نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
سينيئر رڪن
قسط پهرين
زندگي هڪ حقيقت آهي، جنهن کي سمجهڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه نه آهي، بلڪه اهو ضرور آهي ته سمورو دارو مدار اسان جي سوچن ۽ عملن توڙِي نيتن کان ويندي پنهنجي ڪردار تي هوندو آهي ته ڪهڙِي ريت اسين پنهنجي ضمير جي ترجماني ڪندي ڪيتري حد تائين رب العزت پاران عطا ڪيل انساني دماغ واري سرشتي، علم ۽ عقل توڙي پنهنجي صلاحيتن ۽ تجربن مان حاصل ٿيل ڄاڻ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بامقصد ۽ پنهنجي خامين ۽ ناڪامين سبب حاصل ٿيل نتيجن مان ڪيتري حد تائين انهن خامين کي خوبين ۽ ناڪامين کي ڪاميابي ۾ بدلائي سگهون ٿا۔ ڇاڪاڻ ته انسان کي ته شروع کان ئي خطا جو پتلو چيو وڃي ٿو پر ان سان گڏوگڏ انسان ئي اها مخلوق آهي جنهن کي خدا جي ذات 18 هزار مخلوق مان سڀ کان وڏي درجي واري مخلوق ڪري پيدا ڪيو۔
ان مان ظاهر آهي ته هن ڪائنات ۾ انسان ئي اها هستي آهي جيڪا جيڪڏهن زندگي جي ڪارگر قائدن موجب هلي ته ان کي سمورين تخليق مان سڀ کان وڏي مان ۽ مرتبي واري مخلوق چيو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪير زندگي جي طئي ڪيل فارمولي کان هٽي ڪري خدا جي پيدا ڪيل ڪائنات ۾ پنهنجي خدائي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي ڪائنات جي سڀ کان وڏي خطا واري مخلوق چيو وڃي ٿو۔