سنڌ سلامت جي محترم شاعرن سان هڪ شام ملهائڻ گهرجي۔
ادا سليمان وساڻ،رشيد سمون صاحب، سائين نثارناز،جناب نثار ابڙو صاحب، ادا رحيم بخش جمالي۔ڦلپوٽو فقير صاحب جن ۽ ٻيا محترم ميمبرس اسلام عليڪم۔ادا سائين محترم ذوالفقار بيهڻ جي شاعري پڙهي اسان کي بي انتها لطف آيو۔بيهڻ صاحب جن هڪ باشعور،نازڪ ۽ حساس دل جا مالڪ آهن۔انهن جي سوچ ۽ ذهن جي وسعت سان گڏ هنن جي مشاهدي واري اک تمام گهڻي گهري آهي،انهڪري هنن جي شاعري ۾ تمام گهڻي گهرائي آهي۔اسان جو هي اڱڻ ڏاڍو خوش قسمت آهي جٿي سٺن ڏاهن سان گڏ بهترين شاعرپڻ آهن مثال طور بيهڻ صاحب۔ادا نثار ناز صاحب۔ڪنهن حد تائين ادا سليمان وساڻ ،عاشق سولنگي ،ادي سنڌي نور ۽ ڪجهه ٻيا محترم جن جا نالا هن مهل اسان کي ياد نه ٿا اچن۔نه رڳو ميمبر آهن پر پنهنجي خوبصورت شاعري سان هن اڱڻ جي زينت ۾ اضافو ڪندا پيا اچن۔
اسان ايڊمن ۽ ٻين هن فورم جي ميمبرن کي گذارش ڪنداسين ته ڇو نه اسان هڪ شام پنهنجي انهن پيارن سان رهاڻ ۾ گذاريون،انهن شاعرن جي شاعري سامهون ٻڌي انهي کان لطف اندوز ٿيون ورنه شاعري جي باري ۾ رپورٽون پڙهي هاڻي اسان جي ايڏي تسلي نه ٿي ٿئي ۽ دل انهن سڀني محترمن کي سامهون ٻڌڻ لاء ضد ٿي ڪري۔ ڇا خيال آهي محترم ميمبرس ان باري ۾،تواهان اسان جي مٿين ڳالھ سان متفق آهيو يا نه۔
جواب: سنڌ سلامت جي محترم شاعرن سان هڪ شام ملهائڻ گهرجي۔
ادا صلاح تمام پياري آهي اسان ته آهيون دهل وڄائڻ وارا مطلب جي سنگت گڏي ٿي ته اسان در تي بيهي دهل به وڃائيندا سي ته سنگت کي ٿاڌل به پيئاريندا سي باقي شآعرن سان شام ڪيئن ملهائبي اهي ته وري اديب دوست ٻڌائيندا باقي اسان جي آڱر ته ڇا پر هٿ مٿي آهي ۽ ووٽ اوهان کي آهي ادا

سائين غلام مصطفى ميمڻ صاحب، توهان جو خيال ته زبردست آهي، بلڪل ائين ڪري سگهجي ٿو سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران بين السنڌ مشاعرو ڪوٺائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سنڌ سلامت جي شاعرن کان علاوه دوبدو گوڏي منجهه گوڏي سنڌ جي مايه ناز شاعرن کي به مدعو ڪري سگهجي ٿو، پر وري به ڳالهه ان تي ختم ٿيندي جو نثاراحمد ناز ٽنڊو محمد خان کان ايندو، بهڻ صاحب ڪراچيءَ کان ايندو ،ڀيڻ سنڌي نور صاحبه مورو کان ايندي، سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي صاحب بڪيرا ٽنڊو الهيار کان ايندو، الغرض سنڌ سلامت جي شاعرن کان علاوه سنڌ مشهور شاعر جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رهندا آهن انهن جو هڪڙي پڙ تي گڏ ٿيڻ ، انهن جي رهائيش ، انهن جي کاڌي پيتي جو بندوبست سڀ کان وڏي ڳالهه ته وينيو ۽ ميزباني لاءِ بجٽ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪڙو سواليه نشان بڻجي پوندو، ۽ سنڌ سلامت جو محبتي اڱڻ انهن شاعرن جي ڊزائن شاعري ، سافٽ شاعري ، ڪٿي ٿيل مشاعري جي رپورٽنگ تصويري واري صورت ۾ ته پنهنجي اڱڻ جي زينت بنائي سگهي ٿو پر هڪ پڙ تي في الحال گڏجي آمهون سامهون هڪ ٻئي کي ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ جي لائيو پوزيشن ۾ ناممڪن نه سهي پر ان لاءِ مشڪل ضرور آهي ان لاءِ چوندا آهن ته هزارون خاهشين ايسي ڪي هر خاهش پر دم نڪلي۔۔۔!!