ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
شڪارپور شهر جون تاريٍخي جگهون جيڪي اڄ ڪلهه کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيوڻ آهن










ادا ڦلپوٽو فقير اسلام عليڪم”، ادا انگريزن جي زماني ۾ شڪارپور شهر علم ۽ آداب جي ڪري تمام گهڻو مشهور هو،انگريزن ۽ هندن شڪارپور شهر ۾ تمام سٺيون عمارتون ٺاهيون هيون۔ٻاهرين ملڪن ۾ اسان کي وڃڻ جو موقعو مليو آهي ،اهئي ملڪ پنهنجي پراڻين عمارتن ڏي توجھ ڏئي،ان کي ان جي اصلي رنگ ۾ محفوظ ڪري ۔سياحن جي توجھ جو مرڪز بڻائي ان مان پيسئا ڪمائيندا آهن،جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ اهئي پراڻا اثاثا ارباب اختيار جي غفلت جي ڪري پنهنجي تاريخي حثيت کي ختم ڪري رهيا آهن۔اهڙيون خوبصورت عمارتون وري ٺهڻ ۾ ڪافي صديون لڳي وينديون۔توهان جا لک لائق جو پنهنجي محنتن سان ۽ شڪارپور شهر جي راهوسي هجڻ جو ثبوت ڏيندي۔بهترين تصويرون هن اڳڻ جي ڪينئوس تي چٽيون اٿئو۔اسان کي ان ڳالھ جو ڏک ٿيو ته لائيٽ جي مسئلي جي ڪري 29 تصويرون ضايع ٿئي ويون،پر اميد آهي ٽه توهان جهڙن اڻٿڪ ۽ مخلوص ساٿين جي ڪري اهئي تصويرون وري هن اڳڻ تي سجي وينديون۔
خوبصورت ۽ تاريخي شھر جون خوبصورت تصويرون
واه سائين واه تمام پياريون جڳهون سي به اوهان جي شهر جون ڏسي بيحد خوشي ٿي ۔
واهه واهه تمام سهڻي ونڊ، اصل دل خوش ٿي وئي، هاڻ ته شڪارپور گهمڻو پيو، منهنجا ڪيئي دوست پڻ اتي رهندا آهن، منهنجي آفيس ۾ به منهنجو هڪ ڪُليگ اتان جو آهي، جڏهن هن کي هي تصويرون ڏيکاريم ته ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ فخر وچان ٻهڪي رهيو هيو ته ڏس منهنجو شهر ۽ پو هن وڌيڪ گهڻو ڪجهه شڪارپور بابت ٻڌايو۔۔سچ ته منهنجي سڄي سنڌ سون آ۔۔سدائين گڏ
واهه ڙي فقير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اصل دل خوش ڪري ڇڏيئي
شڪارپور جي تصويري تاريخ ۔۔۔ اڻ وسرندڙ تاريخ کي سهيڙي سچ ته ڀلو ڪم ڪيو اٿئي۔ اميد ته سڀ دوست پنهنجي پنهنجي ضلعي بابت اهڙي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ تاريخي تصويرون شيئر ڪري ان ضلعي جو ويٺي سير ڪرائيندا۔