مست
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم منهنجا پيارا دوستو!
مان توهانکي ٻُڌاءِ نه ٿو سگهان ته مونکي هيءُ فورم ڏسي ۽ اوهان سنڌي دوستن جي محنت، قرب ۽ سنڌي ٽاپڪس ڏسي ڪيڏي نه خوشي ٿي آهي، مان شايد جنهن شيءَ جي تلاش ۾ هئس اها اڄ مونکي ملي وئي آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي صورت ۾. سنڌ سلامت جا منتظم جس لهن جن بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي ايڏي بهترين فورم سابه سنڌيءَ ۾ ترتيب ڏني. مون کي خبر آهي ته هڪ فورم ٺاهڻ ان جي انسٽاليشن، اسڪرپٽ ۽ انهيءَ کان پوءِ ان جي ايڊورٽائزمينٽ ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هوندو آهي، ڇو ته مان هن مرحلي مان گذري چڪو آهيان. منهنجي حياتي جا ڇهه سال ٻن فورمز تي گذريا آهن پر اهي سنڌي فورمز نه هيون ۽ مان انهن ۾ مختلف ذميدارين سان ڪم ڪندو رهيو آهيان. پر سدائين دل ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته ڪاش اهڙي فورمز اسان سنڌين جي به هجي. مان پنهنجي ڪجهه سنڌي دوستن سان ڳالهه ڪئي فورم جوڙڻ جي ته انهن اهو چئي منهنجو حوصلو ٽوڙي ڇڏيو ته يار اسان وارا سنڌي ڇا ڄاڻ انهن فورمز مان، هڪ ته اهي نيٽ تي ويهن ئي ڪونه پر اهي نيٽ تي ويهندا ته رڳو ادڙين سان چيٽنگ پيا ڪندا، ڪجهه حد تائين ڳالهه صحيح به آهي.
مان پنهنجي طور تي سنڌي ويبسائٽس ٺاهڻ جي ڪوشش به ڪئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ تمام مٽيريل، ويب پيج ڊزائن ڪري به ڇڏيا پر ڪڏهن فنانس جي مسئلي جي ڪري دير ٿي ته ڪڏهن وري پڙهائيءَ جي ڪري ڪم نه ڪري سگهيس. پوءِ آهستي آهستي ان ڳالهه تان ارواح ئي کڄي ويو،
پر هن فورم سان منهنجي خواب کي نئين تعبير ملي آهي، انشاءَ الله هن فورم جي ذريعي اسان سنڌ جي عوام ۾ علم، ادب ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي باري ۾ جاڳرتا پيدا ڪنداسين. مان هن مقصد ۾ توهان جي لاءِ دعائون به ڪريان ٿو ۽ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين به ڏياريان ٿو.
مان توهان کي پنهنجو تعارف ته ڪرايو ئي ڪونه.
مونکي هتان جو هڪ وات پٽيل ميمبر رنجيت رام رکيو چڱي طرح سُڃاڻي. (اُن کي وات پٽيل ان ڪري چوندس ته ان ايتري سٺي ويب سائٽ جي باري ۾ مونکي اڳ ۾ ڇونه ٻُڌايو)
هن سان منهنجي دوست انٽرنيٽ تي 5 سالن کان وٺي آهي، جڏهن مان اڃان انٽرجو شاگرد هُئس هاڻي ته مان گريجوئيشن به ڪري ڇڏي آهي.
نالو اٿم اسد علي ميرجت
رهائش ڄامشورو جي ۽ اصل نوشهروفيروز ضلعي جي دربيلو ڳوٺ جو رهاڪو آهيان،
ٽيليڪميونيڪيشن ۾ سنڌ يونيورسٽي مان گريجوئيشن هن سال مڪمل ڪئي آهي،
باقي ڪمپيوٽر ۾ مان نيٽورڪنگ، هارڊويئر، ويب ڊزائن، ڪورل ڊرا، فوٽوشاپ، سنڌي ڪمپوزنگ ۽ ڊزائن جي ٿوري گهڻي ڄاڻ رکان ٿو اها اوهان دوستن سان ضرور شيئر ڪبي انشاءَ الله..
sindhsalamatsaathsal