اڳواڻي ۽ جرئت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2012۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    هڪ مشهور چوڻي آهي ته جيڪڏهن ڪتن جي پوري ولر مٿان شينهن کي اڳواڻ ڪجي ته سڀ ڪتا شينهن وانگر وڙهندا، پر جيڪڏهن سو شينهن جو اڳواڻ هڪ ڪتي کي ڪجي ته سڀ شينهن ڪتي وانگر ئي وڙهندا۔۔۔۔
    مطلب ته اڳواڻيءَ جو وڏو اثر پوي ٿو، اسان جي ملڪ سان به اها ئي ويڌن آهي، اڳواڻ سدائين ميسڻا، ڊڄڻا ۽ ٻاهرئين پاليسين ۽ اشارن تي هلندڙ ملن ٿا جيڪي ڪو جرئت منداڻو قدم کڻي ملڪ جو ڀلو نه ٿا ڪري سگهن۔۔ حالانڪه هن ملڪ ۾ جيترا وسيلا آهن اهي دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ نه آهن، جبل، ميدان، ماٿريون، درياءَ، سمنڊ، ڍنڍون ۽ ڪوئلي، هيري، سون ۽ پلاٽينيم جون کاڻون، تيل ۽ گئس جا نه کٽندڙ ذخيرا، ڇا ڇا نه آهن هن ملڪ ۾ ؟؟ سڀ ڪجهه موجود آهي هتي، بس هڪ بهترين اڳواڻي ڪندڙ جي کوٽ آهي، انهيءَ ڪري ئي سدائين ٻين ملڪن جي اشارن تي هلندي پنهنجي انا، عزت ۽ آبرو جو تماشو ڪندا پيا اچون۔۔
    ڪنهن به ملڪ ۾ سڀ کان وڏي شئي آهي ان جي حدن جي حفاظت، اها ئي شئي اسان جي ملڪ جي اڳواڻن کان نه ٿي سگهي آهي ته ٻي ڪهڙي ڀلائي ڪندا۔۔؟؟ چوندا آهن ته ڪتو به پنهنجي حد جي حفاظت سٺي نموني ڪندو آهي، پر هتي ته جڏهن جنهن ملڪ کي وڻي اسان جي هن ملڪ مان پنهنجا جهاز گذاري يا آپريشن ڪري ماڻهو ماري يا کڻي وڃن، پنهنجي مرضيءَ سان ڊرون حملا ڪندا وتن۔۔
    مون کي هتي سعودي عرب جي شاهه فيصل جو قصو ياد ٿو اچي۔۔۔
    آڪٽوبر 1973 ۾ جڏهن شاهه فيصل اولهه جي ملڪن ڏانهن تيل جي فراهمي بند ڪري ڇڏي هئي ته پابندين جي ڌمڪين تي هڪ تاريخي جملو چيائين ته ”اسان جي وڏڙن کجين ۽ کير تي گذارو ڪيو هو، اسان به ايئن ئي ڪنداسين“ ان ڏينهن وري آمريڪا جو وزيرِ خارجه هنري ڪسنجر سندس کي ان فيصلي کان روڪڻ لاءِ سندس ملاقات لاءِ پهتو، ان پنهنجي سوانح حيات ۾ لکيو ته جڏهن مان شاهه فيصل سان ملاقات لاءِ ويس ته سندس سنجيدگي دور ڪرڻ لاءِ هڪ مزاحيه جملو چيم ته ”مهربان سائين! منهنجي جهاز جو فيول ختم ٿي ويو آهي مون کي ايترو ته تيل ڏيو جو مان واپس پنهنجي ملڪ پهچي سگهان، مان اوهان کي انٽرنيشنل قيمت مطابق پئسا ڏيندس۔۔ “ پر سندس چهري تي ڪا مسڪراهٽ نه آئي بلڪه ان ئي وقت هڪ جواب ڏئي ان مون کي لاجواب ڪري ڇڏيو ته ”مان هڪ پوڙهو ماڻهو آهيان، منهنجي آخري حسرت آهي ته مسجدِ اقصى (والاريل بيت المقدس) ۾ هڪ ڀيرو نماز پڙهان، ڇا اوهان منهنجي اها حسرت پوري ڪندا؟۔۔۔“
    هن ملڪ جي اڳواڻن منجهه بس هڪ ڀٽو ئي هو جنهن سڀني اولهه واسين سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو، ان کان بعد ۽ پهرين جيڪي به آيا اهي انهن اولهه واسين جا غلام ٿي رهيا ۔۔۔ اها جرئت اسان جي موجوده حڪمرانن ۾ پڪ سان نه آهي، تڏهن ته آمريڪا توڙي اولهه جي ننڍڙي ننڍڙي ڌمڪين تي پنهنجي همت هارائي انهن جي اڳيان غلام ٿي ويهي رهن ٿا۔۔۔ ادا نثار ابڙو جي ڳالهه وانگر شايد اسان کي پنهنجي طاقت جو احساس ناهي، ​
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڳواڻي ۽ جرئت

    لاجواب ليڪ آهي ادا

    حقيقت تي مبني ڳالهيوڻ آهن

    خدا ڪري ڪو اهڙو ليڊر پيدا ٿئي جو هن ملڪ جي قسمت سنواري

    باقي خبر ناهي ته ڪنهن جي اسان کي نظر لڳي وئي آهي

    لاجواب ونڊ آهي ادا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: اڳواڻي ۽ جرئت

    حقيقت تي مبني ڳالهيوڻ آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو