[JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو گُذريل 19 اپريل 2012 تي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ايوارڊن واري تقريب جي ڪوريج ڪندي سنڌ جي مهان راڳي، تمغه امتياز حاصل ڪندڙ خانصاحب استاد راڳي فتح علي خان جون ايوارڊ وٺندي ڪُجهه تصويرون ڪڍيون هيون ته استاد فتح علي خان ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ئي چيو ته سائين اهي تصويرون توهان ڪڍو پيا اسان کي ڪيئن ملنديون ۽ اسان ڪٿي ڏسي سگهون ٿا، ته مون کيس چيو ته سائين توهان سنڌ جا خانصاحب راڳي آهيو، حُڪم ڪريو ته توهان کي سنڌ سلامت پاران توهان جي ڪڍيل هي تصويرون ڪٿي پهچايون ۽ باقي توهان هي تصويرون دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت تي ڏسي سگهو ٿا ، پاڻ مونکان پنهنجو موبائل نمبر ورتائون ۽ مونکي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنائون ، آرٽس ڪائونسل ڪراچي واريون تصويرون ٻي ڏينهن پنهنجي شهر پهچندي ئي فيس بُڪ تي لڳائي ڇڏيون هُئم اتان کان ادا محمد سليمان وساڻ تصويرون لنڪ ذريعي سنڌ سلامت تي اکين ڏٺي پيرهائتي احوال سان لڳائي ڇڏيون ، ٻه ڏينهن پهرين مونکي خانصاحب استاد فتح علي خان موبائل ذريعي مون سان انهي خواهش جو اظهار ڪيو ته نثار سائين جيڪي تصويرون توهان ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ ايوارڊ وٺڻ واريون سندس ڪڍيون هيون اهي سندس رڪارڊ واسطي گهربل آهن ، مونکان سنڌ سلامت جي انهن تصويرن واري احوال جي لنڪ پڻ گهري، مون کيس لنڪ ڏني ۽ سندس تصويرون 7 مئي 2012 بروز سومر حيدرآباد ۾ سندس گهر لياقت ڪالوني ۾ پهچائڻ جو چيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته سومر جي ڏينهن هو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ سُر سنگيت جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي راڳ جي سکيا ڏيڻ ايندو تون جيڪڏهن اتي اهي تصويرون ڏئي وڃي ته ٿورا ٿيندا، پوري مُلڪ مان حسن ڪارڪردگي تمغه نشان ستاره امتياز ماڻيندڙ راڳي استاد فتح علي خان جون ايتري دير مون سان موبائل تي ڳالهائيڻ ئي منهنجي لا اعزاز هو سو مون مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ اچي استاد فتح علي خان کي سندس اهي تصويرون ضرور کيس ڏيڻ جي حامي ڀري ، سو ڪالهه سنڌ سلامت جي ٻن ساٿين اي جي فقير سمون ، امين سمون کي موبائل ڪال ذريعي نياپو ڏنم ته مان حيدرآباد اچان پيو ته جيئن استاد فتح علي خان کي سندس تصويرون پهچائڻيون ڪريون ۽ سنڌ سلامت جي خوبصورت سوکڙي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012ع کي خوشبو وانگر ڦهيلايون، ادا امين سمون ۽ اي جي فقير وارا تمام گهڻا خوش ٿيا سو ٽنڊو محمدخان کان تقريبن ڏينهن جو 12 وڳي حيدرآباد وڃڻ لا نڪتس سنڌ سلامت بيگ ۾ ضروري شيون سنڌ سلامت ڪئميرائون انهن جون بيٽريون انهن جا چارچر هڪڙي ڊائري هڪڙو سنڌيڪا پاران ڇپايل سنڌي ڪتاب تاريخ جا اڏيندڙ جيڪو اڄڪلهه منهنجي مطالعي هيٺ آهي اهو ڪتاب چند سفيد ڪاغذ ٻه بال پينون ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمدخان جي هفتيوار دستوري گڏجاڻين جي لا مستقل پينافلڪس جي بينر ٺاهرائڻ لافوٽو شاپ ۾ ٺاهيل سافٽ ڪاپي جي ميموري کڻي حيدرآباد وڃڻ لا نڪتس ته ماسات سڳوري رڙ ڪندي چيو ته جهونا ايڏي تيز گرمي ۾ ڪيڏانهن اُسهيو آهين ، جواب ڏنومانس ته ماسات تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي ، سو مونکي سنڌ سلامت جي عشق هن هيڏي ٺاڪ منجهند ۽ گرمي ۾ پنڌ ڪرايو آهي ۽ پرين جو پير لهڻ پيو وڃان، ماسات چوڻ لڳي جهونا ڏند ڀڳا پيا اٿئي، مٿي ۾ هڪڙو وار به ڪونه بچيو اٿئي ڌڻ ٻچن جو تنهنجي اڳيان پويان آهي اڃان وري ڪهڙا پرين ۽ انهن جا پير لهڻ پيو وڃين۔۔۔۔۔۔۔! چيومانس مولائڻ پرين جا لکين روپ آهن لازمي ڪونهي جو پرين ڪا مائِي هُجي، جو تنهنجي دل ۾ هورا کورا لڳي پئي آهي ٻيلي ڏاهي ٿي، منهنجا پرين منهنجي سنڌ ۾ رهندڙ سڀئي سنڌي آهن ، سڀئي سنڌي شاعر آهن ، سنڌ سان تعلق رکندڙ راڳي فنڪار ، استاد مزدور، شاگرد، ڊاڪٽر، انجينيئر ڀائر ۽ ڀينرون آهن انهن پرين پيارن کي منهنجي عشق جي آستاني سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جون محبتي ڳالهيون اورڻ ٿو وڃان ، چوڻ لڳي ميان تنهنجون ڳالهيون منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهن گرمي لڳي پئي آهي ڪٿي گرمي ۾ بيمار نه ٿي پئين بس اهو ٿي چوان چيومانس ته مولائڻ سنڌ سلامت جي عشق ۾ جيڪڏهن مونکي ڪجهه ٿي پيو ته گهوري جان جتن تان، کيسي جو خان ڏٺم ته اڃان تڪڙو هو سو ماسات سڳوري کان بغير ڪجهه گهرڻ جي سنڌ سلامت جو بيگ ڪُلهي ۾ لٽڪائي گهر جي ٻاهر وڃڻ واري دروازي تي پُڳس ته اوچتو ماسات سڳوري رڙ ڪئي ته ميان کيس ۾ ڪجهه اٿئي يا ائين ئي حيدرآباد اُسهيو آهين ، چيومانس مولائڻ اسان فقير کيسي کي ڪونه نيهاريندا آهيون کڻي ڪٿي ڦاتاسين ته گونگا يا ٻوڙا ٿي بس جي ڪنڊيڪٽر کان جان ڇڏائيندا آهيون چوڻ لڳي ٿورو بيهي ۽ پنهنجي پوتي جي پلاند مان پنج سئو جو نوٽ کولي مونکي ڏنائين ۽ سختي سان چيائين ته هن پنج سئو روپين مان جيتري ضرورت هُجيئي اهي ختم ڪري باقي سڀ جا سڀ روپيا مونکي شرافت سان ٻُڌين ٿو آڻي ڏجائين ، واهه واهه مولائڻ اڄ ته سخي حاتم طائڻي ٿي پئي آهين ٻيو۔۔۔۔۔۔۔ چڱو چڱو هاڻي خير سان حيدرآباد وڃ ۽ خير سان واپس موٽي اچ، مان سندس هٿن مان پنج سئو جو نوٽ وٺي سڌو تين بتي چار راسته چوڪ ٽنڊو محمدخان آيس اتان بس اسٽاپ ايوبيه وڃڻ واري چُنگ چي ۾ ويٺس چنگ چي جو ڪرايو تين بتي چار راسته چوڪ بس اسٽاپ تائين صرف پاڪستاني ڏهه روپيه سڪه رائج الوقت آهي ، چنگ چي ۾ ٻه پيسينجر بس اسٽاپ واسطي ٻيا به ويٺا هُئا سو منهنجي ويهڻ شرط چنگ چي ڊرائيور سٺ تي اسپيڊ رکي ۽ پورن 10 منٽن ۾ اچي حيدرآباد وڃڻ واري بس اسٽاپ پهچايو، واهه واهه 10 روپيا چنگ چي جو ڪرايو 10 منٽن ۾ پورو وڏو نعرو لڳايم، چنگ چي جو ڊرائيور ۽ ٻئي ويٺل پيسينجر منهنجي انهي نعري تي کلڻ لڳا۔۔۔۔حيدرآباد وڃڻ واري ڪوسٽر تيار بيٺي هُئي آئون جيئن ئي انهي ڪوسٽر ۾ ويٺس ته ڪوسٽر جي ڪلينر ڊبل اي استاد چئي ڪوسٽر جي دروازي واري لوهي پتري تي ٽي دفعا هٿ سان ٺُڪ ٺُڪ جو سنگنل ڏنو، ان کانپوهڪ ڪلاڪ جي اندر آئون حيدرآباد جي محمدي چوڪ جنهن کي هاڻي لطيف آباد موڙ چيو ويندو آهي تي پهتس ڪوسٽرمان لهي اي جي فقير سمون سان موبائل فون تي ڪانٽيڪٽ ڪيم ته ان چيو ته توهان لطيف آباد نمبر چار امين سمون جي رهائشگاهه تي پهچو ان کانپو حيدرآباد جي حيدر چوڪ مان استاد فتح علي خان جون تصويرون هارڊ ڪاپي جي صورت ۾ فوٽو ليبارٽرين مان ڪڍرائي پو مهراڻ آرٽس ڪائونسل هلنداسين ۽ حيدر چوڪ ۾ الشريف برياني ڏينهن جي ماني طور کائينداسين۔ سي اين جي رڪشائن جي قطار محمدي چوڪ تي بيٺل هُئي چار پنج سي اين جي رڪشا ڊرائيور مون ڏانهن ڊوڙيا ۽ چوڻ لڳا صاحب ڪهان جانا هي مون چيوته يار مونکي جانا نهين هي پر لطيف چار نمبر وڃڻو آهي اردو ڳالهائڻ وارا رڪشا ڊرائيور جيسين منهنجي سنڌي سمجهن تيسين هڪڙي سنڌي رڪشا ڊرائيور چيو ته سائين هلون مان ٿو توهان کي لطيف آباد نمبر چار پهچايان مان بغير ڪرائي جي ڳالهائڻ جي ڪٿ ڪرڻ جي ٽُپ ڏيئي انهي سنڌي رڪشا ڊرائيور جي رڪشي ۾ وڃي ويٺس رڪشا ڊرائيور رڪشو اسٽارٽ ڪري آٽوڀاڻ روڊ حيدرآباد کان لطيف وڃڻ لا هلڻ لڳو، جيئن ته ڏينهن جو هڪ وڳي چُڪو هُو حيدرآباد شهر گرمي سبب تپيو پي گرم لُڪ رڪشا جي کاٻي ساڄي کان مونکي لڳي رهي هُئي ، رڪشا ڊرائيور کي چيم ته ادا ڪيترو ڀاڙو وٺندين چوڻ لڳو سائين جيڪو مناسب لڳي اهو ڏئي ڇڏجو ،مون کيس چيو ته ادا جيڪو واجب ڀاڙو لطيف آباد چار نمبر جي لڳي وٺي ڇڏجان، تقريبن اڌ ڪلاڪ جي اندر لطيف آباد چار نمبر امين سمون جي جا تي پهچي ويس کيسي مان هڪ سئو روپيه ڪڍي رڪشا ڊرائيور کي ڀاڙي جا ڏنم ته رڪشا ڊرائيور مونکي ان مان ويهه روپيه واپس ورائي ڏنا ۔ امين سمون ۽ اي جي فقير سمون منهنجا منتظر هُئا۔ ٻنهي دوستن منهنجو آڌرڀا ڪيو ان وقت ڏينهن جي تقريبن 3 ٿي رهيا هُئا سو اي جي فقير سمون کي چيم ته ادا هاڻي پاڻ حيدر چوڪ هلنداسين ادا امين سمون وٽ منهنجي سنڌ سلامت جا ڪجهه ڪيلينڊر پيل هُئا سي کيس چيم ته کڻي اچي امين سمون اهي ڪيلينڊر کڻي آيو اي جي فقير سمون پنهنجي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪئي اسان ان موٽر سائيڪل تي ٽيلهه سوار ٿي حيدر چوڪ تي آياسين اتي استاد فتح علي خان جي تصويرن واري ميموري سنڌ سلامت جي بيگ مان ڪڍي فوٽو ليبارٽري واري دوڪان تي آياسين اهي فوٽو پندرهن منٽن ۾ پرنٽ آئوٽ ٿي ويا تصويرون کڻي نڪتاسين ته رابعه اسڪوائر جي هيٺان بيٺل ڪتابن جي گاڏي تي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سيڪريٽري محترم امين لاکو بيٺل نظر آيو ان سان دعا سلام ٿي ۽ کيس چيم ته سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 نه ڏنم ته ائين سمجهندس ته ڪنهن کي به اهو ڪيلينڊر ڪونه ڏنم منهنجي انهي ڳالهه تي اي جي فقير سمون ۽ امين سمون ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا، اي جي فقير سمون کي چيم ته سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏيڻ واري تصوير ضرور رڪارڊ واسطي ڪڍي اي جي فقير سمون اتي ئي رابعه اسڪوائر جي سامهون روڊ تي امين لاکو کي سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2012 جوڪيلينڊر ڏيڻ جو ٻه ٽي تصويرون ڪڍي ورتيون ايتري ۾ امين لاکو اتي روڊ تي ئي چانهه گهرائي ورتي جيڪا پي اسان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو پينا فليڪس بينر ٺاهرائڻ لا علي پينا فليڪس حيدرچوڪ پهتاسين اتي فوٽ شاپ ۾ ٺاهيل بينر جي سافٽ ڪاپي جمع ڪرائي اتان هنن چيو ته شام جو 7 وڳي اهو بينر ملندو هاڻي تقريبن شام جا چار ٿي رهيا هُئا اسان جو هاڻي رُخ لطيف آباد پوڻا ست نمبر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد هو استاد فتح علي خان کي موبائل ڪال ڪري چيم ته اسان تقريبن 10 منٽن ۾ پهچڻ وارا آهيون استاد فتح علي خان چيو ته اسان توهان جا منتظر آهيون ڏهن منٽن ۾ اسان مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ پهچي وياسين اتي استاد فتح علي خان پنهنجي ساٿين سميت اسان جو منتظر هو دعا سلام کانپو استاد فتح علي خان پنهنجي سر سنگيت جي ڪلاسن ۾ وٺي آيو توهان کي سُڌ هُجي ته سر سنگيت جي هن اسڪول جو استاد فتح علي خان پرنسپال آهي اتي استاد فتح علي خان پنهنجي شاگردياڻين جي ڪلاس ۾ وٺي آيو اتي استاد فتح علي خان کين سُر سنگيت جو درس ڏنو جنهن جي ڪوريج جي اسان باقائده استاد فتح علي خان کان اجازت ورتي جيڪا هُن ڏئي ڇڏي سنڌ سلامت واسطي ان ڪلاس جون ڪجهه تصويرون ورتم تقريبن اڌڪلاڪ استاد فتح علي خان ان ڪلاس ۾ پنهنجي شاگردياڻين کي سُر سنگيت جو درس ڏيندو رهيو ان کانپومختلف ڪلاسن جي وزٽ ڪندا وياسين جن ۾ ڪي شاگرد باجو وڃائيڻ سکي رهيا هُئا ڪي شاگرد ڍولڪ وڄائڻ سکي رهيا هُئا ڪجهه شاگرد طبلو وڄائڻ سکي رهيا هُئا ڪي وري بينجو ته ڪي وري شهنايون وڄائڻ سکي رهيا هُئا مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ استاد فتح علي خان جي اڳواڻي ۾ گورنمنٽ آف سنڌ جي سرپرستي ۾ هي سُر سنگيت جو اسڪول هلي رهيو آهي هن سُر سنگيت اسڪول ۾ سوين شاگرد ۽ شاگردياڻيون راڳ کان وٺي انسٽرومينٽل سازن جي سکيا وٺي رهيا آهن ، سنڌ سلامت پاران هر ڪلاس جون تصويرون ۽ وڊيو ڪوريج ڪئي وئي آخر ۾ استاد فتح علي خان جڏهن واندو ٿي پنهنجي آفيس ۾ آيو ته مون کيس سندس تصويرون جيڪي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ کيس ايوارڊ وٺندي ڪڍيون هيون سي ڏنيون استاد اهي تصويرون ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو، ان کانپو استاد فتح علي کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏنم پاڻ سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏسي دعا ڪيائين ته سنڌ سدائين سلامت رهڻي آهي ۽ سدائين رهندي، اتي ئي سنڌ مشهور فنڪار مرحوم وحيد علي جو فرزند اقرار وحيد علي آيل هو مون مناسب موقعو ڄاڻي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر اقرار وحيد علي کي به ڏنو ۽ رڪارڊ واسطي اي جي فقير سمون تصويرون ڪڍندو ويو ۔ اهڙي ريت تقريب ستين وڳي اسان استاد فتح علي خان کان موڪلائي واپس ورياسين [/JUSTIFY] هاڻي پيش آهي انهي ساري ڪارگُذاري جو تصويري احوال
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد استاد فتح علي خان کي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ مليل ايوارڊ واري تصوير جيڪا سنڌ سلامت پاران ڪوريج ڪندي مون ڪڍي هُئي سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري امين لاکو کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر ڏئي رهيو آهيان استاد فتح علي خان سنڌ سلامت جي ٽيم کي مهراڻ آرٽس ڪائونسل جي در تي ويلڪم ڪيو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد جي سُر سنگيت اسڪول ۾ هڪڙو استاد شهنائي وڄائڻ جي ٽريننگ پنهنجي شاگردن کي ڏئي رهيو آهي استاد فتح علي خان پنهنجي شاگردن کي ساري گاما پاڌا ني سا جي ٽريننگ ڏئي رهيو آهي
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد سنڌ سلامت جا ڪيلينڊر سن جي اهم ماڻهن تائين پهچائڻ تي خوشي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔ اوهان جو ڪم سدائين نرالو ۽ سنڌ سلامت جي مشهوريء لاء هوندو آهي۔ اوهان جي سخت محنت ڏسي دعا ڪندو آهيان ته اوهان سدا خوش هجو ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهو۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد مهرباني ادا محمد سليمان وساڻ جو توهان مونکي بي لوث دعائون ڏنيون سنڌ سلامت اسان سڀني سنڌي دوستن جي مشترڪا جدوجهد جو ثمر آهي سنڌ سلامت لا هر سنڌ سلامت جي دوست پنهنجون بهترين ڪاوشون سرانجام ڏنيون آهن نثارناز ته سنڌ سلامت جي دوستن جو گولو ۽ غلام آهي نثارناز کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ سُڃاڻپ ڏني آهي جيستائين سسئي ۾ ساهه آهي سنڌ سلامت سان نينهن جو ناتو نڀائبو رهبو، هي ڪجهه تصويرون اڃان رهن ٿيون جيڪي ونڊ ڪريان پيو۔ سنڌ جي نياڻين کي استاد فتح علي خان سُر سنگيت جو سبق ڏئي رهيو آهي۔ مهان راڳي استاد فتح علي خان کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏنو پيو وڃي سنڌ جي ڀلوڙ راڳي مرحوم وحيد علي جو نوجوان راڳي فرزند اقرار وحيد علي کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏنو پيو وڃي نامور سنڌي راڳي منظور سخيراڻي جي ڀاڻيجي کي سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012 ڏنو ويو
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد ادا نثار ناز اسلام عليڪم۔هن محبتي اڳڻ لاء اوهانجون محنتون نه ساهرائڻ توهان سان نه پر فورم سان زيادتي هوندي۔شاباس آهي اوهان کي جو پنهنجي مصروفيت جي باوجود به جڏهن توهان کي هن فورم جي ڄاڻ ڏيڻ جو موقعو ملي ٿو ته اوهان لبيڪ چئي هڪدم نڪري پئو ٿا۔توهان جهڙن هڏ ڏوکي ۽ محنتي ميمبرن جي ڪري هن اڳڻ ترقي جي آڪاش تي تمام گهڻيون منزلون پار ڪيون آهن۔توهان جون مهربانيون۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد تمام خوشي ٿي رھي آھي سائين نثار صاحب جون ھي ڪاوشون ڏسي۔ سچ پڇو ته سائين نثار صاحب جس لھڻي جو سنڌ سلامت جي لا اھڙي نازڪ دور ۾ ھن آرام ڪرڻ واري وھي ۾ به ايتري جفا ڪشي ٿا ڪن۔۔ باقي افسوس صرف ان ڳالھ جو آھي ته حيدرآباد تائين به اچي ڪري لطيف سرڪار جي مزار تي حاضري نه ڀريائون۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد ادا غلام مصطفى ميمڻ صاحبه تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي خوشبوءَ کي جيترو ججهو ڦهلائبو اوترو زياده منهنجي ۽ تنهنجي جيجل سنڌ مهڪندي ۽ سنڌ جو هر ڪو پُٽ چاهيندو ته سنڌ سدائين مهڪندي رهي ۽ سنڌ سدائين سلامت هُجي، سنڌ سلامت جي آواز کي گهٽي گهٽي نگر نگر پهچائڻ اسان سڀني سنڌي دوستن جو فرض آهي لک لائق جو اسان جي غريباڻي ڪاوش توهان کي پسند آئي۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد ادا واحد سومرا آف ڀٽ شاهه توهان سڪ سان سڏيو ڪٿي آهي جو اسان لطيف سرڪار جي آڳر تي پهتا نه آهيون هڪ ڀيرو سڪ مان سڏي ته ڏس نثارناز مرشد سائين لطيف جي آسڻ ۾ محبتون حاصل ڪرڻ ضرور پهچي ويندو۔ مهربانيون جو توهان اسان جي حوصلا افزائي ڪئي۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد جهونا سائين توهان کي لک لک مبارڪون هجن جو توهان جهڙا جوڌا اسان کي سنڌ سلامت فورم تي ڪونه ملندا جيڪي توهان جهڙي محنت ڪن۔
جواب: سنڌ سلامت جو ڪيلينڊر 2012ع ۽ سنڌ جي خوبصورت شامن جو شهر حيدرآباد ادا نوجوان معظم علي خير مُبارڪون مٺا، بلڪل ملندا ۽ ضرور ملندا سنڌي جوڌا محترم معظم علي جي روپ ۾ ، محترم عبدالواحد سومرو جي روپ ۾، سائين غلام مصطفى ميمڻ جي روپ ۾ توهان جا حوصلا اسان لاءِ مشعل راهه آهن لک ٿورا مٺي ڀاءُ معظم علي صاحب جا۔ اسان اولاد سنڌڙِي جا ، سدائين سر بُلند آهيون سپر سينا ڪري سنڌ لئه ، ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون ڪيو سِر ساهه جن صدقو، امڙ جيجل مِٺِيءَ سنڌ تان دليرن تن دُلارن جا سدا احسان مند آهيون دِروهين لئه اسان ٽانڊا ۽ پنهنجن لئه ٿڌيون هيرون ڪريون ڪاوڙ ته رُڪ آهيون، جي مُرڪون ٿا سُڳند آهيون قسم آزاد قومن جو، جياپو ٿا رُڳو چاهيون وڏي ويڙهاند ويرِيءَ سان ڪرڻ نڪتا ته پنڌ آهيون بڻِي ٻيجل ٻُرايون ٿا، هڻي اڄ سَينَ سِرِڙَنِ جِي تَپي سنڌ لئه ڏياچو جا تِکِي هاڻي سا تند آهيون لکايون خُون پنهنجي سان چِٽو نروار سنڌ نالو ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون اسان لاڙِي ۽ اُترادِي ٿَرِي ڪاڇِي سنڌِي سُهڻا، نرالي نينهن جا مالڪ ها، سائين جو سوڳند آهيون اسين ڪارا اسين ڪوجها ، رهون ٿا “ناز” جِي دل ۾ شُڪر مولا بَجا لاهيون، جو پِرِيَنِ کي پسند آهيون