جيڪي سمجھن ٿا ته سنڌ جون نياڻيون خاموش آهن، ته اهي پاڻ ئي غلط سوچ رکن ٿا، اسان جون سنڌي ڀينرون ۽ مائرون گھرن ۾ ئي پنهنجو پاڻ ۽ ڀائرن ۽ ٻچن کي آزادي جا متوالا بنائڻ ۾ رڌل آهن، منهنجي گذارش آهي ته جيڪي سنڌ سان سچو پيار ڪن ٿا ته اهي پهرين پنهنجي گھر جي عورتن کي پاڻ سان آزادي جي جدوجھد ۾ ڪولهو ڪلهي سان ملائي هلائن ته پوء اسان جون منزلون پري نه آهن، جيڪو اهڙي سوچ کان پري رهي ته اسان جي نظر ۾ هو صرف ڳالهائي ۽ اجائي آزادي جي ڳالھ ٿو ڪري، هو سنڌ سان سچو نه آهي. ڪاتيء هيٺيان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا، سنڌڙيء جو سڳند، مرنداسين پر مرڪندي۔ سنڌي نور
جواب: مون جنگ وطن لاء جوٽي آ تقدير سندي تدبير آهين تون ئي سنڌ سياڻي هارياڻي او هارياڻي او، سنڌي هارياڻي منهنجي سنڌ جون سورميون ڪنهن ويل به پٺتي نه آهن، جڏهن به سنڌ جو سڏ ٿيندو آ منهنجيون اهي ڀينرون، امڙيون، نياڻيون اسان سان ڪلهي ڪانڌي ٿينديون ۽ هر تحريڪ ۾ ڪلهي ڪانڌي رهيون آهن۔۔
جواب: مون جنگ وطن لاء جوٽي آ سنڌ جا سُور ما سنڌ جون سُورميون هم قدم ٿِي ته سنڌ کي سلاميون ڏيون ڌِي سنڌي نور کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ جون ڀليڪارون، امان نُور جيڪي صحيح ۽ حلالي پُٽ يا نياڻيون سنڌ امڙ جا هُوندا اهي سنڌ امڙ جي حقن لا ازل کان ابد تائين پاڻ پتوڙيندا رهندا، جيئن توهان هيڏي وڏي ڳالهه لکي آهي ته فقط سنڌ جون مائرون ۽ نياڻيون ئي پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌ جا سپوت پُٽ ۽ يا سپوت نياڻيون بنائڻ واري اهم ڪم ۾ رُڌل آهن ڌي يقينن انهن سنڌ جي مائرن ، نياڻين ۽ گهر وارين کي سنڌ جي پُٽن، سنڌ جي پيئرن ، ۽ سنڌ جي سرموڙ مڙسن ئي انهن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني هوندي جو اهي مائرون اهي نياڻيون اهي ڀيڻون ۽ اهي سُڄاڻ زالون جيجل سنڌ لا پاڻ پتوڙين پيون ، ڌي بلڪل اهڙي طرح اسان جا هزارين مرد، جيڪي پي به آهن ته پُٽ به آهي ڀائر به آهن ته سرموڙ مُڙس به آهن اهي به پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌ امڙ جا جوڌا پُٽ بهادر پُٽ ۽ بهادر نياڻيون بنائڻ واري قومي ڪم ۾ رُڌل آهن ڳاله سموري اعتماد جي آهي ۽ هاڻي اسان کي مرد توڻي عورت کي اعتماد سان هڪ آواز ۽ هم قدم ٿي سنڌ جيجل لا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو۔