[JUSTIFY]هميشه ڪوشش ڪريو ته ننڍڙين غلطين کان پاڻ کي بچائيندا ڪريو، ڇو ته انسان ڪڏهن به جبل کان ٿيڙ نه کائيندو آهي، جڏهن به ٿاٻڙجي ٿو ته ڪنهن اهڙي پٿر کان ٿاٻڙجي ٿو، جنهن کي يا ته هو ننڍو سمجهي ٿو يا وري اهو سندس نظر ۾ نه ٿو اچي۔۔۔ اها ننڍڙي غلطي ڪنهن به صورت ۾ ٿي سگهي ٿي، ڪڏهن سوچ جي صورت ۾، ڪڏهن ڳالهه جي صورت ۾ يا وري ڪڏهن رويي جي صورت ۾۔۔۔۔ [/JUSTIFY]
جواب: ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون يار ڳالهه ته حق جي آهي ۔۔۔ پر ڇا ڪجي جو ڪنهن سياڻي چيو آهي ته ”انسان نصيحت سان نه پر ڌڪو کائڻ سان سکندو آهي۔۔۔“ بس هاڻي دعا آهي ته هروڀرو ڪنهن وڏي جبل سان نه ٽڪرائجي۔۔۔
جواب: ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون آدا سائين اسلام عليڪم۔سياڻا چوندا آهن ته تر جي گٿي سوء چوٽون کائي۔اهئي ننڊيون ننڊيون غلطيون هونديون آهن جيڪي پنهنجن جي دل ۾ شڪ پيدا ڪنديون آهن ۽ آخر ۾ ان جو وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي۔بيشڪ اسان کي پنهنجي ننڊين ننڊين غلطن ڏانهن توجه ڏيڻ گهرجي ۽ انهن کي ننڍي سمجهي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي،مختصر تحريرپر وڏي نصحيت واري ليک تي اوهان کي جس هجئي۔
جواب: ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ها يار مون به هڪ ننڍڙي غلطي ڪئي هئي ۽ اڃان تائين پيو ڀوڳيان ،،،، اها ننڍڙي غلطي اوهان پاڻ سمجهو ،،،،، ههههههه ڀوڳن کان علاوهه، منهنجي پتني شروع شروع ۾ منهنجو لقب رکيو هو ” غلطي خانو“، اصل ڳالهه آهي ته ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون ٿين ٿيون پر انهن مان ماڻهون وري پاڻ سنڀالي نڪري وڃي ته انکي ڪاميابي چئبو آهي ،،، ائين ته ٿي نٿو سگهي ته ماڻهونءَ کان غلطيون نه ٿين پر انهن غلطين کي سڌارڻ اصل ڳالهه آهي ۽ وري اهڙيون غلطيون نه ٿين ته سمجهو اها غلطي اوهان لاءِ لاڀائتي ٿي دعا ڪريو ته جبل سان مٿو نه لڳي؟ جبل جو مقصد اهڙي غلطي جنهنجو سڌارو ناممڪن يا تمام مشڪل هجي سٺو ليک