بي بي سي جي حوالي سان هڪ خبر آئي آهي ته آمريڪي رياست نيواڊا ۾ حڪومت اهڙين گاڏين کي ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪيا آهن جيڪي بغير ڊرائيور جي ّخودڪار نظام تحت ڊرائيونگ ڪنديون۔
گوگل جي مدد سان هاء وي تي هلندڙ ٽويوٽا پرائس ۾ ڪجهه تبديليون ڪري بغير ڊرائيور ٽيڪنالاجي ڪاريون متعارف ڪرايون ويون آهن۔ هن سفر ۾ لاس ويگاس جو مشهور روڊ پڻ شامل آهي۔ هن ڪار جي ڇت تي ۽ ان جي باڊي ۾ وڊيو ڪيمراز، سينسرس ۽ ليزرس جو استعمال ڪيو ويو آهي۔ جي يي ايس سسٽم ذريعي هي گاڏي رستو تلاش ڪندي ۽ ان ۾ لڳل ريڊار سسٽم ذريعي هوء رڪاوٽن جو تعين ڪندي۔
هي لائيسنس جاري ڪندي حڪومت پاران هڪ بل پڻ منظور ڪيو ويو آهي ۽ مختلف ڪار ڪمپنيون اهو لائسنس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن۔
وڌيڪ تفصيلن لاء بي بي سي جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔