موئن جو دڙو ۽ حڪومتي رويا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2012۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جڏهن به پاڪستان خاص ڪري سنڌ جا وزير يا حڪومتي ادارا ڪو منصوبو کڻي ان منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پئسن جي ڪٿ ٻڌائن ته سمجهو ضرور سندن کيسي خرچي کٽي پئي آهي، پر جڏهن ڪو اهڙو منصوبو جنهن تي واقعي حقيقت ۾ خرچ ڪرڻو پوي ۽ اهو به سنڌي قوم جي ڀلائيءَ ۾ ته هڪدم رديءَ جو ٽوڪريءَ حوالي ٿي ويندو آهي .... جيئن هي منصوبو جڙيو، منصوبي جڙڻ ته به ڪافي خرچ ٿيو هوندو پر جيئن ته سنڌي قوم جي سرمائي ۽ شناخت کي بچائڻ جو سوال هيو ته اهو منصوبو ئي رد ڪيو ويو ... باقي پاڻ پڙهيو

    [​IMG]

    ڏوڪري؛ڏوڪري لڳ موهن جو دڙو جيڪو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ سڃاڻپ آهي جنهن کي هر دور ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي جڏهن ته موهن جو دڙو جون قيمتي شيون واپس ته ٿيون آهن،۽ موهن جو دڙو جيڪو ڏينهن ڏينهن نمڪياتي،زهريلي پاڻي،سم ۽ برساتي پاڻي جي نقصان کان ناهي بچي سگھيو جڏهن ته حڪومت پڻ لاپرواهي ڪئي آهي موهن جو دڙو کي نازڪ صورت حال کان،سدائين بس جڏهن موهن جودڙو تي دوري دوران ڪو منسٽر يا ثقافت سيڪريٽري اچي ٿو ته تڏهن ميڊيا سان اهو ئي ڳالهائيندو آهي ته موهن جو دڙو هيئن آهي هيئن آهي هتي هي شيءِ گھربل آهي،جڏهن هڪ سال اڳ موهن جو دڙو ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جڏهن موهن جو دڙو جو دورو ڪرڻ آئي هئي ته سندس اتي اها ئي تنقيد ڪئي هئي ته موهن جو دڙو ته صحيح حالت ۾ آ صحافي خامخان اشو ٿا بڻائن ۽ تنقيد هي لفظ چيائين ته صحافي اجائي لکندا آهن ته گھوڙا ڙي هي بت ڪري پئي گھوڙا ڙي مو هن جو دڙو جو هي حصو ٿيو آهي اب کي هيئن خطرو آهي ،اهڙي طرح هاڻي مان ان کي اهو چوندس تڏهن صحافي غلط هئا پر هي ڏسو هاڻي ڪير غلط آهي،بس جڏهن ڪو به منسٽر موهن جو دڙو اچي ٿو ته ان محل ٻه ٽي ڳالهيون ڪري موهن جو دڙو جي باري ۾ بس لٽائي هليا ٿا وڃن وري جڏهن اهي واپس وڃن ٿا ته پوءِ سندس ڪجھ به ياد ناهي ته اڄ اسان صحافين سان ڳالهيون ڪيون سِ موهن جو دڙو جي باري ۾ بلا ان تي عمل به ڪيون پر ايئن ناهي خير ايئن ٿيندو آ اهي انهن جا نوان ڳاله ٻول ناهن روزمره جا مامرا آهن،تازو ئي هاڻي ٿيل ماسٽر پلان جيڪا موهن جي دڙو کي حفاظت لاءِ جوڙي وئي هئي هڪ اهم اجلاس ٿيو هيو جنهن ۾ اعلي سطح تي ماهرن شرڪت ڪئي ۽ انهن اها لسٽ تيار ڪئي جنهن تمام سٺو ۽ بهترين پلان جوڙيو ويو هو ان پلان ۾ رات جو موهن جو دڙو گھمڻ لاءِ لائيٽ استعيمال ڪرڻ جو به پلان ڪيو هو پر اهو سمورو ماسٽر پلان جيڪو موهن جودڙو جي حفاظت لاءِ هو اهو صوبائي ثقافت وزير سسئي پليجو حوالي ڪئي وئي هئي ۽ اها سسئي پليجو وري سنڌ جي وزير سيد قائم علي شاه ڏي موڪلي وئي جنهن بابت اڄ ذريعن کان جاچ ڪئي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاه اهو ڄاڻائي اها پلان رد ڪئي آهي ته اسان وٽ بچيت ڪانهي جنهن جي ڪري موهن جو دڙو جي بچا بابت جيڪو خرچ لکيو ويو آهي اهو گھٽايو وڃي،هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته موهن جو دڙو هڪ وڏي تهذيب آهي جنهن سان سنڌ جي سڃاڻپ سڄي دنيا ۾ پئي ٿئي پر ان کي زبون حالت کان ٻاهر ڪڌڻ بدران ان کي خرچ کان لهرائي ان جي بچاء بابت خرچ نه ٿا ڪيا وڃن ۽ بچيڊ نه هئڻ جون ڳالهيون ڪيو پيو وڃن”””””””””””””””””؟آخر ڇو موهن جو دڙو کي بچائڻ محل خرچ ياد آيو ڇا هوئن خرچ ڪانه پيا ٿين فضول؟هوئن به انهن جي سيڪيورٽي تي پروٽوڪول تي ڪيتروئي خرچ ٿيندو هوندو ان محل خرچ ياد ناهي جو هڪ تهذيب کي بچائڻ محل خرچ ياد پيو اچي؟،،،،،
     
  2. سنڌي نور

    سنڌي نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 نومبر 2011
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    408
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ديس واسين سان محبتون ونڊڻ
    ماڳ:
    سنڌ جي مٽي
    جواب: موئن جو دڙو ۽ حڪومتي رويا


    هو اسان جي سنڌ کي ئي ختم ڪرڻ ٿا چاهن، هي ته وري به آثار آهن۔
     
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: موئن جو دڙو ۽ حڪومتي رويا

    سنڌ سان سدائين وير، ڀل اهو سنڌ ڄائو ڇو ڪين هجي، پر اقتدار جي لالچ ۽ حوس ۾ اهي ڇو پاڻ کي وساري ويهندا آهن ته اهي به ان ئي تهذيب جا وارث آهن؟، انهن جي سڃاڻپ به ان ئي تهذيب سان جڙيل آهي، جيڪڏهن سنڌ آهي ته اسين آهيون، سنڌ جا تاريخي ماڳ جيڪو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت جا اهڃاڻ آهن، انهن کي هٿي ڏئي ميسارڻ جي هر ويل ڪوشش ڪئي وئي وڃي ٿي۔ پر رڳو ڳالهه سنڌ جي نه آهي، ڳالهه هتي ملڪ جي ليکي ويندي، دنيا جا سڌريل ملڪ پنهنجن انهن تاريخي ماڳن کي بچائڻ لا رات ڏينهن نوان منصوبا جوڙي انهن کي قائم دائم رکيون پيا اچن۔۔بس رڳو اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان جا حڪمران ايڏا ته نا اهل آهن جو انهن کي پيٽ جي حوس کانسوا ڪجهه ڪين ٿو نظر اچي۔۔پر اهڙو ڪم ڪڏهن به نٿا ڪن جنهن ڪم سان قوم انهن کي سهڻن لفظن ۾ ياد ڪري، اهي جيئري به عوام جي لعنتن ۾ رهن ٿا ۽ مرڻ کانپو به ذلت کنيون ٿا وڃن، پر اهڙو ڪم ڪڏهن به نه ڪندا جنهن سان ملڪ ۽ قوم جي ڪا ڀلائي به ٿي سگهي۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: موئن جو دڙو ۽ حڪومتي رويا

    تازو 18هين ترميم ۾ هڪ فيصلو ٿيو هو ته آثار قديمه جو کاتو صوبن حوالي ڪجي ٿو۔ هاڻي صوبائي حڪومتون جيڪڏهن قابل هجن ته بهتر ڪم ڪري سگهن ٿيون۔ پر سائين ڪوبه پنهنجي ثقافت، پنهنجي ورثي لاء ڪو خاص ڪم ڪونه پيو ڪري ۔۔۔۔۔ هاء ڙي قسمت

    ٻه ڏينهن اڳ جڏهن ڪوٽ ڏيجي جي پراڻي دڙي کان گذر ٿيو ته اتي تباهي نظر آئي، دڙي جي کوٽائي ڪانه ٿي سگهي آهي۔ پراثا نشان ميساربا پيا وڃن۔ ڪوٽڊجي شهر جي ٻاهران وارون مٽيء جون پراڻيو ۽ ويڪريون ڀتيون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، مان اهي تصويرون به ورتيون هيون پر افسوس جو اهي ڪنهن دوست ڪيمرا چيڪ ڪندي غلطيء سان سڀ ڊليٽ ڪري ڇڏيون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو