• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عڪس

سنڌي نور

سينيئر رڪن
ٌٌ

هڪ خوبصورت عڪس
نه سمجھيم
ته ڪنهن جو آهي
ڪنهن لاء آيل آهي
شايد منهنجو ئي هجي ؟
پر مان خوبصورت
ته نه آهيان
گھڻو غور ڪيم
عڪس ۾ به
عيب ڏٺم سوچيم
ته تخليق ڪرڻ واري کي
اگر نامڪمل ئي بنائڻو هو
ته هن جو وجود ڇو تخليق
ڪيو ،،،،،،،
شايد ٺاهڻ واري ان
۾ به ڪي ڳجھا راز
رکيا هجن،،،،
جيڪي اسان نه سمجھڻ وارن
لاءِ جو سبق ڏيندا هجن.....۔!!

سنڌي نور(موج)
 
جواب: عڪس

پر ادڙي عڪس ڪٿي آهي جيڪو اوهانکي نظر آيو، خئير هڪ ڳالهه اوهانکي ٻڌائيندو هلان ته فطرت ۽ قدرت جا سڀ ڪم پورا ۽ توريل تڪيل هوندا آهن، پر انساني ڇهاءُ سا ڪيل ڪيترا ڪم ڪسيل ۽ ڪوجها هوندا آهن، آءُ جڏهن به ڪا ڪائنات ۾ بدصورتي ڏسندو آهيان ته پڪ سان انسان جي ڪارستاني سمجهندو آهيان

هڪ ماڻهون حجم وٽ ويو، وار ٺهرائڻ، حسب عادت حجم پنهنجا احوال شروع ڪيا، چي، يار ماڻهون اجايو الله الله ٿا ڪن، الله ڪٿي آهي، مونکي ته ڪٿي نظر نٿو اچي، هي بيمار ۽ بکايل ماڻهون، هي ڏکايل ۽ ڏٻرا ماڻهون، هي عجيب ڏک ۽ سور ڏسي اهو اندازو لڳائجي ٿو ته الله جو ڪو وجود ئي ناهي،

وارن لهرائڻ وارو ڪو صفا مون جهڙو ماٺيڻو ماڻهون سو ويٺي حجم جون ڳالهيون ٻڌائين، وار لهرائڻ کانپوءِ پئسا ڏئي دڪان کان ٻاهر نڪتو ته کيس هڪ فقير نظر آيو، جنهن جا وار بڇڙا ۽ وڌيل، ڏاڙهي ۽ مڇون جو اصل وال کان به وڏيون، مطلب ته اصل ماڻهون گهٽ وار ئي وار ٿي لڳو،

اهو همراهه موٽي حجم وٽ آيو ۽ کيس چيائين ته هن دنيا ۾ ڪنهن به حجم جو ڪو به وجود ناهي، حجم وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ادا چريو ته نه ٿيو آهين، آءُ جو تو سان گڏ آهيان ۽ هاڻ هاڻ تنهنجا وار ٺاهيا اٿم، تون اهو ڪيئن ٿو چوين ته حجم جو ڪو وجود ناهي

همراه چيو هو فقير ڏس، وار، ڏاڙهي ۽ مڇون اصل وال کان به وڏا، بي ڍنگا ۽ بڇڙا، جي حجم جو وجود هجي ها ته ائين سندس حالت اهڙي نه هجي ها

حجم چيو يار صفا ڪا ڪل ٿڙي اٿئي، اهو فقير جي ڪنهن حجم وٽ ويندو ئي نه ته سندس حالت ڪيئن سڌرندي ۽ وار ڪيئن ٺيڪ ٿيندا، ان فقير کي ڪنهن حجم وٽ وڃڻو پوندو

همراهه جواب ڏنو ته بيشڪ، ساڳئي طرح اسانکي به پنهنجي پالڻهار ڏانهن رجوع ڪرڻو پوندو، انجي رستي تي هلڻو پوندو، الله جا مقرر اصول اپنائڻا پوندا ته پوءِ هن ڪائنات مان ڪوجهائپ ۽ بڇڙائي ختم ٿيندي، جي ڪو ماڻهون الله ۽ خلقڻهار ڏانهن رجوع ئي نه ڪندو ته حالت ڪيئن سڌرندي؟

سو منهنجي ڀيڻ ويٺي هن ڪائنات جا رنگ ڏس

عمل سان ٺهي ٿي جنت به دوزخ به، ڪي عڪس پورا ٿين ٿا ته ڪي اڌورا نظر اچن ٿا ته ڪي مورڳو بڇڙا ۽ ڀيانڪ ٿين ٿا

الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن

خئير اوهان هي محمد جمن جي وائي ٻڌو ۽ چئو سبحان الله

 
Back
Top