مون جنگ وطن لاء جوٽي آ

سنڌي نور

سينيئر رڪن

جيڪي سمجھن ٿا ته سنڌ جون نياڻيون خاموش آهن، ته اهي
پاڻ ئي غلط سوچ رکن ٿا، اسان جون سنڌي ڀينرون ۽ مائرون
گھرن ۾ ئي پنهنجو پاڻ ۽ ڀائرن ۽ ٻچن کي آزادي جا متوالا
بنائڻ ۾ رڌل آهن،
منهنجي گذارش آهي ته جيڪي سنڌ سان سچو پيار ڪن ٿا ته اهي
پهرين پنهنجي گھر جي عورتن کي پاڻ سان آزادي جي جدوجھد ۾
ڪولهو ڪلهي سان ملائي هلائن ته پوء اسان جون منزلون پري نه
آهن، جيڪو اهڙي سوچ کان پري رهي ته اسان جي نظر ۾ هو صرف
ڳالهائي ۽ اجائي آزادي جي ڳالھ ٿو ڪري، هو سنڌ سان سچو نه آهي.

ڪاتيء هيٺيان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيء جو سڳند، مرنداسين پر مرڪندي۔
سنڌي نور​
392402_10150860267078216_794048215_9810265_48545602_n.jpg
 
جواب: مون جنگ وطن لاء جوٽي آ

تقدير سندي تدبير آهين تون ئي سنڌ سياڻي
هارياڻي او هارياڻي او، سنڌي هارياڻي​

منهنجي سنڌ جون سورميون ڪنهن ويل به پٺتي نه آهن، جڏهن به سنڌ جو سڏ ٿيندو آ منهنجيون اهي ڀينرون، امڙيون، نياڻيون اسان سان ڪلهي ڪانڌي ٿينديون ۽ هر تحريڪ ۾ ڪلهي ڪانڌي رهيون آهن۔۔
 
جواب: مون جنگ وطن لاء جوٽي آ


جيڪي سمجھن ٿا ته سنڌ جون نياڻيون خاموش آهن، ته اهي
پاڻ ئي غلط سوچ رکن ٿا، اسان جون سنڌي ڀينرون ۽ مائرون
گھرن ۾ ئي پنهنجو پاڻ ۽ ڀائرن ۽ ٻچن کي آزادي جا متوالا
بنائڻ ۾ رڌل آهن،
منهنجي گذارش آهي ته جيڪي سنڌ سان سچو پيار ڪن ٿا ته اهي
پهرين پنهنجي گھر جي عورتن کي پاڻ سان آزادي جي جدوجھد ۾
ڪولهو ڪلهي سان ملائي هلائن ته پوء اسان جون منزلون پري نه
آهن، جيڪو اهڙي سوچ کان پري رهي ته اسان جي نظر ۾ هو صرف
ڳالهائي ۽ اجائي آزادي جي ڳالھ ٿو ڪري، هو سنڌ سان سچو نه آهي.

ڪاتيء هيٺيان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا،
سنڌڙيء جو سڳند، مرنداسين پر مرڪندي۔
سنڌي نور​
392402_10150860267078216_794048215_9810265_48545602_n.jpg
سنڌ جا سُور ما سنڌ جون سُورميون هم قدم ٿِي ته سنڌ کي سلاميون ڏيون
ڌِي سنڌي نور کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ جون ڀليڪارون، امان نُور جيڪي صحيح ۽ حلالي پُٽ يا نياڻيون سنڌ امڙ جا هُوندا اهي سنڌ امڙ جي حقن لا ازل کان ابد تائين پاڻ پتوڙيندا رهندا، جيئن توهان هيڏي وڏي ڳالهه لکي آهي ته فقط سنڌ جون مائرون ۽ نياڻيون ئي پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌ جا سپوت پُٽ ۽ يا سپوت نياڻيون بنائڻ واري اهم ڪم ۾ رُڌل آهن ڌي يقينن انهن سنڌ جي مائرن ، نياڻين ۽ گهر وارين کي سنڌ جي پُٽن، سنڌ جي پيئرن ، ۽ سنڌ جي سرموڙ مڙسن ئي انهن کي ائين ڪرڻ جي اجازت ڏني هوندي جو اهي مائرون اهي نياڻيون اهي ڀيڻون ۽ اهي سُڄاڻ زالون جيجل سنڌ لا پاڻ پتوڙين پيون ، ڌي بلڪل اهڙي طرح اسان جا هزارين مرد، جيڪي پي به آهن ته پُٽ به آهي ڀائر به آهن ته سرموڙ مُڙس به آهن اهي به پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌ امڙ جا جوڌا پُٽ بهادر پُٽ ۽ بهادر نياڻيون بنائڻ واري قومي ڪم ۾ رُڌل آهن ڳاله سموري اعتماد جي آهي ۽ هاڻي اسان کي مرد توڻي عورت کي اعتماد سان هڪ آواز ۽ هم قدم ٿي سنڌ جيجل لا گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو۔
 
Back
Top