• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

توسان وڙهبو

توسان وڙهبو وڙهبو وار ڪري
بارود ڀري ڌڌڪار ڪري
دوکي ساڻ ٿو قتل ڪرين
منهنجا دودا جوڌا ڌار ڪر
تو سان وڙهبو وڙهبو وار ڪري
تون دشمن سنڌ جو ٿي پيو آهين
تون پاپ ڪرين ٿو پيار ڪري
تو سان وڙهبو ورهبو وار ڪري
سنڌي سلوڻي ڪين ٿو ڄاڻي
ٿي تنهنجي پڄاڻي پار ڪري
تو سان وڙهبو ورهبو وار ڪري
خون کستوري ٿيندا آهن
جو مارين ذوري چوري چار ڪري
تو سان وڙهبو ورهبو وار ڪري
ٿو مارين کارين منهنجي سنڌ
ٿو توکي سڀ ڦٽڪار ڪري
تو سان وڙهبو ورهبو وار ڪري
 
Back
Top