مست
سينيئر رڪن
ڪجهه وقت اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ نئين خاتون پنهنجي ٻن ٻارن سوڌو اچي پنهنجو ذاتي گهر خريد ڪري سڪونت اختيار ڪئي۔۔ اها فيملي هڪ پڙهيل لکيل، ماڊرن، کليل خيالات جي مالڪ فيملي لڳي رهي هئي۔۔ شروع ۾ ته اسان کي ان جي ڪا ڳالهه عجيب نه لڳي پر آهستي آهستي محسوس ڪيوسين ته اها عورت ڪجهه الڳ ڪردار جي مالڪ آهي۔۔
جڏهن به ان عورت جي گهر جي ٻاهران لنگهبو هو ته خوشبون اندر ۾ گهري ويندي هئي، اها عورت بيحد باريڪ لباس پائيندي هئي، ٻي وڏي ڳالهه ته ان عورت جا ٻار پنهنجي گهر ۾ رهندا ئي ڪونه هئا، سدائين ٻين پاڙي وارن جي گهرن ۾ پيا کيڏندا هئا، پوءِ جتي مانيءَ جو وقت ٿي ويندو هو، اتي ئي ماني کائيندا هئا، ماءُ کي شايد انهن جي ڪا فڪر نه هوندي هئي، ٻارن کي ٻاهر ڪڍي هو گهر جو تالو اندران ڏئي ڇڏيندي هئي۔۔۔
سندس گهر هميشه گاڏين جي اچ وڃ هوندي هئي، ڪا هڪڙي گاڏي هجي ته ان جي نمبر پليٽ به ياد رکجي پر گاڏيون به الڳ قسمن جون ، انهن جا نمبر پليٽ ڪٿان ٿا ياد بيهن، اسان ته اهو ئي سوچيندا هئاسين جيڪو اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جو ماڻهو سوچيندو۔۔۔
هڪ ڏينهن اها عورت گهران ٻاهر ڪنهن ڪم سان نڪتي ۽ گهر جي در تي بيهوش ٿي ڪري پئي، پاڙي وارن ان کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندو، جڏهن هوش ۾ آئي ته پريشان ٿي وئي ۽ گهر هلي وئي ۽ اندران در بند ڪري ڇڏيائين۔۔۔
ٽي ڏينهن کان بعد خبر پئي ته ان عورت جو انتقال ٿي ويو۔۔۔ ان عورت جي انتقال جي بعد ئي اسان کي سندس گهر اچڻ وڃڻ وارن مان خبر پئي ته اها عورت اصل ۾ هئي ڇا۔۔۔۔
ان عورت کي هڪ مخصوص قسم جو ڪينسر هو جنهن ڪري هو سنهڙا ڪپڙا (جيڪي ڳرا نه هجن) پائيندي هئي،، سندس بيماريءَ جي ڪري سندس جسم ۾ هر وقت بدبوءِ ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري اها عورت پنهنجي گهر ۾ خوشبو گهڻي هڻندي هئي۔۔۔
پنهنجي ٻارن کان پنهنجو درد لڪائڻ لاءِ اها عورت پنهنجي ٻارن کي ڪڍي گهر ۾ اندران ڪڙو ڏئي درد جو سٽون پئي کائيندي ۽ تڪليف سبب روئندي هئي۔۔۔
سندس گهر اچڻ وڃڻ واريون گاڏيون ٻئي ڪنهن جون نه پر سندس ئي مائٽن جون، قانوني صلاحڪارن، ڊاڪٽرن ۽ دوستن جون هيون۔۔۔۔۔۔
(مشهور ناول نگار اشفاق احمد جي هڪ ڪتاب مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ورتل)