[JUSTIFY]دوستو اڄ ڪافين جي امام مصري شاهه جي ڪافي توهان دوستن سان ونڊ پيو ڪريان، هي ڪافي سُر ڌناسري ۾ آهي حضرت مصري شاهه جي باري ۾ ڪُليات مصري شاهه ۾ لکيل آهي ته ” حضرت سيد مصري شاهه کي پنهنجي دؤر جو صحيح معنا ۾ نمائنده شاعر چئي سگهجي ٿو جنهن جي ڪلام ۾ ۾ ان دؤر جون سموريون خوبيون ۽ خصوصيتون بخوبي نظر اچن ٿيون ، ڪلام جي بي ساختگي صوفيانه نڪته سنجي موزونيت فارسي عربي اردو هندي ۽ سنڌي لفظن جو سهڻو امتزاج تخيل جي بلندي ۽ ڪلام جي سادگي سلاست، فصاحت ۽ بلاغت 19 صديءَ جي پوئين اڌواري دؤر جون خصوصي خوبيون چيون وڃن ٿيون جي سموريون مصري شاهه جي ڪلام ۾ بدرجه اُتم موجود آهن . 1245هجري مطابق 1828 ع ۾ سنڌ جي قديم تاريخي شهر نصرپور جي بزرگ خيز سرزمين ۾ هن صوفي سالڪ ۽ شاعر رضوي سادات جي برگزيده گهراڻي ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ۽ تربيت وڏي ڀاءُ سيد فتح شاهه جي زير نظر ٿي ننڍي هوندي کان ئي مصري شاهه هڪ ذهين ۽ حساس شاگرد هو پر سمورن الله وارن وانگر ظاهري اکر ۽ ڪتابي علم کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ڪين سگهيا، ڪجهه عرصو پاڙي وارن قاضين مان هڪ نايت لائق ۽ حليم استاد قاضي گُل محمد گُل جي مڪتب ۾ سنڌي فارسي ۽ عربي جو ابتدائي درس پرايائين پر پوءِ پنهنجي سر ڪتاب فطرت پڙهڻ لاءِ ان محدود مڪتب کان دست ڪش ٿي ويو تاهم حافظ جي ديوان ، مولانا رومي جي مثنوي ۽ سعدي شيرازي جي لڪليات تي کيس ڪافي عبور حاصل هو. عربي لغت جي ڪتاب قاموس متعلق مشهور آهي ته کيس ان تي ايترو عبور حاصل هو جو ڪو به لفظ پڇڻ سان نه فقط ان جي معنا ڏسيندو هو پر ايترو به ٻُڌائيندو هو ته اهو فلاڻي صُفحي تي آهي ! ديوان حافظ ، مثنوي مولانا رومي ۽ رسالا لطيف ساري زندگي سندس سفر حضر جا ساٿي رهيا. پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ۾ سائين مصري شاهه ڪيڏانهن اچڻ وڃڻ بنهه بند ڪري ڇڏيو فقط پير محمد زمان شاهه جي درگاهه تي چونڪي ڏيڻ لاءِ مهيني ۾ هڪ دفعور ماهه پريئين سومر تي لازمي طور حاضري ڀرڻ ويندو هو. سن 1900ع جڏهن سنڌ جي اڪثر شهرن ڪراچي ۽ حيدرآباد وغيره ۾ وبا ڦهلجي چُڪي هُئي تڏهن ان جو اثر نصرپور تي به پيو ۽ ماڻهن لڏ پلاڻ شروع ڪري ڏني. سندس قبيلي جي نوجوان پاڳاري ميان خدا ڏني ساڻس صلاح ڪئي ته پاڻ کي به هتان هجرت ڪري ڪنهن ٻئي صحتمند هنڌ تي هلڻ گهرجي کيس جواب ڏنائين ته هاڻ هلڻ سان شايد بچي ته پئجي پر هتي مرشد (شاهه محمود عليه الرحمة)جي نيلن جي جا ڇانءُ آهي اُها ڪٿي به نصيب ڪانه ٿيندي، بهرحال ٿيندو اهو ئي جيڪو ڪاتب تقدير اڳيئي تحرير ڪري ڇڏيو آهي. آخر تائين سندس خاندان مان ڪوبه گهر لڏي نه ويو ۽ سمورا سادات پنهنجن ڪکن ۾ محفوظ رهيا. 4 ۽ 5 صفر 1335هجري مطابق 1906 جي وچ واري اڌ رات جو کيس اچانڪ علالت ٿي، جنهن جي ان کان اڳ ڪابه ظاهري علامت نه هُئي انهيءَ مهل پنهنجي پوئين ڪافي”ڏاگهاجيئن ڏينهن نه اڀري، پنڌ پراهون منزل ڏُور“ چيائين . چون ٿا ته کين نزع جي عالم ۾ ڏسي اتي جيڪي موجود هُئا تن کي ارمان ٿيو ته خدا جي برگزيده بندن کي به آخري وقت ۾ ڪيڏي نه تڪليف ٿي سهڻي پوي.! پاڻ اکيون کولي کيس فريائين ته ” ابا! گاذر کي ڪپڙي سان ڪا به دشمني ناهي. هن جو وير آهي مير سان سو جيڪا ميرائي آهي اها پاڻ سان کڻي وڃڻ بجاءِ بهتر ٿيندو ته توري تڪليف وٺي هتي ئي ڇڏي هلجي......!!(ڪتاب ڪُليات مصري شاهه ) دوستو اميد ته مصري شاهه جي هي ڪافي توهان کي پسند ايندي، غريباڻي چترڪاري ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي هن الله لوڪ شاعر کي غريباڻي ڀيٽا ڏني اٿم، آخري اها وينتي ضرور ڪندس ته سنڌي ڪتاب ضرور پڙهندا ڪريو ۽ انهن ڪتابن مان مونکي يقين آهي ته توهان گهڻو ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪندا ، مطالعو ۽ مشاهدو ٻئي شيون لازمي حاصل ڪرڻ گهرجن آخر ۾ مصري شاهه سائين جيڪا سنڌ کي دُعا ڏني هُئي سان لکي توهان کان موڪلايان ٿو[/JUSTIFY] واحد وسائينس آهون عالم جون سُڻي موڪل ٿئي مِينهن کي تل مَ ترسائينس وسائي واٽن تي، اوڀر اُڀائنيس صاحب ساريءَ سنڌ تي بادل برسائينس برڪت وجهي بحر ۾ هرجا هلائينس هو جي سر سُڪي ويا سي واري وهائينس پکان پکن سامهان، اوري اڏائينس هون سدائين هتهين، رب تون رهائينس ”مصري“ ملائنيس کنڊ وانگر کير ۾ (ڪُليات مصري شاهه صُفحو 3)