گمان ۽ حقيقت۔۔۔

'مختلف موضوع' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2012۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ نئين خاتون پنهنجي ٻن ٻارن سوڌو اچي پنهنجو ذاتي گهر خريد ڪري سڪونت اختيار ڪئي۔۔ اها فيملي هڪ پڙهيل لکيل، ماڊرن، کليل خيالات جي مالڪ فيملي لڳي رهي هئي۔۔ شروع ۾ ته اسان کي ان جي ڪا ڳالهه عجيب نه لڳي پر آهستي آهستي محسوس ڪيوسين ته اها عورت ڪجهه الڳ ڪردار جي مالڪ آهي۔۔
    جڏهن به ان عورت جي گهر جي ٻاهران لنگهبو هو ته خوشبون اندر ۾ گهري ويندي هئي، اها عورت بيحد باريڪ لباس پائيندي هئي، ٻي وڏي ڳالهه ته ان عورت جا ٻار پنهنجي گهر ۾ رهندا ئي ڪونه هئا، سدائين ٻين پاڙي وارن جي گهرن ۾ پيا کيڏندا هئا، پوءِ جتي مانيءَ جو وقت ٿي ويندو هو، اتي ئي ماني کائيندا هئا، ماءُ کي شايد انهن جي ڪا فڪر نه هوندي هئي، ٻارن کي ٻاهر ڪڍي هو گهر جو تالو اندران ڏئي ڇڏيندي هئي۔۔۔
    سندس گهر هميشه گاڏين جي اچ وڃ هوندي هئي، ڪا هڪڙي گاڏي هجي ته ان جي نمبر پليٽ به ياد رکجي پر گاڏيون به الڳ قسمن جون ، انهن جا نمبر پليٽ ڪٿان ٿا ياد بيهن، اسان ته اهو ئي سوچيندا هئاسين جيڪو اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جو ماڻهو سوچيندو۔۔۔
    هڪ ڏينهن اها عورت گهران ٻاهر ڪنهن ڪم سان نڪتي ۽ گهر جي در تي بيهوش ٿي ڪري پئي، پاڙي وارن ان کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندو، جڏهن هوش ۾ آئي ته پريشان ٿي وئي ۽ گهر هلي وئي ۽ اندران در بند ڪري ڇڏيائين۔۔۔
    ٽي ڏينهن کان بعد خبر پئي ته ان عورت جو انتقال ٿي ويو۔۔۔ ان عورت جي انتقال جي بعد ئي اسان کي سندس گهر اچڻ وڃڻ وارن مان خبر پئي ته اها عورت اصل ۾ هئي ڇا۔۔۔۔

    ان عورت کي هڪ مخصوص قسم جو ڪينسر هو جنهن ڪري هو سنهڙا ڪپڙا (جيڪي ڳرا نه هجن) پائيندي هئي،، سندس بيماريءَ جي ڪري سندس جسم ۾ هر وقت بدبوءِ ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري اها عورت پنهنجي گهر ۾ خوشبو گهڻي هڻندي هئي۔۔۔
    پنهنجي ٻارن کان پنهنجو درد لڪائڻ لاءِ اها عورت پنهنجي ٻارن کي ڪڍي گهر ۾ اندران ڪڙو ڏئي درد جو سٽون پئي کائيندي ۽ تڪليف سبب روئندي هئي۔۔۔
    سندس گهر اچڻ وڃڻ واريون گاڏيون ٻئي ڪنهن جون نه پر سندس ئي مائٽن جون، قانوني صلاحڪارن، ڊاڪٽرن ۽ دوستن جون هيون۔۔۔۔۔۔
    (مشهور ناول نگار اشفاق احمد جي هڪ ڪتاب مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتل)​
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گمان ۽ حقيقت۔۔۔

    بلڪل ائين ٿيندو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان بغير سچ ڄاڻندي الائي ڇا پيا سوچيندا آهيون ۽ غلط قسم جا اندازا لڳائيندا آهيو ن۔۔۔۔

    اوهان جو بهترين ونڊ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: گمان ۽ حقيقت۔۔۔

    گمان، وهم، قياس يا شڪ سان هر شئي کي پرکڻ سان ڪافي نقصان ٿيندا آهن ۽ ماڻهون حقيقتن کان پري هليو ويندو آهي، انڪري هر ڀلي يا خراب ڳالهه کي پروڙي پڪ ڪجي ۽ پوءِ ان بابت ڪو فيصلو ڪجي ،،،،

    چيو ويندو آهي ته؛ ڪڏهن ڪڏهن اکين ڏٺي تي به يقين نه ڪجي ۽ ان جي به پڪ ڪجي

    ننڍڙو پر لاڀائتو ليک،

    تڏهن ته چوندا آهيون ته مست جي غير حاضري ائين لڳندي آهي ڄڻ ڪلاس ۾ پيرڊ ته لڳو هجي پر استاد نه آيو هجي

    جڙيا هجو شال
     
  4. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: گمان ۽ حقيقت۔۔۔

    ادا مست سائين اسلام عليڪم۔اهو شڪ،وهم ۽ گمان ئي آهي جيڪو ٻن ماڻهن ۾ نفاق جو سبب بنجندو آهي۔ان شڪ جي ڪري گهڻا پوتر رشتا به ختم ٿي ويندا آهن۔شڪ زال ۽ مڙس،ڀاء ۽ ڀيڻ۔والدين جي تعلقات کي ختم ڪندو آهي۔انسان جي فطرت ۾ اها شي هاڻي شامل ٿي ويئي آهي ته ڪنهن ڳالھ جي ٻه تصديق ڪرڻ جي بجاء ان ڳالھ کي پنهنجي گمان ۽ شڪ جي بنياد تي اڳتي ڦهليندو ٿو ورتي۔توهان جي ليک ۾ ٻڌايل نصحيت پنهنجي اندر تمام گهڻو وزن رکي ٿي۔الله پاڪ شل اسان کي ٻين تي شڪ ڪرڻ جي ڪيني عادت کان پنهنجي پناه ۾ رکي۔توهان جا لک لائق 
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: گمان ۽ حقيقت۔۔۔

    زبردست ونڊ آهي مست

    وهم ۾ ماڻهو ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو آهي

    الله پاڪ پنهنجي پناه ۾ رکي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو