[JUSTIFY]بي بي سي جي حوالي سان هڪ خبر آئي آهي ته آمريڪي رياست نيواڊا ۾ حڪومت اهڙين گاڏين کي ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪيا آهن جيڪي بغير ڊرائيور جي ّخودڪار نظام تحت ڊرائيونگ ڪنديون۔ گوگل جي مدد سان هاء وي تي هلندڙ ٽويوٽا پرائس ۾ ڪجهه تبديليون ڪري بغير ڊرائيور ٽيڪنالاجي ڪاريون متعارف ڪرايون ويون آهن۔ هن سفر ۾ لاس ويگاس جو مشهور روڊ پڻ شامل آهي۔ هن ڪار جي ڇت تي ۽ ان جي باڊي ۾ وڊيو ڪيمراز، سينسرس ۽ ليزرس جو استعمال ڪيو ويو آهي۔ جي يي ايس سسٽم ذريعي هي گاڏي رستو تلاش ڪندي ۽ ان ۾ لڳل ريڊار سسٽم ذريعي هوء رڪاوٽن جو تعين ڪندي۔ هي لائيسنس جاري ڪندي حڪومت پاران هڪ بل پڻ منظور ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ڪار ڪمپنيون اهو لائسنس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن۔ وڌيڪ تفصيلن لاء بي بي سي جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔[/JUSTIFY]
جواب: بنا ڊرائيور واري گاڏي کي ڊرائونگ لائسنس جاري [JUSTIFY]سائين وساڻ صاحب مهرباني جو توهان دنيا جي ٽيڪنالوجي جو ذڪر ڪيو آهي، اسان پنهنجي ملڪ اندر ڇا ڇا ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهيون، دنيا ڪٿي کان ڪٿي پهچي چڪي آهي پر اسان ڪهڙي طرف ملڪ کي وٺي وڃي رهيا آهيون. اسان جو مخصوص طبقو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سازشون ۽ جتن ڪري رهيو آهي پر جيڪڏهن ايتري توجه سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي تعليم تي سرف ڪن ها ته اسان دنيا کان چار قدم اڳتي هجون ها. بس اسان جي بدقسمتي آهي جو اهڙن بيغيرتن ليڊرن مان ڦاسي ويا آهيون. [/JUSTIFY]
جواب: بنا ڊرائيور واري گاڏي کي ڊرائونگ لائسنس جاري ها ادا محمد سليمان هينئر ئي ڪي ٽي اين تي انهي ڪارجو ديدار ۽ رپورٽ ٻُڌي اٿم، جيڪڏهن اها ڪار سائنسدانن پاران ٺاهيل روبوٽ جي ڪا مشيني شڪل آهي ته پيسينجرن جو الله ئي مالڪ آهي ، اسان روبوٽن جي موضع تي ٺاهيل ڪيتريون ئي فلمون ڏٺيون آهن جيڪڏهن ڪار جي سسٽم مطلب ته ميموري ۾ ڪا خرابي ٿي پئي ته پڪ ڄاڻجو روزانو ون وي جي ٻيو ڪري ڀڃڪڙي ڪري نه ڪري اها ڪار ضرور ڪندي، اها رپورٽ ڏسي ٻيو ڪير پريشان ٿئي يا نه پر ڊرائيورن جا ته ڇيهه ئي ڇڄي پوندا، لڳي ٿو هاڻي دنيا جا ڊرائيور پيزا هٽ جا سيلز مين ۽ گلي گلي ۾ برگر وڪڻندا نظر ايندا، پياري پاڪستان جا ڊرائيور اهڙين ڪار ن جي پاڪستان ۾ اچڻ کانپو لڳي ٿو پڪوڙا وڪڻندا يا آلو برياني جون ديڳون وڪڻندا نظر ايندا۔ بهرحال بنا ڊرائيور ڪار جو اچڻ ڪافي سهوليتن سان گڏ مشڪلون به آڻي سگهي ٿو
جواب: بنا ڊرائيور واري گاڏي کي ڊرائونگ لائسنس جاري اھڙي گاڏي پاڪستان ۾ الاھي ڪڏھن متعارف ٿيندي۔ ھونئن ته ھتي ڊرائيورن واريون گاڏيون به محفوظ نه آھن
جواب: بنا ڊرائيور واري گاڏي کي ڊرائونگ لائسنس جاري اسان جي ملڪ جي ڪرپشن پاورڊ مافيا اهڙين گاڏين کي اچڻ نه ڏيندي ڇو ته ڪنڊڪٽر ۽ ڊرائيورن جو پوءِ جهان پاڻي ڪٿان هلندو۔۔؟؟؟