جواب: منھنجي تصوير ساري سنڌ پريئن جو پاڇو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڀاء عبدالواحد سدا خوش هجو ۔۔۔۔ هن دفعي اوهان وٽ ڀٽ شاهه اچڻ جو پڪو پروگرام هيو پر افسوس جو اوهان موجود ڪونه هيا ۔۔۔۔۔۔۔ روهڙي به اسان جو ئي شهر آهي۔ سنڌو درياء کي ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي۔
جواب: منھنجي تصوير او جيڪو سکر واريءَ پل تي هو جمالو پل سان گڏ پنهنجو به ديدا ڪرائي اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ سدا سرها رهو،
جواب: منھنجي تصوير بس ادا سليمان قسمت ساٿ نه ڏنوجو پوئين ھفتي ًگھر نه اچي سًگھيس۔ ايمرجنسي ڊيوٽي لڳي وئي۔ سچ پڇو مونکي موڪل نه ملڻ جو افسوس نه پيو ٿئي جيترو اوھان جي خدمت نه ڪرڻ جو ٿيو آھي۔
جواب: منھنجي تصوير ادا عبدالوحيد سومرو صاحب اسلام عليڪم۔اسان به ادا نثار ابڙو صاحب واري ساڳئي ڳاله ڪنداسين ته سکر واري پل سان گڏ پنهنجي تصوير ڏيکاري قرب ڪري ڇڏيو۔ڪافي وقت کان اوهان جي ڪا شاعري پڙهڻ جو موقعو نه مليو آهي،ڇا شاعري تان دل کڄي ويو آهي ڇا؟
جواب: منھنجي تصوير سائين عبدالواحد صاحب پنهنجو ديدار ڪرائي اصل توهان قرب ڪري ڇڏيا باقي سائين هڪ ڳاله سمجهه ۾ نه آئي مان سکر آيم ته توهان چيو ته ادا مان ڳوٺ آهيان ۔۔۔۔ وري سائين سليمان صاحب اوهان جي ڳوٺ ٿو اچي ته توهان کي موڪل نه ٿئي ملي ها ها ها ها ها ها هههههههههههههههههههههههههههههههههههههههه ڪا ڳالهه نه آهي ادا هڪ ڏينهن ايندي وڪڙ ۾ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هڪ ڀيري اسان به اوهان کي ٻڌائي اصل نه اينداسين ،،، هههههههههههههههههههه لاجواب تصوير ۽ نظارو آهي ادا ماشاالله ۔۔۔ سدائين گڏ
جواب: منھنجي تصوير واهه ادا واهه توهان ته اسان تي وڏا قرب ڪري ڇڏيا روهڙي ۾ موجود ان پل جا جيڪي تمام خوبصورت آهي ڏسڻ وٽان آهي روبرو پر ڇا ڪريون ڪڏهن زندگي ۾ ايڏهين گهمڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو آهي دعوتن ملڻ جي باوجود به زندگي ۾ موقعو نه مليو آهي۔
جواب: منھنجي تصوير هئي ڙي هئي منهنجي سهڻي سنڌ ۽ ان جا سهڻا ماڻهو۔۔۔سنڌي ماڻهو سٻاجهڙا ٻيلي! جنهن جنهن جو رهن۔۔۔۔ توڙي ڏور رهن، توڙي ڏور رهن ته به تن ۾ مهڪ ملير جي۔ مونکي به ان جڳهه کي ڏسڻو آهي، بس ڪڏهن ته ورندو وا ڪڏهن وسندا مينهن، وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترا۔۔۔سدائين گڏ