• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٿر ڪول اٿارٽي ۽ سنڌين کي نقصان

نثارابڙو

نائب منتظم
ٿر ڪول اٿارٽي ۾ 235 ملازمن مان 22 سنڌي سي به ڪچا ڀرتي ڪيل، آفيسر گريڊ ۾ هڪ به سنڌي ناهي،

جنهن سج اڀرندي ئي تاءُ نه ڪيو ته اهو لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو، سنڌ جي هن عظيم دولت مان صرف ڌاريا، پناهگير ۽ پنجابي فائدو وٺندا، سنڌين لاءِ اهي ئي ڌڪا، اها ئي بک ۽ بيروزگاري. ڇا سنڌي ماڻهون آفيسن ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪرڻ جي به لائق ناهن؟

ان لاءِ ڪنهن سياڻي چيو آهي ته ان ڪڻڪ جي فصل کي ئي باهه ڏجي جنهن ۾ ڪڙميءَ کي داڻو به نه ملي، يا وري سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.

پاڪستان ۾ سنڌين مٿان ايترا ته ظلم ڪيا ٿا وڃن جو هڪ ظلم ڏي اک کڻجي ٿي ته پويان ٻيون ٿي ٿو وڃي، اڃان ان طرف ڌيان ئي مس ڏجي ٿو ته ٽيون ظلم شروع ٿي وڃي ٿو، اهڙي طرح اهو سلسلو برقرار آهي

543357_10150793230173948_618508947_9580352_1532470876_n.jpg
 
جواب: ٿر ڪول اٿارٽي ۽ سنڌين کي نقصان

سائين پوء ٿا چئو ته مان گورنمنٽ تي ايڏي ڪاوڙ ڇو ٿو ڪريان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻ ٻڌايو سنڌي حڪمران هجڻ جي باوجود سنڌ جي حقن تي هي ويساه گاهتيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ ته صدارتي هائوس مان نڪري ڪون ٻيو وري ڀنگ پيو ويٺو نعرا هڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دل چوي ٿي ته جوتي ۾ ڳن وجهرائي ڇڏيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء شروع ٿي وڃان

جي ٻيا ڪن ته شايد ايترو ڏک نه ٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پنهنجا ئي سنڌ ء سنڌين سان ٿيندڙ زيادتين تي اقتدار جي خاطر چپ آهن


 
جواب: ٿر ڪول اٿارٽي ۽ سنڌين کي نقصان

جنهن سج اڀرندي ئي تاءُ نه ڪيو ته اهو لهندي ڪهڙو تاءُ ڪندو، سنڌ جي هن عظيم دولت مان صرف ڌاريا، پناهگير ۽ پنجابي فائدو وٺندا، سنڌين لاءِ اهي ئي ڌڪا، اها ئي بک ۽ بيروزگاري. ڇا سنڌي ماڻهون آفيسن ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪرڻ جي به لائق ناهن؟

بلڪل سائين انهي قيمتي خزاني تي ڌارين جو اکيون ۽ هاڻي قبضو به زور وٺندو وڃي۔ آئون پاڻ فيول رسرچ سينٽر آف پي سي ايس آ آر ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان۔ هن اداري کي چيو ويو هو ته اوهان انڊر گرائونڊ ڪول گئيسيفڪيشن وارو ڪم ڪريو۔ ۽ جيڪڏنهن ننڍي ليول تي اوهان ڪامياب ٿي وڃو ٿا ته پو اهو سڄو ڪم اوهان ڪجو۔ پر پو اهو ڪم به پنجاب هليو ويو ڇو ته فيول رسرچ سينٽر سنڌ ۾ آهي ۽ انهي جو ڊائريڪٽر سنڌي آهي۔ ۽ اهو اشو هاڻي اسلام آباد ۾ ٿيل انرجي ڪانفرنس ۾ فيول رسرچ سينٽر جي ڊائريڪٽ پنهنجي تقرير ۾ به ڪئي ته سياسي چڪرن ۾ اسان کان اهو ڪم کسي هڪ ته زيادتي ۽ ٻيو ته ڪم ۽ ان جي نتيجن کي داؤ تي لڳايو ويو آهي۔ پر ڪجهه به نه ٿيو ڇو ته ڪانفرنس گيلاني صاحب پرزائيڊ ڪري رهيو هو۔

هڪ ته صدارتي هائوس مان نڪري ڪون ٻيو وري ڀنگ پيو ويٺو نعرا هڻي

ادا ٻاهر نه نڪرڻ سيڪيرٽي اشوز يا مصروفيت آهي۔ باقي سيد بادشاهه ڀنگ پيئي ٿو ته اهو سندس ذاتي مسئلو آهي۔ پر سائين بادشاهه ڀنگ نه به پيئي ته به سندس انهي قرباني جو ڪارڪردگي تي ڪو خاص فرق نه پوندو۔

بهرحال سياسي طور پي پي وڏي پارٽي ضرور آهي پر پو به ٻين جي سهاري هلي ٿي پئي۔ اڪيلي سر ڪو فيصلو نه ٿي ڪري سگهي۔
 
Back
Top