جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]ڊاڪٽر بشير احمد شاد صاحب جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪنهن کان به لڪل ناهي۔ رضوان گُل ۽ احسان دانش، سائين بشير احمد شاد صاحب جا فرزند آهن۔ مون سندس ڪالم، مضمون ، مقالا، ترجما ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب پڙهيا آهن۔ ڪالهه ٽماهي مهراڻ 1985ع جي ڊسمبر واري شماري کي پڙهندي شاد صاحب جو هي بهترين غزل پڙهڻ لاء مليو، جيڪو سڀني سان ونڊ ڪجي ٿو۔ [/JUSTIFY]


    غزل : بشير احمد شاد

    جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين
    اهي يار رهندا ڪرمَ ڪيستائين

    خدا ڏوهه انسان جا بخشي ڇڏيندو
    قطاريندين انسان جُرمَ ڪيستائين

    زماني جون نظرون بلاخيز آهن
    محبت جا رهندا ڀرمَ ڪيستائين

    جوانيءَ تي نازان نه ٿيءُ حُسن وارا
    اهي زلف ۾ رهندا خمَ ڪيستائين

    اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪي اڀريو
    سدا رهندا رنج و الم ڪيستائين

    سردار منصور چڙهندا ئي رهندا
    ڀلا تون ڪندين سر قلم ڪيستائين

    نه دارا سڪندر رهيو ڪو دنيا ۾
    اهي رهندا جاه و حشم ڪيستائين

    ڇڏي مال دولت کي نيڪي ڪمايو
    خبر ناهي آدمَ جا دَمَ ڪيستائين

    اجهو “ شاد ” چاهت سندو چنگ چوريو
    مٺا مور ٿيندا ستم ڪيستائين

    [​IMG]

    ٽِماهي مهراڻ جي 1985 واري شماري تان ورتل
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    سنڌ جي سهڻي شاعر ” بشير احمد شاد“ جو سهڻو غزل

    ڇڏي مال دولت کي نيڪي ڪمايو
    خبر ناهي آدمَ جا دَمَ ڪيستائين

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا، اوهان جي قربائتن هٿن جي چترڪاري ۽ پيشڪش، اسانجا ڀاڳ ڀلا
     
  3. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    واه ادا سليمان بهترين ونڊ
    خدا ڏوهه انسان جا بخشي ڇڏيندو
    قطاريندين انسان جُرمَ ڪيستائين
    بهترين سٽون
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    سائين نثار لک مهربانيون

    هن دفعي ڏاڏل جي فرمائش کي به نظر ۾ رکيو آهي۔
     
  5. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    واه واه پيارا اوهان جي جاکوڙ کي جس هجي جو ايتري پراڻي مهراڻ جي پرچي تان هي غزل کڻي ڊزائن ڪري ونڊ ڪيو اٿوَ۔
    نهايت ئي سهڻي ڊزائن ۽ اوهان جون محبتون۔​
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    خوبصورت شاعري ونڊ ڪئي اٿو
     
  8. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    ادا سليمان توهان جي ڪوششن جي عيوض ئي اهڙيون بهترين سوکڙيون انٽرنيٽ جي سرچ انجڻ ۾ شامل ٿين ٿيون
    بهترين شاعري ۽ پياري ڊزائين ۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    مهربانيون پيارا

    اوهان مصروف وقت هوندي به سنڌ سلامت لاء ڪجهه گهڙيون ڪڍو ٿا۔ ان لاء ٿورا
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    مهربانيون سائين

    اصل ۾ پراڻڻ رسالن کي پڙهندي ۽ ان وقت جا ليک، شاعري ۽ ڪالم وڻندا اٿم۔

    سائين بشير احمد شاد صاحب کي منهنجا سلام پيش ڪجو۔
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    مهربانيون ڀاء
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    سائين لک ٿورا

    ڀٽ شاهه جا فوٽو به ونڊ ڪجو اوهان جو روهڙيء واري پل تي ورتل هي ڦوٽو وڻيو۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    مهربانيون پيارا عمران

    اڄڪلهه اوهان سان شڪايت ڪانه ڪبي جو اوهان جي مصروفيتن جو اندازو آهي۔ آواز ٽي وي ۽ اوهان جو ساٿ شال وڌي ويجهي ۽ سدا خوش هجو۔

    سائين شاد صاحب جو شمار سنڌ جي سڄاڻ اديبن ۽ شاعرن ۾ ٿئي ٿو ۽ سندس اولاد به سندس نقش قدم تي هلندي سنڌي ادب جي آبياري ڪري رهي آهي۔
     
  14. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    جوانيءَ تي نازان نه ٿيءُ حُسن وارا
    اهي زلف ۾ رهندا خمَ ڪيستائين

    اجهو سج سکن جو هو اڀريو ڪي اڀريو
    سدا رهندا رنج و الم ڪيستائين


    ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔سائين منهنجا شاد جهڙي ڏاهي جي شاعري اوهان جي ڊيزائن واري پوشاڪ ۾ اسان جي دل تي تمام سٺو اثر ڪيو آهي ۔سائين شاد صاحب جي شاعري جي هڪ هڪ بيت ۾ وڏي رمز سمايل آهي ته ڪيستائين ساڳيون حالتن ۾ گذارينداسين۔سڄي زندگي هڪ جهڙيون حالتون ؤ جوانيون نه رهنديون۔آهئي ڳالهيون سچيون آهن ۽ ان کان ڪنهن کي به انڪار نه ٿو ٿئي سگهي۔ توهانجون مهربانيون جو شاد صاحب جي پراڻي شاعري ڳولهي اسان کي پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪيو اٿئو۔
     
  15. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جدائي جا سهبا زخم ڪيستائين (بشير احمد شاد)

    مهربانيون سائين

    مونکي ياد آهي ته وفائي صاحب وفات کان اڳ ڪافي سارا ڪتاب ۽ پراڻا رسالا سنڌ گريجوئيٽس ايسووسيئيشن سچل ڳوٺ کي ڏنا هيا۔ مونکي جڏهن وقت ملندو آهي ته انهن رسالن مان ڪو هڪ پڙهڻ لڳندو آهيان ۽ سٺي شاعري ۽ اهم نوٽ دوستن سان ونڊ ڪندو آهيان۔

    حوصلا افزائي ڪرڻ جي مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو