سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

'تعارف' فورم ۾ لطيفي151 طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2012۔

  1. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    پهرين ته آءُ هن سنڌي فورم سنڌ سلامت جي باني کي لک لک واڌايون ٿو ڏيان جنهن اهڙي دور ۾ هي سنڌي فورم شروع ڪيو آهي جنهن ٽائم ۾ اسان جا گهڻا سارا سنڌي ڀائر ۽ ڀينر ٻين زبانن جي فورم سائٽن ۾ وڃي پنهنجا حال اوريندا آهن انهن دوستن ۾ آءُ خود ڀي شامل آهيان۔ جيئن ته آءُ هتي پهرين پوسٽ پيو شامل ڪيان هن ڪري منهنجي غلطي جا چانسز جام ٿي سگهن ٿا هن لاءِ آءُ معافي جوطلبگار آهيان۔ انشاءَالله اڳتي هلي سُڌارو اچي ويندو آمين۔۔۔۔ اسان جي دُعا آهي ته هي سنڌ سلامت سائٽ اڃان به سڀ کان وڌ ۾ وڌ ترقي ڪري ۽ سموري سنڌ واسن کي نئين نئين خوشبوئن سُڳنڌ سان معتر ڪري۔۔۔ آمين ثُم آمين۔۔۔۔۔۔(محمد حفيظ لطيفي)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    سهڻا محمد حفيظ لطيفي صاحب؛ اوهانکي هن اوطاق تي پير ڀري اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار

    اوهان جا لک قرب جو اوهان هن سنڌ دوست اڱڻ کي پسند ڪيو ۽ پنهنجي ساٿ نڀائڻ جو وچن پڻ ڪيو آهي،

    دوست! هيءَ اوطاق آهي ئي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت لاءِ ۽ سنڌ جي علم، سنڌ جي فڪر ۽ فلسفي ۽ سنڌ جي مسئلن جي پٽار لاءِ، جنهن ۾ اسين دوست هر روز اچي پنهنجا پنهنجا ليک ۽ سوچون ونڊ ڪريونٿا، اميد ته اوهان به پنهنجي علم ۽ ڏاهپ سان هن اڱڻ تي دوستن سان حال ڀائي ٿيندا رهندا

    سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان

    اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    ادا اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ۔۔۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    محمد حفيظ لطيفي صاحب؛ اوهانکي هن سهڻي فورم تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ڪجي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت فورم تي توهان کي هميشه پنهنجائپ محسوس ٿيندي ۔۔۔۔۔۔۔ هي فورم هڪ مڪمل سنڌي فورم آهي جتي توهانکي هر قسم جي معلومات ملندي

    اميد ته سنڌ سلامت تي ساٿ سلامت رهندو

    وري به ڀليڪار
     
  5. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    محترم اد1 نثار ابڙو صاحب، محترم رياض حسين گلال صاحب ۽ محترم عرس پريو صاحب، اوهان جا لک ٿورا جو مون جهڙي ناچيز کي هيترو وڏو قرب ڏئي لاجواب ڪري ڇڏ يو اٿوَ۔۔۔۔۔۔ انشاءالله اسين هِن اوطاق کي خوب اِنڊ لٺ جي رنگن جيان رنگِڻَ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين ته جيئن هيء ڪچهري هميشه سدا سلامت ۽ آباد هجي۔۔۔۔آمين ثُمَ آمين۔۔۔۔۔اوهان جو ٿورائتو (محمد حفيظ لطيفي)
     
  6. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    ادا محمد حفيظ لطيفي اسلام عليڪم۔ادا اسان اوهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي اڳڻ جي ميزبانن ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪ سان گڏ ڀليڪار ٿا چئون۔ادا هن محبتي اڳڻ جو هر ميمبر خلوص ۽ محبت واري ڪڙي ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل آهي۔هتان جو هر ميمبر پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان معلومات سان ڀريل انمول موتي هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽي ٻين جي معلومات ۾ اضعافو پيو ڪندو آهي۔توهان کي هت هر موضوع تي انيڪ ليک ملندا۔ڪافي سارا محترم ميمبرس ڪمپويٽر جا ماهر آهن۔هو پنهنجي ڪوششن سان ان فليڊ کي اسان جهڙن سيکارٽن لاء آسان ڪري ڇڏيو آهي نه ته شروع ۾ اسان کي به هڪ لائين لکڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي هئي۔انهن سڀني دوستن جون مهربانيون جو اڄ اسان جيترو چاهيون لکي سگهون ٿا۔اميد ته اوهان جي به ان سلسي ۾ رهنمائي ٿيندي ۽ ٿورئي وقت ۾ اسان اوهان جي بهترين ليکن کان مستفيد ٿي سگهنداسين۔توهان جي تحريرن جو انتظار رهندو۔
     
  7. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    وعليڪم اسلام۔۔۔۔۔۔ برادرم غلام مصطفي ميمڻ صاحب آءُ اِهڙي لائق ڪٿي آهيان جيترو اوهان ڀاءُ منهنجي لاءِ ايترا سارا قرب ڀريل لفظن جي مالها پارائي مون کي ڀليڪار چيو آهي۔۔۔۔ ادل دُعا ڪيو ته آءُ پنهنجي مٺڙي ٻولي لکڻ ۾ ڪجهه اڳڀرو ٿيان ۽ اوهان جهڙن ڀائُرن دوستن جي رهنمائي ۾ ڪجهه حاصل ڪيان۔۔۔۔۔ توهان جا لک قُرب ڀائو۔۔۔۔۔۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    اسان پنهنجي پرين پياري محترم محمد حفيظ لطيفي صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ سنڌي ٻوليء جي ترقي ۽ واڌاري لاء اسان کي ئي ڪوششون ڪرڻيون آهن۔ اسان به هن کان اڳ هتي هتي پيا نيٽ گردي ڪندي وقت وڃائيندا هئاسون، پر هاڻ سنڌ سلامت سان اهڙو ناتو جڙيو آهي جو ٻيو ڪجهه وڻي ئي ڪونه۔

    اميد ته سنڌ سلامت اوهان جي اعتماد تي پورو لهندي ۽ سنڌي ادب جي نماء سان گڏ سنڌ جي مسئلن کي نمايان ڪندي رهندي۔ اها آس اٿم ته اوهان پنهنجي مڪمل تعراف ۽ ڪٿان جا رهاڪو آهيو سڀ ڄاڻ ڏيندا ته جيئن اوهان سان ملاقاتون به ڪجن ۽ اوهان سان شناسائي به ٿئي۔ ان سان گڏ اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه وقت ڪڍي پنهنجي لکڻين، پنهنجي خيالن ۽ بهترين راين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]
     
  9. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    محمد حفيظ لطيفي صاحب؛ اوهانکي هن اوطاق تي پير ڀري اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار
     
  10. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    محترم سليمان وساڻ صاحب جهڙي پنهنجي ٻولي مٺڙي آهي اهڙي توهان جي جوابي تحرير منهنجي جزباتن کي اُڀاري ڇڏيو آهي۔۔۔۔ ادا سائين آءُ اصل ته سکر سنڌ جو آهيان ليڪن گُذريل 18 سالن کان حيدرآباد ۾سيٽِل آهيان۔۔۔ زات لاکو آهي ڀٽائي سرڪار جو عاشق فقير آهيان ۔۔ سرڪار جي متعلق جيڪي به ڪتاب شايع ٿيندا آهن اُنهن کي پڙهڻ جي پوري ڪوشش ڪندو آهيان ليڪن ادا سائين آءُ ايترو قابل ڪونه آهيان جو پنهنجي قلم سان لکيل تحريرُن جو هتي ونڊ ڪري سگهان۔۔۔ ربُ پاڪ شال اهڙي ڏات ڏئي ته هن اوطاق جي خدمت ڪيون۔۔دُعا ڪريو۔۔۔۔۔ جِگرَ اوهان جون لک ڀلايون جو مون ناچيز کي پنهنجي ڀَرِ ۾ جڳهه ڏئي منهنجو مان مٿاهون ڪيو۔۔۔۔ مهربانيون ۽ توهان جا لک قُرب۔۔۔۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    لطيفي صاحب لک مهربانيون

    اوهان پنهنجو مڪمل تعارف ڪري احسان ڪيا آهن۔ سائين اسان به جڏهن لکڻ شروع ڪيو هو ته هڪ لائين لکڻ جي به قابل ڪونه هئاسين۔ پر پوء سنڌ سلامت تي لکندي، دوستن جي رهنمائي ۽ مڪمل حوصلا افزائي سبب اڄ ان قابل آهيون جو ابتيون سبتيون، ڪچيون ڦڪيون تحريرون لکڻ جي قابل ٿي ويا آهيون۔ اوهان مرشد لطيف کي پڙهيو آهي ۽ مان يقين سان چوان ٿو ته اوهان لکڻ شروع ڪيو ته قلم ۾ جنبش ۽ پختگي ضرور پيدا ٿيندي۔

    اميد ته اسان جو ساٿ سدا سلامت رهندو۔
     
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ساٿ کي سلام

    مٺڙا دوست محمد حفيظ لطيفي صاحب؛ اوهانکي هن سهڻي اڱڻ تي پير ڀري اچڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا
    ۔۔ڏاڍي خوشي ٿي ته توهان لطيف سرڪار جا عاشق آهيو، اسين به سڀ ان لاکيڻي لطيف جا عاشق آهيون۔۔اميد ته اسان کي پنهنجن تحريرن جي هڳا سان اسان جي روح کي تازگي عطا ڪندئو۔۔۽ سائين هر ڪو ماڻهو موتي داڻو هوندو آهي، ان وٽ ڪا نه ڪا ڏات هوندي آهي، توهان به باصلاحيت آهيو، جو هن اڱڻ کي ڳولي لڌو اٿو ۽ پنهنجا ويچار ونڊ ڪرڻ جي صلاحيت رکو ٿا ۔۔سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو