مهرباني ڪري پنهنجي حفاظت ۽ ڪم ڪار کي نظر ۾ رکندي ملڪ ۾ هلندڙ هڙتالن جو شيڊيول نوٽ ڪري وٺندا۔۔۔ سومر ۔۔۔۔۔۔ ايم ڪيو ايم جي هڙتال اڱارو۔۔۔۔۔ پيپلن جي هڙتال اربع۔۔۔۔۔۔ اي اين پي جي هڙتال خميس۔۔۔۔۔ نوازليگ جي هڙتال جمع۔۔۔۔ جماعت اسلامي جي هڙتال۔۔۔ ڇنڇر۔۔۔ سي اين جي جي هڙتال۔۔۔۔ آچر۔۔۔بس اهو هڪڙو ڏينهن پارٽين پاران اوهان کي موڪل جو تحفو ملڪ ۽ عوام جو ته بس الله ئي الله
جواب: نئون شيڊيول۔۔۔۔ هڙتالن جو ادا مست خيال ڪيو، ٻڌيو نه ڪو سياسي ماڻهون، ۽ ڪري نه توهان جي انهيء سچ تي به هڙتال ۽ موڪل جو ڏينهن به هڙتال ٿي نه گذري۔
جواب: نئون شيڊيول۔۔۔۔ هڙتالن جو اهي ته ٿيون ٻاهريون هڙتالون ،،، پر هاڻ ته مهانگائيءَ جي ڪري گهر جي بورچيخاني ۾ به هڙتال جي جدول تيار ٿي رهي آهي هر روز هيٺيون کاڌي جو مينيو غريبن جي گهرن ۾ ناشتي ۾ زال جا دڙڪا منجهند جو ٻارن جون رڙيون رات جو دلاسا ۽ آسرا ڪجهه سال اڳ سنڌي وڏيري سان ڪچهري ٿي، مون کيس چيو ته وڏيرا ته عياشين ۾ آهن، چيائين ڌوڙ عياشي، هاڻ اپت ۽ کپت جو حساب ايترو ته خراب ٿي ويو آهي جو ٻارهين مهيني اٽو اکين تي هڻي بس سٽان تي پنڻ ويندا آهيون هاڻ جي وڏيرن جي اها حالت آهي ته ننڍڙن هارين نارين ۽ مزورن مڙن جي ڪهڙي حالت هوندي؟ الامان، پاڪستان جهڙو ملڪ نه ڏٺو نه سوچيو مست جو ڀوڳ، سچ جهڙو
جواب: نئون شيڊيول۔۔۔۔ هڙتالن جو ها ادا اهو سچ آهي پر پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون غريب ماڻهو ڇو جو اهو معمول بڻجي ويو آهي هڙتالين جو باقي مزاق جي حد تائين سٺو مزاح آهي توهان تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي۔
جواب: نئون شيڊيول۔۔۔۔ هڙتالن جو ادا مست اسلام عليڪم،ڏاڍا ڪئي زوراور آهيو۔ڇو ٿا هڙتالن جو شيڊول ڏئي اسان جي سست رفتار ڪم جي عادت جو راز کوليو۔اسان جو ڪم ۾ هونئي گهڻو چاه هوندو هو مٿان وري هڙ تالن جو شيڊول اچي ويا۔هاڻي ته "مولا وسايا مينهن ڪانيئر ڇٽا ڪم کان"وارو مثال ٿي ويو۔لڳي ٿو ته هاڻي ڪم رڳو آچر تي ڪرڻو پوندو باقي ته هڙتالن جي عياشي آهي(ههههههههه ههههههههههههههه)
جواب: نئون شيڊيول۔۔۔۔ هڙتالن جو يار مست اڄ مستي مستي ۾ ڳالهه به مست ڪري ويو آهين ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل انهن هڙتالن اسان جا ڪم ئي لاهي ڇڏيا آهن ۔۔۔ روز موڪل لڳي پئي آهي۔ ڪم آهن جو ٿين ڪونه پيا ۔۔۔۔ تعليم جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ۔۔۔۔۔۔۔۔ بس ٿورو لکيو گهڻو سمجهجو