نثارناز
سينيئر رڪن
پنهنجي ڪتاب ڪنارن جا سڏ ۾ نامور سنڌي شاعر ايوب کوسو لکي ٿو ته مونکي اهو احساس آهي ته منهنجي نظمن جا چهرا رت سان ڀريل آهن منهنجي غزلن جو جو ويس ڳوٺاڻي لاهيارڻ جي پوتِي وانگر ميرو آهي ، منهنجي بيتن جي اکين ۾ ڪو
سرمون ڪونهي نه انهن جي چپن تي ڪا لالي لڳل آهي! منهنجي خيالن جي ڪنن ۾ سون جا جهومڪ نه پر ڪن ڦاڙ جوڳين وارا والا پيل آهين ! منهنجيون سموريون سٽون هارين جي هٿن جي ترين وانگي ڇالا ڇالا آهن! منهن...جا احساس مٽي جا هئڻ ڪري بس ميرا ئي آهن اُن ڪري انهن جي ڪنهن به ادبي مُلهه جي مون کي ڄاڻ ناهي بس، اها سُڌ آهي ته هڪ عشق آهي جيڪو پنهنجي لاءِ پاڻ آٿت آهي !وقت مان شاعريءَ لاءِ ڪجهه پل قلمبند ٿي وڃن ٿا .بس اها ئي هن شاعريءَ جي ننڍڙي حقيقت آهي. مون شاعري فقط ان ڪري ڪئي آهي جو آئون شاعريءَ جي اهميت کي رد ڪندڙ ماڻهن کي اهو ٻُڌائڻ ٿو چاهيان ته شاعري ڪڏهن به تقدس جي اجرڪ کي ناهي ڦاڙيو! اهو ٻُڌائڻ چاهيان ٿو ته ماڻهن کي بي لباس معاشي مسئلن ڪيو آهي ، شاعري جو ان بي لبساسي آڻڻ ۾ ٽڪي جو به هٿ ناهي ! ان ڪري شاعريءَ سان دشمني اجائي آهي ، شاعريءَ کي روح جي تحرڪ جو سڏ سمجهڻ وقت جي ضرورت آهي ! اهو به ٻُڌائيندو هلان ته عام طورنابين انسانن جي ڪلهن تي جڏهن به ڪي ماڻهو هٿ رکندا آهن ته هو پل ۾ انهن هٿن جي ڇُهاءُ مان اهو پرکي وٺندا آهن ته هي ڪهڙي واقف ڪار جو هٿ آهي ! ائين ئي شاعري جي هٿن ۾ به هڪڙو حُسن ۽ فن موجود آهي پر شاعريءَ جي وڏي ڇيڳرائي اها آهي ته هو احساسن جي جي نابينن جي ڪُلهن تي واقفيت جو احساس اُڀارڻ بجاءِ انهن کان لا تعلق ٿي وڃي ، ان سچ جي دل تي آڱريون ڦيريندي ۽ سيڪيندي آهي جن سچ جي دل ،حسن جي نرمي ۽ عشق جي گرميءَ سان ٽٻيل هوندي آهي! منهنجو يقين آهي ته جيستائين ڪو خيال پاڻ کي مارئي جي ڪفن جي مهڪ ۾ تبديل نٿو ڪري تيستائين ديس جي عشق جو سُر مارئي تخليق ئي نٿو ٿي سگهي! جيستائين ڪو خيال ڪنهن دراوڙ جي وهيل رت ۾ ٽٻي هڻي ان ۾ سمائجي ٻاهر نٿو نڪري تيستائين سنڌ جي غيرت جو ڀالو يا ڀُڻڪو ٿي نٿو سگهي، جيستائين ڪو خيال ڪنهن مزدور ميگهواڙِي جي وهيل پگهر جي ڦُڙي جي ذائقي کي دل جي زبان تي محسوس نٿو ڪري تيستائين ان خيال مان پنهوران جي پيرن جو پڙلاءُ پيدا ئي نٿو ٿي سگهي ! باقي محبوبائي ۾ ٻڏل سِٽن ۽ شاعريءَ جو جيسين واسطو آهي ته اُهي اڀرنديون ئي تڏهن آهن جڏهن ڪنهن مخمور ڪاڪُل جو نازڪ ڇُهاءُ ڳچيءَ تي يا ڳل تي گُل جي پنکڙي وانگي محسوس ڪبو آهي( ايوب کوسو ڪتاب ڪنارن جا سڏ پيج نمبر 8 ۽ 9) دوستو ايوب کوسي جي ڪتاب ڪنارن جا سڏ مان هڪڙو غزل مان به ڪينجهر جي ڪنول جي گل جي خوشبو جيان کڻي آيو آهيان جيئين توهان سميت ساري دنيا جا سنڌي دوست ان مان واس وٺي مهڪي پون هن غزل جي غريباڻي چترڪاري به ڪئي اٿم اميد ته پسند ايندو
غزل
ايوب کوسو
خوف ڀُلجي آجپي سان پيار ڪر
ڇڏ اُداسي حوصلي سان پيار ڪر
سنڌ چاهي ٿي گُلابي عاشقي،
تون بلاول روپلي سان پيار ڪر
چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري ؟
هاڻ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر
ڇڏ شرابن جي خُمارن جِي ثنا .
سانورائي جي نشي سان پيار ڪر
ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين؟
گهاگهري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر
تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ
تون وڃايل ماڻهپي سان پيار ڪر
ايوب کوسو
خوف ڀُلجي آجپي سان پيار ڪر
ڇڏ اُداسي حوصلي سان پيار ڪر
سنڌ چاهي ٿي گُلابي عاشقي،
تون بلاول روپلي سان پيار ڪر
چنڊ ناهي ڇا ٿيو اي دل چري ؟
هاڻ پنهنجي سوجهري سان پيار ڪر
ڇڏ شرابن جي خُمارن جِي ثنا .
سانورائي جي نشي سان پيار ڪر
ڇو ثقافت کي وساري ٿو ڇڏين؟
گهاگهري اجرڪ گهگهي سان پيار ڪر
تنهنجي نيڻن ۾ رهي تاريخ آ
تون وڃايل ماڻهپي سان پيار ڪر
