رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
ڌارين هنئين سڀڪا ، پنهنجن هنئين آءُ
چنيسر جي چُرچ تي اڄ روپاهه مٿان ڌارين حملو ڪيو هو. ڀير تي ڏونڪو لڳو. روپاهه ۾ ٿرٿلو مچي ويو. مٿيرن ۾ ولولو آيو. جنهن به پڳ کي وراڪو ڏنو هو، ترار کڻي اٿي کڙو ٿيو. گهوڙن جا تنگ ڪَسجڻ لڳا ،تراريون تِکيون ٿيڻ لڳيون. مائرن پُٽن کي چيوٰ ٰ” ٿڃ نه بخشانءِ مور جي ڌڪ کائين پُٺڻ ۾.”
رِڻ ٻري ويو. هوڪرون پئجي ويون وڏن پَٽڪن وارا سورهيه ڀَنڀين ڏاڙهين ، قداور ڪوپا ، وڏن ورن وارين سٿڻن وارا ، ڪنن ۾ ڪيوٽيون پاتل ، مٿن تي وڏا پَٽڪا ، اجرڪن جا سَندرا، دشمن جي لشڪر سامهون اچي بيٺا . ڀريل ڀڪڙيل ، وڏن وڏن شهپرن سان ، رعبائتا ، ڊولائتا، قداور، اڻموٺ ۽ اڏول دشمن جي دل ۾ دهڪو پيدا ٿي ويو. مڙسن جي حشمت ڏسي چنيسر پاڻ ڏڪي ويو . سندن بهادري جي ته پاڻ کي خبر هيس .پنهنجن کي ڏسي چنيسر جي دل ۾ اڇلون پيدا ٿي ويون. سوچڻ لڳو هي ڇا ٿو ڪيان ، پنهنجن مٿان پراوا ٿو ڪاهرايان ........ ٻڏتر ۾ پئجي ويو....... پر نه ......... اڄ چنيسر جي اکين تي انڌ جا کوپا چڙهيل هئا. سندس ضمير مئل هو . حڪومت جي لالچ جي نشي سندس سنڌ سنڌ چُور ڪري ڇڏيو هو . اڄ هو اکين ٻوٽ هو .
رِڻ گجيو راڙو ٿيو. دشمن جي اڍائي لک فوج چند هزارن مٿان ڪَڙڪي پئي . تراريون سَرڙجي ٻاهر نڪتيون ، ڀالن ڇڻڪار ڪئي ،تيرَ وسي پيا ، دانهون ۽ ڪوڪون ، رڙيون ۽ راڙو ، گهوڙن جي هڻڪار ، نغارن جي ڌُم ، ٽامڻي تپي وئي ، تلوار هلي ، رَت اُڙهو ۽ سنڌ جي سرسبز زمين سنڌ جي سپوتن جي رت سان رڱجي ريٽو ٿي پئي ڄڻ سنڌي سورمن سنڌ کي پنهنجي رت سان ريج ڏنو. اڄ ودنهه واهه پاڻي بدران رت سان وهڻ لڳو . مائرن ٿڃ بخشي ڇڏي . زالن سينڌ کي سندور مکيو .
لڙائي زور ورتو . ڪانَ ڪڙڪيا ، تراريون چمڪيون ڍالن ٺڪاءَ ڏنا . نيٺ وري به پنهنجن بيهي پنهنجن کي مارايو . چنيسر دشمن کي پنهنجن جي لڙائيءَ جو نقشو سمجهايو . سندن ڳُرَ وٺرائي وڌا.
روپاهه جا ڪونڌر ڪُسجي پيا . روپاهه جون چوٽيون ڊهي پيون . چنيسر پنهنجي ڀائٽي منگر سان گڏ پنهنجو پُٽ ننگر به مارائي وڌو. چنيسر جو ٻيو پُٽ شهزادو محمد ۽ سندس دوست ابل ابڙو ۽ هاسو واڻيو ٽَئي مارجي ويا . وڳهه ڪوٽ جا بازو ڊهي پيا . سومري گهراڻي ۾ سواءِ دودي جي ٻيو ڪو نه بچيو .
دودو ، سردار دودو ، مُني جيڏو مڙس ، قداور ڪوپو ، مٿير وڏن وڏن شهپرن سان ، بردبار ميمٽ ، شينهن وانگي گجندڙ ، ڪنن ۾ واليون ۽ وڏو پَٽڪو ڊگهو موڪرو پهراڻ وڏن پاچن سان جهولدار سٿڻ ۽ اجرڪ جو سندرو .
ببر وارو رعب ، هي دودو هو . جڏهن سندس آڏو ڳڀرن جا مٽي ۽ رت ۾ لٿڙيل لاش آندا ويا ته سندس وڏين بيپرواهه اکين ۾ پاڻي ڀرجي ويو . جوش ۽ ڏک کان سندس شهپر ڦڙڪڻ لڳا . گهوڙي تي لانگ ورائي دشمن مٿان وڏڦڙي وانگر وسي پيو . دشمن ۾ ڏهڪاءُ پئجي ويو . دانهن نڪري وئي ” دودو اچي ويو.”
اڄ دودو ، دودو هو . بهادري ، شجاعت ۽ حوصلي جو مجسمو ، سنڌڙي جو سپوت اصلي رنگ ۾ ، دشمن هٽي پيو . سنڌين يلغار ڪئي ، دشمن جا پير اُکڙي ويا . چنيسر ڏڪي ويو ، ترار سنڀالي هڪ چونڊ دستي سان پاڻ لهي پيو ۽ نيٺ دودي کي گهيري ۾ آڻي وڌائين . اڄ رت رت کي لڳي هئي . ڀائر هڪٻئي جي سامهون ٿيا. نظرون ڊهوبڊهه ٿيون ، دُرڙيون نڪري ويون . چنيسر اشارو ڏنو ڪانُ اڀو ٿيو ، ڪڙڪيو ۽ دودي جي ڪُک ۾ پِيهجي ويو . دودو گهوڙي تان آئٽي ڌرتي تي ڪري پيو ، ۽ ڀالن جو مينهن اوهيڙ ڪري وسي پيو ....................... روپا ڀيلجي ويو . سنڌڙي روئي پئي
رضوان علي جمالي ( ڇپيل پندرنهن روزه عبرت ميگزين 1 مئي 1988 )