[JUSTIFY]دوستو سلام سنڌي شاعريء ۾ اسان جي ڊاڪٽر شاعرن جو به وڏو ڪردار رهيو آهي۔ انهن نه صرف شاعري ڪئي آهي پر ان سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن۔ اهڙن شاعرن مان ٽن وڏن شاعرن جو ذڪر ضرور ڪندس جيڪي ڊاڪٽري جهڙي اهم ۽ مصروف پيشي جي باوجود بهترين شاعر هجڻ سان گڏ سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري پڻ رهيا آهن، اهي آهن ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل۔ ڏاڏل جي نصيحتن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوء به ذوالفقار سيال جي هن شاعريء لاء اهڙي عڪس جي ضرورت هئي جيڪا شاعريء سان گڏ ڊزائن جي به سونهن وڌائي۔[/JUSTIFY] شاعري : ذوالفقار سيال ناسي نيڻن وارا ماڻهو، ڳاڙهن ڳلڙن وارا ماڻهو جيءُ اسان جو جهوري ويا هن، ڪيڏا پيارا پيارا ماڻهو وار کليا، گهنگهور گهٽا، ڄڻ چوڌاري ڪا وکري وئي ريشم جهڙا، سرها سرها، ڪارن وارن وارا ماڻهو چپ جي بيهن، ڌرتيءَ جي سيني مان طوفان اُٿي ڪو مرڪن جي پوءِ مکڙيون مهڪن، جاني جيءَ جيارا ماڻهو سامهون ويهن، نيڻن ۾ پوءِ پيار اسان جو ڇلڪي ٿو شام جيان معصوم نماڻا، صبح جيان ٻاجهارا ماڻهو پيار ۽ سونهن جو نالو تيسين هن دنيا ۾ قائم رهندو جيسين هوندا “ذلف” اسان جي سهڻي ساجن پارا ماڻهو