نثارابڙو
نائب منتظم
تحــــرير کي ترار بنــــايون بچــــــي پئـون،
ڪــــوڪار مان ڪٽــار بنـايون بچي پئـــون.
هِـــن جوءِ لئه هــــــزار اٿي جانبـــــاز پيــا،
هڪ هڪ منجھــان هزار بنايون بچي پئـون.
غدار پنهنجا دوست ٿين، ٿُڪ هڻي ڇڏيون،
جھـــونجھار پنهنجـــا يار بنايـــون بچي پئون.
پــــرمار لئه هار کنيـــــون ٿا وتــــون، شرم،
حقـــــدار لاءِ هار بنايـــــون بچــــي پئــــون.
مــــاري وجھن ٿيون يار مسلسل مُنافقيون،
جــــي فيصــــلا سچار بنايـــون بچــي پئـــون.
بنــــدوق ۽ ڪتـــــاب مٿـان دسترس هجي،
هوشيــــار پنهنجا ٻــــار بنايون بچـــي پئـون.
جيــڏا نه گيت، بيت بخاري گھــڙيون ٿا پيا،
ايـــڏا اٿي هٿيــــار بنايون بچـــــي پئــــــون.
استاد بخاري