇو ته سي ڊرائيو فارميٽ ٿيڻ کا پوءِ رُڳو سڀ سافٽ ويئر ورائي ڪرڻ ۾ به ٺيڪ ٺاڪ وقت ٿو لڳي ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔ سو ٻروچڪي رڳ اچي وئي ۽ طئي ڪيم ته ڪجهه به ٿيئي ايم بي سنڌي انهي ونڊوز جي هوندي ئي وندوز جي ڪنهن عام سي ڊي مان انسٽال ڪبي۔
۽ آخرڪار اڄ ڪاميابي ٿي۔ سو سوچيم ڇو نه سڀني سان شيئر ڪجي۔ جيئن سڀني مان ڪنهن سان اهو مسئلو ڪڏنهن اچي ته حل ڪري وٺن۔
جيئن ته اسڪرين شاٽ ۾ آهي ته ريجنل لئنگويج انسٽال ڪرڻ لاءِ ڪي فائيل گهربل هيون جيڪي ونڊوز جي سي ڊي مان نه پئي مليون۔ مون ڇا ڪيو جو انهي فائيل جو نالو ونڊوز جي نئين سي ڊي ۾ وڃي سرچ ڪيو ته ملي ويئي۔ پر جيئن ته پاڻمرداو (پهرين ڪوشش ۾) سسٽم اها فائيل انهي پاٿ تان کڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي جتان اصل ۾ ونڊوز ڪئي وئي هئي۔
تنهنڪري اهو ڪنفلڪٽ پئي آيو۔ پر هاڻي سسٽم انهي پاٿ تان گهربل فائيل کنئي۔ ۽ ڪجهه ٻين فائيل جا به نالا ڏيڻ لڳو ۽ اهي به سرچ ڪري پاٿ ڏيندو ويس ته ڪم ٿي ويو۔
جيئن هيٺ ڏيکاريل آهي۔
مون کي اڳي به يقين هو پر اڄ پختو ٿي ويو ته Where there is will there is way.
ڪيئن ساٿيو آهي نه سٺي ٽِپ!