نثارناز
سينيئر رڪن
ايندڙ آچر 6 مئي 2012 تي سنڌي ادبي سنگت خيرپور پاران محترم وفا حاڪم وساڻ جي شاعريءَ جي ڪتاب ”پيار پن ڇڻ ۽ وفا“ جي مهورت ڪئي ويندي، جيئن ته اهو ڪتاب 19 اپريل 2012ع تي سنڌ سلامت جي انتهائي محنتي مينيجنگ ايڊيٽر محترم محمد سليمان وساڻ مونکي محترم وفا حاڪم وساڻ پاران تحفي طور ڏنو هو،112 صُفحن جو هي شاعريءَ جو ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايل آهي، سموري ڪتاب پڙهيو اٿم تمام خوبصورت شاعري آهي محترم وفا حاڪم وساڻ جي هن ڪتاب جي پيج نمبر46 تان وفا حاڪم وساڻ جي هن نثري نظم جي هڪڙي پيار مان غريباڻي چترڪاري ڪئي اٿم ۽ توهان سان ونڊيان پيو اميد ته پسند ايندو
سمورو جهان تنهنجي وجود جو عڪس آ پرين (نثري نظم) وفا حاڪم وساڻ
