جواب: ڪراچي ۾ گڏه جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي ڀائو وسيم گڏهه جو گوشت ۽ حلال حرام اسان جي ديني ڪتابن ۾ وضاحت سان سمجهايل آهي ، باقي رهيو ڪراچي ۾ گڏهه جي گوشت جو سر عام وڪرو ته مٺا ڪراچي جا تيري ميري ڪرڻ وارا ماڻهو لوهه جا چڻا چٻائڻ ۽ چٻڻ جا ڪاريگر آهن گڏهه جو گوشت ته انهن گڏهه جي پُٽن کي کائڻ ۽ کارائڻ ۾ ڪو مسئلو ئي ڪونهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!1
جواب: ڪراچي ۾ گڏه جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي ادا وسيم لک شابشون هجن جو اهڙي خبر ڏئي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون اٿو ، الله تعالى جو فرمان آهي ته ” ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون. وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس. سورت التين ، ۽ اها اسفل السافلين جو هڪ ڏيک اوهان جي ونڊ ۾ نظر آئي ، ها ادا اهوئي اشرف المخلوق جڏهن شيطاني وصف ڌاري وٺندو آهي ته پوءِ هر حدون اورانگي ويندو آهي ، حلال حرام هن لاءِ ڪا به معنى نٿو رکي جيسيتائين ٻي ويڊيو جيڪا مڪمل هئي مختلف اهل سنت والجماعت جي عالمن وٽ اجماع آهي ته گهريلو گڏه حرام آهي ۽ فقه جعفريه سان تعلق رکندڙ جي هڪ علامه وٽ مڪروح بيان ٿيل آهي ۽ عرف عام ۾ هر عقل سليم رکندڙ ماڻهو گڏه جي گوشت کان فطري نفرت کائيندو آهي مطلب ته گڏه جي گوشت جي حرمت مسلم آهي ، الله تعالى اهڙن شيطاني صفت جيڪي حلال حرام ۾ فرق نٿا ڪن ۽ بي گناه انسانن کي حرام گوشت کارائيندڙن کان پنهنجي امان ۾ رکي ، هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته حضرت ابو حنيفه رح عليه کي خبر پئي ته هن جي علائقي مان ڪا بڪري چوري ٿي وئي آهي ، هن پڇا ڪئي ته بڪري جي عمومن گهڻي عمر هوندي آهي ، خبر پئي ته تقريبن 7 سال پوءِ ڇا ٿيو جو حضرت ابو حنيفه رح لڳ ڀڳ ستن سالن تائين بڪري جي گوشت نه کاڌائين مباده بازار ۾ وڪرو ٿي وئي هجي ۽ اهو گوشت هن وٽ پهچي وڃي ، پاڻ انصاف ڪريو جڏهن بازار ۾ اهڙي قسم جا ڪم عام جام هجن ته پوءِ ڪهڙي دل ڪندي جو بازار جو گوشت وٺي انسان کائي منهنجي دل اصل ئي ڪان ڪندي ، هوئين به مان بازار جي گوشت کان پاسيرو ئي رهيو آهيان ، الله سڀني جي حفاظت ڪري ۽ حرام خوراڪ کان پنهنجي امان ۾ رکي ، اکيون کوليندڙ مضمون آهي
جواب: ڪراچي ۾ گڏه جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي هونءَ ته اسانجي معاشري ۾ گڏه، گهوڙي يا وري ڪنهن به جانور جي گوشت کارائڻ يا کائڻ کان وڌيڪ خطرناڪ ڏوه ٿين ٿا، جن جي الله ۽ الله جي رسول ، سوئر جو گوشت سان تشبيح ڏني آهي يا وري سڳن ڀائرن جي گوشت کائڻ سان تشبيح ڏني آهي الله تعالا انسان کي انسان جي هٿان ٿيندڙ ناانصافين کان پنهنجي امان ۾ رکي ڪراچيءَ ۾ اهڙا ڪيترائي انڪشاف ٿيندا رهيا آهن، جن ۾ ڪتن، ٻلن، گڏهن ۽ مئل جانورن جو گوشت وڪرو ٿيو آهي الله پناه ۾ رکي ، آمين
جواب: ڪراچي ۾ گڏه جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي ڪراچي ۾ رهندي هاڻي هوٽلن ۽ پارٽين ۾ گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو آهي۔ سچل ڳوٺ ۾ پنهنجي پاڙيسري ڪاسائي کان گوشت وٺون يا وري مرغي تي ۽ دال ۽ ڀاڄين تي گذارو ڪيون۔ الله پناه ۾ رکي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
جواب: ڪراچي ۾ گڏه جو گوشت وڪرو ٿي رهيو آهي ڏاڍو ڀلو ٿا ڪريو وساڻ صاحب انسانن جي ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪجي ادا توهان اهڙي معلومات ونڊ ڪري اصل اکيون کولي ڇڏيون اهن سدائين گڏ